مريد خان

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
مريد خان
ٺٽي جو مغل گورنر
1099 کان 1101ھ تائين
پيشرو سردار خان ٻيون
جانشين زبردست خان
ريجنٽ اورنگزيب عالمگير
مذھب اسلام

مريد خان(انگريزي: Mureed Khan)عالمگير جي حڪومت تي ويهڻ جي ٽين سال اسلام قبول ڪيائين ۽ مريد خان جي خطاب سان نوازيو ويو. بهار عجم جو ليکڪ شاعر ٽيڪ چند به ساڻس گڏ ٺٽي آيو هو.[1].سردار خان نو مسلم راجڪمار هو ۽ عالمگير عهد جي ويهين سال ڪيترن راجپوتن سان گڏ ٺٽي پهتو. شهر جي چوڪ تي وڏي گوشت جا دوڪان هجڻ ڪري قاضي حسن کي پهچڻ کان اڳ ئي چورائي موڪليائين، ته قاصائن کي اتان اٿاريو وڃي، ڪٿي لشڪر ڪوئي مسئلو نه ڪري وجهي. قاضي شريعت جو پابند هو تنهن ڪري ان حڪم جي ڪا پرواهه نه ڪيائين ۽ مريد ان جي لشڪر کي ان مارڪيٽ وٽان گذرڻو پيو. سندس لشڪر جڏهن ماڻهن کي ايذائڻ شروع ڪيو ته بادشاهه طرفان مريد خان لاءِ حڪم پهتو ته هن جي نالي جا هيٺيان ٻه نقطا مٿان رکي مسلمانن تي حڪومت ڪرڻ کان لاٿو وڃي. انهيءَ حڪم مطابق 90 ــ 1689ع تي ٺٽي جي صوبيداري تان لاٿو ويو ۽ هو اکين جي بيماري ڪري تغلق آباد هليو ويو.[1]

حوالا[سنواريو]

  1. 1.0 1.1 ڪتاب جو نالو ؛ سنڌ جي تاريخ مصنف؛ سنڌيڪار: اعجاز الحق قدوسي خالد وسير ايڊيشن؛ پهريون 2007ع ڇپيندڙ؛ مهراڻ اڪيڊمي