مرزا حامد علي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

مرزا حامد علي ولد مرزا علي نواز بيگ ڪربلائي، 19 مارچ 1925ع تي ٽنڊي آغا، حيدرآباد جي علمي ۽ ادبي گهراڻي ۾ جنم ورتو،

تعليم[سنواريو]

ابتدا ۾ قرآن پاڪ ۽ فارسيءَ جي تعليم پنهنجي خاندان جي بزرگن خاص ڪري مرزا قربان علي بيگ وٽ حاصل ڪيائين ۽ ان کانپوءِ نور محمد هاءِ اسڪول مان انگريزي تعليم ورتائين.

ملازمتون[سنواريو]

هن تعليم مڪمل ڪرڻ کانپوءِ 1939ع کان 1959ع تائين مختلف سرڪاري کاتن ۾ ملازمت اختيار ڪئي. سرڪاري ملازمت ۾ هن جي طبيعت نه لڳي، ان ڪري 1959ع ۾ ملازمت ڇڏي. 1960ع کان 1991ع تائين حيدرآباد جي ٽالپر حڪمران گهراڻي وٽ ملازم ٿي رهيو.

ادبي سفر[سنواريو]

چوڏهن سالن جي عمر ۾ شاعري شروع ڪيائين. شاعريءَ ۾ مرثيا، سلام، نوحا، غزل، حمد، نعت، رباعي، قصيدي جي صنفن تي طبع آزمائي ڪيائين. شعر ۾ شيخ محمد ابراهيم خليل کان اصلاح ورتائين ۽ مرزا بخش علي بيگ ’ڪوثر‘ کان شاعريءَ جو علم سکيو. اڪثر مشاعرن ۾ خاص ڪري بزم خليل جي مشاعرن ۾ شرڪت ڪندو هو. مرزا صاحب شاعريءَ کانسواءِ محرم جي عزاداريءَ جي ڏينهن ۾ مرثيا خواني ۽ سوز خواني ڪندو هو. خطاطي (خوش خطي) ۾ به کيس وڏي مهارت حاصل هئي.

ڇپيل ڪلام[سنواريو]

هن جي ڪلام جو ’ڪليات حامد‘ مرزا، فياض علي بيگ مرتب ڪيو ۽ سندس مختصر سنڌي ڪلام مرزا فتح علي بيگ شاهد ترتيب ڏنو، جيڪو سندس وفات کانپوءِ 1994ع ۾ گلشن پبليڪيشن حيدرآباد ڇپائي پڌرو ڪيو.

وفات[سنواريو]

سنڌ جي هن نامور شاعر، ڊسمبر 1991ع تي وفات ڪئي، سندس تدفين ٽنڊي آغا جي اباڻي قبرستان ۾ ڪئي وئي.[1]

حوالو[سنواريو]

حوالا[سنواريو]