مخمس

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

مخمس معنيٰ پنج، ھي لفظ عربيءَ جي ”خمس“ مان نڪتو اھي. ھيءَ شاعراڻي صنف آھي، جنھن جي ھر بند ۾ پنج سٽون ھونديون آھن: پھرين بند جون پنج ئي سٽون ھم قافيہ ھونديون آھن ۽ ٻين بندن ۾ شروعاتي چار سٽون ھم قافيہ ۽ پڇاڙي واري يعني پنجين سٽ پھرين بند جي پڇاڙيءَ واري سٽ سان ھم قافيہ ھوندي آھي. ھن قسم جا شعر اڪثر ڪري قصن ڪھاڻين يا ڪنھن بياني مضمون لاءِ چيا ويندا آھن.[1]

حوالا[سنواريو]

  1. ڪتاب: ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت؛ مرتب: مختيار احمد ملاح؛ پبلشر: سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد، سنڌ.