مخدوم غلام محمد ملڪاڻي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
Jump to navigation ڳولا ڏانهن هلو

حضرت سلطان الاولياءَ مخدوم غلام محمد ملڪاڻي رحمة الله عليه

مخدوم غلام محمد رح صاحب نه رڳو پنهنجي وقت جو جيد عالم هو، بلڪه پنهنجي صدي جو مجدد عالم ۽ عارف هو. سندن ولادت 14 رمضان المبارڪ 1276هه بمطابق 5 اپريل 1860ع تي ڳوٺ ملڪاڻي تعلقي دادوءَ ۾ ٿي. والد صاحب سندن نالو غلام محمد رح رکڻ فرمايو، نه معلوم اها ڪهڙي مبارڪ ساعت هئي، جنهن ۾ هڪ عاشق رسول جو ايتري قدر موزون نالو رکيو ويو، جو حرف بحرف صحيح ثابت نڪتو. پنهنجي مهر تي لکرايو هئائين. (نازم ببخت خود که غلام محمدم) (سرور ڪائنات جي غلامي سبب مون کي پنهنجي بخت تي ناز ۽ فخر آهي. ستن اٺن سالن جي عمر ۾ کيس قرآن مجيد پڙهڻ لاءِ ڳوٺ جي نزديڪ هڪ مڪتب ۾ موڪليو ويو. جتي هڪ سال جي عرصي ۾ قرآن مجيد جي تعليم حاصل ڪيائين. سندن استاد هڪ فياض شخص آخوند عبدالڪريم نالي مخدوم جنيد هڪ جيد عالم جي پوين مان هو. ان کان پوءِ دادو جي لڳ سيالن جي ڳوٺ ۾ بهار دانش، انوار سهيلي، تائين فارسي پڙهيو. ساڳئي ئي وقت ۾ دادو جي پرائمري اسڪول ۾ سنڌي ستن درجن جو امتحان پڻ ڏنائين. ملڪاڻي صاحب فارسي پڙهڻ کان پوءِ عربي علم حاصل ڪرڻ ۾ مشغول ٿي ويو. سن 1302هه ۾ 25 ورهين جي عمر ۾ حضرت مولانا محمد حسن صاحب حيدرآبادي جي حلقه درس ۾ عربي جي دستاربندي فرمايائين. هن مدرسي ۾ ملڪاڻي صاحب جن تعليم حاصل ڪئي. انهن استادن مان جيڪي بزرگ هئا، انهن ۾ حضرت مولانا حاجي حسن الله صاحب پاٽائي، حضرت مولانا عطاءُالله صاحب فيروز شاهي ۽ حضرت مولانا محمد حسن صاحب حيدرآبادي. هنن ٽنهي حضرات جي حلقه درس ۾ پاڻ اگرچ چڱو عرصو رهي جدا جدا علوم و فنون جي تعليم حاصل ڪئي هئائين. مگر جيئن ته آخري عبور مولانا محمد حسن صاحب جن جي ئي حلقه تدريس ۾ فرمايو هئائين، تنهن ڪري سڀني عالمن کان مولانا محمد حسن صاحب کي ئي پنهنجو استاد ڪري ڄاڻندو هو. پنهنجي تعليم جو مستند سلسلو ۽ سڀ کان وڌيڪ نسبت شهدادڪوٽي بزرگن سان ڳنڍيندو هو. ڇو ته حضرت مولانا محمد حسن صاحب حضرت مولانا نور محمد صاحب جن جو شاگرد هو. ملڪاڻي صاحب ڪم بيش 40 سالن تائين درس و تدريس ۾ مشغول رهيو. سندن خدمت ۾ رهي تفسير حديث فقه ادب معاني ۽ بديع جي اعليٰ تعليم حاصل ڪندو رهيو. هن کان پوءِ سندس زندگي ۾ اهم انقلاب آيو، جنهن ۾ بيروني ملڪن ۾ هندستان، پنجاب، عراق وغيره جي سير سفر ۾ گذاريائين. هن دوران ۾ هن گهڻن بزرگن جون خانقاهون ڏٺيون ۽ گهڻن مشائخين طريقت شريعت جي خدمت ۾ علوم ظاهري ۽ باطني ۾ ڪمال حاصل فرمايو، عراق ۽ حجاز جي سفر ۾ جو سن 1307هه ۾ فرمايو هئائين. بغداد شريف پهچي حضرت محبوب سبحاني جي درگاهه فلڪ بارگاهه ۾ عبادت الاهي ۾ مشغول رهيو. مخدوم صاحب عراق جي دوران سفر سيد مصطفيٰ قادري کان طريقه عاليه قادريه ۾ دست بيعت ٿيو. هن سلسلي جي سڌ حاصل فرمائي، مگر ٻين سلسلن ۾ اڃا کيس مشائخين طريقت جي جستجو هئي. پاڻ اڃا هندوستان ۽ پنجاب جي سفر تي پوءِ روانو ٿيو هئو. ان کان اڳ سنڌ ۾ آغا عبدالرحمان سرهندي مجددي کان طريقه دست بيعت ٿي خلافت حاصل ڪيائين. هي سن 1315هه جو زمانو هو جو هن هجرت ڪئي هئي. انهي ئي سال جڏهن خواجه ولي محمد جي حلقه ارشاد ۾ ويهي ٻيهر طريقه نقشبنديه ۽ سهرورديه جي تڪميل ڪيائين. تنهن کان پوءِ وري مهڙا شريف واري مشهور اوليا حضرت خواجه محمد قاسم نقشبندي جي خدمت ۾ پڻ نقشبندي طريقي جو گهڻو فيض حاصل ڪيائين ۽ ان طريقي ۾ حضرت مولانا خواجه سيد ميهر شاهه جيلاني گولڙي شرف واري کان سند ورتائين. تصوف ۾ پاڻ اگرچ چئن طريقن جو صاحب هيو. جن جو مٿي بيان ٿي چڪو آهي. مگر پاڻ اجازت حاصل ڪرڻ بعد فقط طريقه عاليه نقشبنديه کي ترويج ۾ آندائين. پنج وقت نماز جا ڪڏهن به هٿان نه وڃائيندو هئو. ازان سواءِ جن صاحبن کانئن عظيم محنتون ڪري مڪمل فيض حاصل ڪيو، اهي خلفا ڪاملين ۾ درج ٿيل آهن. جن جو انداز پڻ بي انداز آهي. مگر انهن حضراتن مان جيڪي بزرگ خانقاهن جا مالڪ آهن ۽ جن دنيا ۾ فيض الاهي جا واهڙ وهائي ڇڏيا. اهي هيٺيان حضرات آهن.

(1) حضرت مولانا فقير محمد ويهڙائي (دادو ضلعو

(2) حضرت مولانا حافظ محمد صالح ڪرمپور (دادو

(3) حضرت مولانا شير محمد اٻاوڙائي (سکر ضلعو

(4) حضرت مولانا سيد خير شاهه جلبانوي (دادو ضلعو

(5) حضرت مولانا عبدالهادي بوبڪائي (دادو ضلعو

(6) حضرت مولانا محمد عبدالله (نواب شاهه ضلعو

(7) حضرت مولانا عبدالرحمان منڇرائي، (دادو ضلعو

(8) حضرت مولانا الحاج محمد موسيٰ منڇرائي (دادو ضلعو

(9) صاحبزاده حضرت مخدوم محمد مصطفيٰ ملڪاڻي رح

(10) صاحبزاده حضرت مخدوم احمد مجتبيٰ ملڪاڻي رح

هاڻ سائين حضرت مخدوم احمد مجتبى ملڪاڻي جن جا جان نشين سائين مخدوم زاهد علي ملڪاڻي نقشبندي سندن خدمتون سرانجام ڏئي رهيا آهن سائين پاڻ دادو شهر ۾ رهائش پذير آهن ۽ سائين جن جي فيض و علم جون محفلون وقت بوقت سر انجام ڏيندا پيا اچن سائين مخدوم زاهد صاحب مورو ۾ هڪ مسجد، فيض علم لاءِ مدرسو پڻ ٺهرائي رهيا آهن جتي هر مهيني جي ٻئين آچر ذڪر وفڪر جي روحاني محفل پڻ منعقد ڪئي ويندي آهي.

مخدوم ملڪاڻي صاحب تاريخ 22 جمادي الثاني سن 1354هه مطابق 22 سيپٽمبر 1935ع آچر ڏينهن هي آفتاب علم و معرفت هن دارناپائدار مان هميشه لاءِ غروب ٿي ويو.