مخدوم امين محمد اول ھالائي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

مخدوم امين محمد -اول-، حضرت مخدوم نوح سرور عليه الرحمة جو فرزند ۽ گادي نشين هو. مخدوم صاحب شريعت ۽ طريقت جو صاحب هو، سندن ولادت 5 ربيع الاول 952ھ بمطابق 17 مئي 1545ع تي ٿي. هن ذڪر ۽ سهروردي طريقي جي ڄاڻ پنهنجي والد کان ورتي. جڏهن سندس عمر 26 سال ٿي ته پنهنجي والد جي مسند سنڀاليائين ۽ مريدن کي ذڪر ۽ -تلقين- جا درس ڏيڻ شروع ڪيائين. مخدوم صاحب جو شمار سنڌ جي وڏن اوليائن ۽ بزرگن ۾ ٿئي ٿو، سندن ڪرامت بابت ڪافي روايتون موجود آهن، هو 16 سال ٻه مهينا سجاده نشين رهيو ۽ 63 سالن جي عمر ۾ 7 شعبان المعظم 1015ھ/ 1606ع جمعي جي ڏينهن منجهند جو هن فاني دنيا مان لاڏاڻو ڪيائين.[1]

حوالا[سنواريو]