مخدوم ابو محمد ھالائي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

حضرت ابو محمد ولد مخدوم امين محمد -اول- ولد مخدوم نوح عليه الرحمت 9 محرم الحرام 980ھ ۾ پنهنجي بزرگ ڏاڏي جي حياتيءَ ۾ ئي پيدا ٿيو ۽ -تصوف- جو طريقو پنهنجي والد محترم کان سکيائين، والد جي وفات کان پوءِ سجاده نشينيءَ جا فرض به ادا ڪيائين. سندن علم ۽ فيض مان ڪيترائي فيضياب ٿيا، -جن- ۾ شيخ هاشم ابن حماد هڪ مشهور بزرگ آهي. مخدوم ابو محمد شريعت جو تمام گهڻو پابند هو. روحانيت ذريعي جيڪي اشارا يا ڳالهيون حاصل ٿينديون هيون انهن تي عمل نه ڪندو هو، بلڪه پاڻ هر حالت ۾ شريعت جي ضابطن ۽ اصولن جو خيال رکندو هو ۽ شرعي طريقت تي عمل ڪندو هو. مخدوم صاحب 35 سال، 3 مهينا سجاده نشين رهيو ۽ ستر سال 9 مهينا 29 ڏينهن حياتيءَ جا بسر ڪري 8 ذوالقعد 1050ھ تي وفات ڪئي.[1]

حوالا[سنواريو]