مواد ڏانھن هلو

محمد مرسي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
Mohamed Morsi
محمد مرسي
سرڪاري تصوير، 2012ع
5th مصر جو صدر
عهدي ۾
30 جون 2012  3 جولاء 2013
وزير اعظمڪمال جنزوري
ھشام قنديل
نائب صدرمحمود مڪي
پيشرومحمد حسين طنطاوي (عبوري)
جانشينعدلي منصور
(عبوري)
غيرجانبدار تحريڪ جو سيڪريٽري جنرل
عهدي ۾
30 جون 2012  30 آگسٽ 2012
پيشرومحمد حسين طنطاوي
جانشينمحمود احمدي نژاد
فريڊم اينڊ جسٽس پارٽي، مصر جو چيئرمين
عهدي ۾
30 اپريل 2011  24 جون 2012
پيشرونئون قائم ٿيل عھدو
جانشينسعد الڪتاتني
پيپلز اسيمبلي جو رڪن
عهدي ۾
1 ڊسمبر 2000  12 ڊسمبر 2005
پيشرونعمان جمعه
جانشينمحمود ابازہ
ذاتي تفصيل
ڄائو8 آگسٽ 1951(1951-08-08)
عدوہ مصر
وفات17 جون 2019(2019-06-17) (عمر 67 سال)
قاھرہ, مصر
سياسي پارٽيفريڊم اينڊ جسٽس پارٽي، مصر
ٻيون سياسي
وابستگيون
مسلم ڀائيچارو
زال/مڙسنغلا محمود (ش. 1979; سندس موت سبب 2019)
ٻار5
الما ميٽرقاھرہ يونيورسٽي
يونيورسٽي آف سدرن ڪيليفورنيا
دستخط

محمد مرسي عیسیٰ العیاط(انگريزي: Muhammad Morsi Esa Al Ayyat ) مصر جو ھڪ انجينيئر جيڪو سياستدان ٿيو ۽ اڳتي هلي 30 جون 2012ع تي مصر جو پنجون صدر ٿيو ۽ 3 جولاء 2013ع تائين ان عھدي تي رھيو[1]. مصري فوج جي جنرل عبدالفتاح السيسي فوجي بغاوت آڻي کيس ان عھدي تان ھٽايو[2] ھي مصر جي فريڊم اينڊ جسٽس پارٽي جو 2011ع کان 2012ع تائين سربراھ رھيو. مرسي شرقيه گورنريٽ جي عدوہ شھر ۾ پيدا ٿيو. ھن قاھرہ يونيورسٽي مان ميٽلرجيڪل انجنيئرنگ جي ڊگري حاصل ڪئي ۽ يونيورسٽي آف سدرن ڪيليفورنيا مان مٽيريل سائنس جي ڊگري ورتي جنھن بعد ڪيليفورنيا اسٽيٽ يونيورسٽي نارٿرج 1982ع کان 1985ع تسث ايسوسيئيٽ پروفيسر طور ڪم ڪيو. ان بعد ھي مصر واپس موٽي زقازيق يونيورسٽي جي انجنيئرنگ واري شعبي ۾ پروفيسر مقرر ٿيو ۽ ان اھا خدمت 2010ع تائين جاري رکي. 2000 ۾ آزاد اميدوار طور پارليامينٽ جي چونڊن م حصو ورتائين. 2011 واري مصر جي انقلاب بعد مرسي فريڊم اينڊ جسٽس پارٽي، مصر جو اھم اڳواڻ بڻجي ويو. 2011 جي چونڊن م ھن جي اھا پارٽي اڪثريت سان چونڊون کٽي آئي. نتيجي ۾ ھي مصر جو صدر چونڊجي ويو. ھن جي صدارت دوران نومبر 2012 ۾ عارضي آئيني پڌرنامي ذريعي لامحدود اختيار حاصل ڪيا جن جي عدالتي نگراني پڻ ختم ڪئي[3][4] 2012 م سندس خلاف مظاهرا شروع ٿي ويا[5] [6] [7][8][9] ملڪ جو نئون آئين 2/3 اڪثريت سان منظور ٿي ويو. جون 2013ع ۾ مظاھرا ڪندڙن سندس استعيفا جو مطالبو ڪري ڇڏيو ۽ فوج انھن جي مدد ۾ بغاوت ڪري ڇڏي. ھن جو ڏنل آئين معطل ڪيو ويو ۽ عدلي منصور کي ملڪ جو عبوري صدر بڻايو ويو. ھن جي حق ۾ ٿيندڙ مظاھرن کي چيڀاٽيو ويو . فائرنگ ۾ 800 مظاھرو ڪندڙ فوت ٿي ويا. مرسي تي مقدمو هلايو ويو.[10] کيس موت جي سزا ٻڌائي وئي جيڪا 2016 ۾ ختم ڪري سندس نئين سر ٻيھر مقدمو ھلائڻ جو فيصلو ڪيو ويو. 17 جون 2019ع ۾ مقدمي دوران وفات ڪري ويو[11][12][13].

حوالا

[سنواريو]
  1. Barakat, Dana; Sullivan, Thomas (26 August 2013). "Jordan Bolstered by Egyptian, Syrian Chaos". Sharnoff's Global Views. 30 August 2013 تي حاصل ڪيل.
  2. "Egypt's army chief Abdel Fattah al-Sisi receives a promotion ahead of likely presidency bid". Australian Broadcasting corporation. 28 January 2014. 4 May 2015 تي حاصل ڪيل.
  3. Sheikh, David D. Kirkpatrick and Mayy El. "President Morsi in Egypt Seizes New Powers" (انگريزي ۾). 19 June 2018 تي حاصل ڪيل.
  4. El Rashidi, Yasmine (7 February 2013). "Egypt: The Rule of the Brotherhood". New York Review of Books. http://www.nybooks.com/articles/archives/2013/feb/07/egypt-rule-brotherhood/?pagination=false. Retrieved 24 September 2013. "The Islamists' TV channels and press called the completion of the draft constitution an 'achievement', 'historic', 'an occasion', 'another step toward achieving the goals of the revolution'. The independent and opposition press described it as 'an Islamist coup'.".
  5. "Egypt's Mursi annuls controversial decree, opposition says not enough". Al Arabiya. 9 December 2012. اصل نسخو مان 9 December 2012 تي محفوظ ڪيل. 9 December 2012 تي حاصل ڪيل. The two issues – the decree and the referendum – were at the heart of anti-Mursi protests that have rocked Egypt in the past two weeks. {{cite news}}: Unknown parameter |dead-url= ignored (|url-status= suggested) (مدد)
  6. Williams, Daniel (15 August 2013). "Muslim Brotherhood abuses continue under Egypt's military". The Washington Post. اصل نسخو مان 27 September 2013 تي محفوظ ڪيل. 22 August 2013 تي حاصل ڪيل. {{cite news}}: Unknown parameter |deadurl= ignored (|url-status= suggested) (مدد)
  7. David D. Kirkpatrick (26 April 2012). "President Mohamed Morsi of Egypt Said to Prepare Martial Law Decree". The New York Times. Egypt. 8 December 2012 تي حاصل ڪيل.
  8. McCrumen, Stephanie; Hauslohner, Abigail (5 December 2012). "Egyptians take anti-Morsi protests to presidential palace". The Independent. London. 5 December 2012 تي حاصل ڪيل.
  9. "Egypt's Morsi rescinds controversial decree". Al Jazeera. 9 December 2012. 30 September 2017 تي حاصل ڪيل.
  10. "Mohamed Morsi death sentence condemned as politically-motivated 'charade' by supporters and rights groups". The Independent. 16 May 2015
  11. "Egypt's ousted president Mohammed Morsi dies in court". BBC News. 17 June 2019. 17 June 2019 تي حاصل ڪيل.
  12. "Egypt's former president Mohamed Morsi dies: state media". Al Jazeera. 17 June 2019. 17 June 2019 تي حاصل ڪيل.
  13. "Former Egyptian president Morsi dies during court hearing". The Jerusalem Post. 17 June 2019. 17 June 2019 تي حاصل ڪيل.