محمد علي پٺاڻ

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

محمد علي پٺاڻ ولد حبيب الله پٺاڻ ليکڪ ۽ شاعر، 3 فيبروري 1962ع تي لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتو.

تعليم[سنواريو]

محمد علي پٺاڻ پرائمري تعليم غوثپور پرائمري اسڪول لاڙڪاڻي ۾ ورتي ۽ ميٽرڪ گورنمينٽ پائيلٽ سيڪنڊري اسڪول لاڙڪاڻي مان ڪئي. هن ايم. اي سنڌي سنڌ يونيورسٽيءَ مان ڪئي.

ملازمت[سنواريو]

محمد علي پٺاڻ هن وقت گورنمينٽ ڊگري ڪاليج ۾ اسسٽنٽ پروفيسر ۽ سنڌي شعبي جو سربراهه آهي.

ناول[سنواريو]

محمد عليءَ ادبي زندگيءَ جو آغاز 1974ع کان ڪيو، شاعريءَ ۽ 50 کن ڪهاڻين کان سواءِ ٻه ناول:

  • ”واٽ وڃائي جن“
  • ”کاهيءَ جي وچ ۾“ لکيا اٿس، پر اڃا اشاعت هيٺ نه آيا آهن.

ادبي خذمتون[سنواريو]

هن جي ڪهاڻين جا ٻه مجموعا ”ميندي لهڻ کان اڳ ۾“ ۽ ”تيلي ٻاري وقت ڏسان ٿو“ ڇپائيءَ لاءِ تيار آهن. هن جو هڪ ڪوتا ناول ”مسافتون ياد جون، ماهوار ‘سوجهري’ ۾ قسطوار ڇپيل آهي. هن 1990ع ۾ کان روزاني عوامي آواز ۾ ”پسي بازاريون“ عنوان سان ڪالم لکڻ شروع ڪيا ۽ ساڳئي نالي سان هن روزاني هلال پاڪستان ۽ روزاني عبرت ۾ به لکيا، جڏهن ته ڪاوش جي قيام کان وٺي وقت به وقت ان ۾ ڪالم لکندو رهيو آهي.[1] هن ڪيترا ڊراما لکيا آهن، جن مان: ”اڇي رات ڪارو چنڊ“ ۽ ”انصاف“ ڊراما سيريز کان سواءِ 20 کن سولو پلي مختلف چئنلن تان ٽيليڪاسٽ ٿيا آهن، جن ۾ هڪ ڊرامو ”وهڪرو“ نالي سان ڊائيلاگن کان سواءِ به شامل آهي. محمد علي پٺــاڻ جي شـاعريءَ جا هيٺيان ڪتاب ڇپيا آهن: (1)“اکيـون آلا چـنـڊ” (1988ع)، “عاشورا آهن” (1995ع)، (2) “اگهيا اوجاڳا” (2000ع)،[2] (3) “ڀڳو آرس اکين” (2001ع). محمد علي پٺاڻ مختلف رسالن جو ايڊيٽر به رهيو آهي، جن ۾ ”ڏات“ پبليڪيشن (1978ع)، ”مرڪ“ پبليڪيشن (1984ع)، ”نئين دنيا“ پبليڪيشن (1979ع) ۽ ماهوار ”ڪونج“ (1995ع) آهن. هن وقت دڙي مهلي، لاڙڪاڻي ۾ رهي ٿو.[3]

حوالو[سنواريو]

حوالا[سنواريو]

  1. محمد علي پٺاڻ : ليکڪ، شاعر، ڪالم نگار ۽ افسانا نگار | SindhSalamat, وقت 2017-08-04 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 2016-07-29 
  2. http://sindhipeoples.blogspot.com/2012/11/blog-post_7.html
  3. ڪتاب: انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، جلد ٽيون، ڇپيندڙ: سنڌي لئنگئيج اٿارٽي (ISBN: 978-969-9098-40-6) سال: 2011