محمد عظيم شيدا
محمد عظيم ”شيدا“ تعلقي وارهه جي ڳوٺ ”گــُل ٻــُرڙو“ ۾ مولوي محمد عظيم ”شيدا“ ولد لعل بخش سولنگي، 16 رجب المرجب 1306ھ مطابق 8 سيپٽمبر 1886ھ تي تولد لٿيو. مخلتف مدرسن مان فارع التحصيل ٿي، 1325ھ ( 1905ع) ۾ دستار فضيلت ٻڌائين. هن وقت نصيرآباد ۾ سڪونت پذير آهي. ”شيدا“ صاحب درس تدريس سان گڏ تصنيف و تاليف به ڪندو رهيو آهي. ”سيرت مصطفيٰ“ سندس مثالي ڪتاب آهي. حڪمت سان شوق اٿس. نواب غيبي خان چانڊيو ۽ نواب يوسف علي خان جو خانداني معالج آهي. ادبي دنيا ۾ ”شيدا“ تخلص سان ڄاتو سڃاتو وڃي ٿو. هن وقت نهايت پيرسنيءَ ۾ آهي. وٽس وڏو ڪتبخانو پڻ آهي، جنهن ۾ ٽي هزار کن ڪتاب جمع ٿيل آهن. عربي، فارسي، سنڌي ۽ اُردو زبانن ۾ گڏ ٿيل هيءُ علمي ذخيرو پوري پسگردائيءَ ۾ اهميت رکي ٿو. طب تي به فارسيءَ ۾ ناياب ڪتاب هڪ لائبريريءَ ۾ موجود آهن. ڪتاب، سنڀال هيٺ مناسب ورڇ سا رکيل آهن. چاليهارو کن قلمي ڪتاب به وٽس محفوظ آهن.[1]
حوالا
[سنواريو]- ↑ لاڙڪاڻي ضلعي جا ڪتبخانا-- ميمڻ عبدالغفور سنڌي ؛ رسالو:مهراڻ؛ 1984جلد 33 ڇپيندڙ: سنڌي ادبي بورڊ