محمد طور

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
محمد طور
مقام شاھ ڪپور جي پسگردائيءَ ۾ گونگري واھ جي ڪناري تي
علائقو تعلقو ميرپور بٺورو
قسم قديم ڦٽل شھر
تاریخ
معمار محمد طور سومرو
قيام 1256
ترڪ سمن جي دور ۾
دور سومرن جو دؤر
ثقافت سنڌي
رھائش پذير سنڌي

محمد طورسومرن جي ڏينهن ۾ اهو شهر مکيه شهر ۽ سندس پاسي ۾ پيو ٿرڙيءَ جو شهر هو. محمد طور سومرو سنه 654ھ (سنه 1256ع) ۾ سنڌ جي گاديءَ تي هو ۽ پندرهن ورهيه راڄ ڪيائين. انهيءَ اهو شهر ٻڌو، جو سندس نالي پٺيان سڏجڻ ۾ آيو. سنگهار سومري کان پوءِ سندس زال هيموُ پاڻ ادڪ جي ڪوٽ ۾ رهي ۽ پنهنجن سڳن ڀائن کي محمد طور ۽ ٿرڙيءَ ۾ رکيائين. اهو سنه 720ھ (سنه 1320ع) ڌاري هو، جڏهن غازي ملڪ سنڌ ۽ ملتان جو لشڪر وٺي پونئين غزنوي بادشاه خسرو خان کي لاهي پاڻ دهليءَ جو بادشاه ٿيو. جڏهن سنه 752ھ (سنه 1351ع) ڌاري سومرن جي حڪومت پوري ٿي ۽ سما آيا، تڏهن پونيون سومرو حاڪم سپڙ سمن سان وڙهندي مارجي ويو ۽ سومرا محمد طور ڇڏي ڪڇ ڏي هليا ويا؛ پر اتي به ابڙي سمي نه ڇڏين، ۽ سڀني کي ماري ڇڏيائين. جڏهن سما حاڪم ٿيا، تڏهن هنن محمد طور جو شهر ڦٽائي ڇڏيو ۽ انهيءَ جي جاءِ تي ساموئي ۽ ٻيا شهر ٻڌائون. اهي سڀ شهر درڪ پرڳڻي ۾ هئا.[1] ڪتاب تاريخ سومرا سنڌ مطابق :مؤرخن جو رايو آهي ته: ديرڪ پرڳڻو سنڌ جي سري ۾ هو. هنن جو خيال آهي ته لاڙ يا ٿر واري ڪنهن حصي ۾ هو، ان محمد تور جي باري ۾ ڪجهه به چئي نٿو سگهجي ته ڪٿي هو؟ هينري ايليٽ تاريخ طاهري جي حوالي سان لکي ٿو، ”سومرن جو پهريون تخت گاهه طور هو، جو ديرڪ پرڳڻي ۾ الور جي ويجهو ۽ درياء سنڌ جي ڪپر تي هو. دلوراءِ جي ظلم کان جڏهن درياء وهڪرو ڦيرايو ۽ الور ڦٽي ويو، تڏهن سومرا به محمد تور ڇڏي وڃي ٻين هنڌن ۾ ويٺا ”ايليٽ جو اهو بيان پڻ مبهم آهي. ائبٽ جي بيان موجب گنگرو واهه جي ڪپ تي هو جو ريڻ جي هڪڙيءَ شاخ مان نڪرندو هو. ائبٽ سندس عروج جو زمانو سنه 900ع کان سن 1000ع تائين ڏيکاري ٿو. اڄ تائين هن شهر جي قلعي ۾ محلاتن جا نشان بيٺل آهن. اڄ تائين جڏهن برسات پوندي آهي ته سچا موتي ۽ جواهر لڀندا آهن. هن شهر ۾ وڏا وڏا عالم رهندا هئا. ايليٽ صاحب جو قول آهي ته: ديرڪ پرڳڻو هاڻوڪي ڇاڇري ۽ بدين تعلقن جي طرف هو. محمد تور جي ويراني ٿي ٿري شهر ٿري کان پوءِ ڀانئجي ٿو ۽ ٿي سگهي ٿو ته ٿري شهر جي ويراني تي محمد طور آباد ٿيو هجي، جو وڌيڪ ترين قياس آهي. ڊاڪٽر دائود پوٽه صاحب مرحوم لکي ٿو ته: محمد طور ٿري کانپوءِ سومرن جو تخت گاهه هو. ان ويران شهر جا دڙا تعلقي ميرپور بٺوري ۾ شاهه ڪپور جي پسگردائيءَ ۾ گونگري واهه جي ڪناري تي موجود آهن. ڊاڪٽر صاحب وڌيڪ تاريخ طاهريءَ جي حوالي سان لکي ٿو ته: هن حقير (طاهريءَ جي مصنف) بلڪه گهڻن ماڻهن ان شهر جا دڙا عبرت جي اکين سان ڏٺا آهن. انهيءَ جڳهه جي ويران ٿيڻ کانپوءِ، ان طرف جي ماڻهن جو اولاد، سمن جو دؤر ۾ ساڪوره (ساڪره) ۾ آباد هو، ٻيو ڳوٺ ٻڌي ويٺا، جنهن کي محمد طور سڏين ٿا. ”ڊاڪٽر صاحب هن شهر جي ويران ٿيڻ جا ٻه سبب بيان ڪيا آهن.
(1) درياهه سنڌ جي وهڪري جي رخ بدلائڻ ڪري، هي شهر ڦٽي ڀڙڀانگ ٿي ويو.
(2) علاءُ الدين جي سپـﮧ سالار، سالار خان جي اڳواڻيءَ ۾ هن شهر کي ويران ڪري ڇڏيو.[2] يادرکڻ گهرجي ته: علاؤ الدين نه پر جلال الدين خوارزمي سومرن سان وڙهيو هو. ان جو تفصيل ڪنهن ٻئي ڀيري پيش ڪيو ويندو[3]

حوالا[سنواريو]

  1. قديم سنڌ -ان جا مشهور شهر ۽ ماڻهو. مصنف: مرزا قليچ بيگ. ايڊيشن: چوٿون 1999ع. ڇپائيندڙ: سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو
  2. { (مهراڻ نمبر پهريون 1974ع ص 131، 132 بحواله ڊاڪٽر دائود پوٽه تاريخ معصومي تعليقات، ص 362، 363.}
  3. ڪتاب جو نالو ؛ تاريخ سومره سنڌ مصنف؛ وزير علي ايڊيشن: ڇاپو پهريون ايڊيشن؛ مارچ 2001ع ڇپائيندڙ؛ ابن اسماعيل سومره پبليڪيشن جڙيا پور چڪس