محمد جمن چارڻ
فقير محمد جمنولد محمد بخش چارڻ [1628ع – 1736ع]، خيرپور ميرس، تعلقي گمبٽ جي ”کهڙا ڳوٺ“ ۾، غالباً 1038ھ مطابق 1628ع ڌاري، ميان نور محمد ڪلهوڙي جي صاحبيءَ ۾ ڄائو هو. پاڻ هڪ مسڪين فقير هو. خدا پاڪ سندس اکين جي بينائي ختم ڪري ڇڏي هيس؛ جنهنڪري اڪثر محتاجيءَ جي زندگي بسر ڪندو رهيو. تمام وڏيءَ عمر تائين کيس ڪا به اولاد نه ٿي. دل جي وندر ۽ ورونهن لاءِ شاعري ڪندو هو. چوڻ ۾ اچي ٿو، ته هڪ لڱا جيئن ئي جمن چارڻ، پيران پير دستگير عبدالقادر جيلاني رح جي شان ۾ مدح جوڙي رهيو هو، ته کيس ارشاد ٿيو، ته: ”اي نابينا! تنهنجي مدح الله تعاليٰ وٽ مقبول ٿي آهي؛ هينئر جيڪي به تون هڪ سوال ڪندين اهو پورو ٿيندو!!“ انهيءَ غيبي آواز سندس دل ۽ دماغ تي گهرو اثر ڪيو. باالاخر سوچي، زبان مان اها التجا ڪيائين، ته: ”سوني ٻانهينءَ سان ننهن، پٽ جهوليءَ ۾ کير ولوڙيندي ڏسان“– خدا پاڪ سندس سوال اگهايو. فقير جمن، نه صرف مداح جو شاعر هو، بلڪ هڪ سگهڙ به هو. سندس وفات اربع جي رات 14 رجب المرجب 1149ھ مطابق 1736ع تي ٿي آهي. پاڻ پير ڪٽپر جي قبرستان ۾ ابدي آرامي آهي. سندس مذڪوره مداح مان ٻه بند نموني طور هيٺ ڏجن ٿا. ”تون بادشاه بغداد جو، ڪو داد ڪر فرياد جو، سڻ عرض مون بدزاد جو، تون ڪوٽ ٿي فولاد جو، پردو رکين اولاد جو، يا پير پيران بادشاهه! ڪل علم جو ارشاد ڪر، ارشاد جو امداد ڪر، صالح سندم اولاد ڪر، دشمن قوي ڪل ماد ڪر، يا پير پاران بادشاه!“
ھي مضمون ڪچو مضمون آھي. توھان وڪيپيڊيا جي مدد ڪري سگھو ٿا ان کي سنواري. |