محسن ٺٽوي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
محسن ٺٽوي
پيدائش محمد محسن
وفات 1752 ۾ 42 سالن جي عمر ۾
بکر
سَرگَرمُ سالَ ڪلھوڙن جو دؤر
شھرت جو ڪارڻ شاعر
ماءُپيءُ نورمحمد بن ابراهيم

محسن ٺٽوي(انگريزي: Mohsin Thatvi ) ڪلهوڙا دور جي شاعرن مان محمد محسن بن نور محمد بن ابراهيم بن محمد يعقوب جو پيشو خانداني ريشم فروشي هو، منجهان ڪنهن به شخص کي شاعري سان مناسبت ڪا نه هئي، ليڪن محسن هن خاندان مان گران مايه گوهر پيدا ٿيو، هن اهڙي تربيت نواب لطف علي رضوي بکريءَ جي صحبت ۾ حاصل ڪئي هئي، جو نه فقط ڪلهوڙن جي صاحبي ۾ بلڪ سموري سنڌ ۾ هن جهڙو ڪو ورلي شاعر پيدا ٿيو، افسوس! جو هندستان جي تذڪره نويسن کي محسن ٺٽوي متعلق ڪجهه به معلوم ٿي نه سگهيو، ڇاڪاڻ ته تمام تذڪره هن جي بيان کان خالي آهن، افسوس! جو محسن جو قدر هن جي بلند حيثيت جيترو ڪو نه ٿيو[1]، ميان نور محمد هن لاءِ 15 روپيا مستقل ماهوار وظيفو مقرر ڪيو هو، محسن جي سمورن قصيدن ۾ ناقدر شناسي شڪوه موجود آهي، سنڌ جي فارسي شاعرن ۾ محسن ٺٽوي، مير قانع ٺٽوي، محمد پناه ”رجا“ سنڌ ۾ مشهور ٿي گذريا آهن، شعر ۾ ”رجا“ جو مقام مير قانع کان بلند آهي، ليڪن هو محسن کي پهچي نه ٿو سگهي، قانع جي اهميت ۽ عظمت هئي چئبي، جو هن سنڌ جي اڪابر عالمن، فاضلن، دانشورن، درويشن، شاعرن اديبن ۽ هنرمندن جا تذڪره لکي، اسان سنڌين تي عظيم احسان ڪيو آهي، مير علي شير قانع ۽ محمد پناه ”رجا“ مير حيدر الدين ابو تراب ڪامل جا شاگرد هئا، ۽ محسن جو استاد نواب لطف علي رضوي بکري هو، جنهن جي تربيت ڪري، هو قادر الڪلام شاعر بنجي ويو، سکر جي علمي ۽ ادبي معيار لاءِ مٿيون بيان آئينه دار آهي، محسن 1163ھ – 1750ع 42 سالن جي عمر ۾ وفات ڪئي.[1] .

حوالا[سنواريو]

حوالا[سنواريو]

  1. 1.0 1.1 ڪتاب جو نالو ؛ تاريخ سکر :مصنف؛ رحيمداد خان مولائي شيدائي ؛ڇاپو: پهريون سال؛ 1992ع ڇپائيندڙ؛ سنڌي ادبي بورڊ