محدود اتحاد

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

محدود اتحاد يا لميٽيڊ الائنس (Limited Alliance) جنگ ۽ امن جي ڏينهن ۾ ٻن کان وڌيڪ رياستن وچ ۾ ڪن محدود مقصدن جي پورائي لاء ٿيندڙ ٺاھ کي ”محدود اتحاد“ چئجي ٿو. ان قسم جي اتحادن ۾ عام طور سياسي، واپاري ۽ اقتصادي معاملا شامل هوندا آهن. جهڙوڪ آسيان (ASEAN) ۽ سارڪ (SAARC) وغيره. انهن تنظيمن جي ميمبر مُلڪن جي وچ ۾ ٿيندڙ ٺاهه محدود معاملن تي اتحاد کي جنم ڏيندا آهن. هي اتحاد خاص معاملن جي نبيري ۽ حاصلات لاءِ قائم ڪيا ويندا آهن ۽ انهن ۾ سياسي اختلافن کي پرڀرو رکيو ويندو آهي.[1]

حوالا[سنواريو]

  1. سنڌي آنلائين ڊڪشنري[مئل ڳنڍڻو] پاران سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد