مجاز مرسل

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
Jump to navigation ڳولا ڏانهن هلو

مجازِ مُرسل(Synecdoche) عربي ٻولي جو لفظ آهي. هيءُ علم بيان جو هڪ قسم يا نمونو يا صنعت آهي. جنهن جي لفظي يا لغوي معني آهي غير حقيقي موڪليل. جيڪڏھن ڪو شاعر، ڪنھن شيءِ جي عام نالي وٺڻ بدران ان شيءِ جي نالي مان غير حقيقي معني وٺي، جنھن منجھان اھا شيءِ اصل ٺھيل ھجي. مثال جز کي ڇڏي ڪل کي استعمال ڪري يا وري ڪل کي ڇڏي جز کي استعمال ڪري تہ اھڙي صنعت کي مجاز مرسل چئبو آھي.[1] مثال طور ڪو چوي”الحمد“ پڙھ جنهن منجهان سڄي سورت فاتح جو مطلب ورتو ويو.مجاز مرسل جا ڪافي قسم ٿين ٿا جن ۾ اهم هيءُ آهن:

1,ڪُل مان جز جي معني وٺڻ: بازار مان سودو آڻڻ. بازار (ڪُل) چئي هڪ دڪان (جز) جو مطلب ورتو ويو. آڱر وات ۾ دٻائڻ مطلب آڱر جو حصو (جز) وات ۾ ايندو جيڪا سڄي آڱر (ڪُل) مان جز جي معني ورتي وئي.

2جز مان ڪل جي معني وٺڻ: الحمد (جز) سورت پڙهڻ مان مراد سڄي (ڪُل) سورت فاتحه پڙهڻ يعني جز مان ڪل جي معني ورتي وئي.

3سبب مان مُسبب جي معني وٺڻ: بادل خوب برسيو آهي. اصل ۾ بادل يا ڪڪر نه پر پاڻي وسندو آهي. ڪڪر سبب آ ۽ پاڻي مسسب آهي جيڪو ڪڪر جي ڪري وسي ٿو.

4,مسبب مان سبب جي معني: ٻهراڙي ۾ چوڻ مينهن نه پر انُ ٿو وسي مطلب مينهن يا پاڻي وسڻ سان پٽن تي اناج ٿيندو آهي. مسبب مينهن اناج يا انُ سبب آهي.

5، ظرف مان مظرف يعني ٿانو مان ٿانو واري شئي جي معني وٺڻ: اهڙي اُڃ هئس جو سڄو جڳ پي ويو. جڳ مان مراد جڳ وارو پاڻي پي وڃڻ آهي. [2]

حوالا[سنواريو]

  1. ڪتاب: ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت، مرتب: مختيار احمد ملاح؛ پبلشر: سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد، سنڌ.
  2. "مجازِ مرسل اور اقسام". لفظونہ (ٻولي ۾ Urdu). حاصل ڪيل 2020-01-23.