اٺ سٽا

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
(مثمن کان چوريل)

اٺ سٽا يا مثمن (Musamin) قديم فارسي ۽ عربي نظم مثمن جيڪو سنڌي شاعري ۾اٺن سٽن وارو يا اٺ سٽو جي نالي سان رائج ٿيو سو اٺ سٽو سڏيو ويو ۽ صرف اٺن سٽن تي مشتمل آهي. روايتي سنڌي شاعرن عربي ۽ فارسي شاعري جي تتبع تي ’مثمن‘ نظم لکيا، جيڪي علم عروض جي بحر وزنن تي آڌاريل هئا پر جديد سنڌي شاعرن اٺ سٽي ۾ هيئتي نواڻ آندي آهي. جديد شاعري ۾ صرف ’اٺ سٽا‘ لکيا ويا جيڪي عروض توڙي ڇند تي لکيا وڃن ٿا. اصل ۾ مثمن اهڙو نظم آهي جنهن جو ٿلھ ٻن سٽن تي ۽ هر شعر يا مصرع اٺڻ سٽن تي مشتمل هوندو هو ۽ هڪ مثمن نظم ۾ اٺن سٽن تي مشتمل ڪيترائي بند يا شعر هوندا هئا پر جديد شاعرن صرف اٺ سٽو لکيو ۽ ڪيترن ئي شاعرن اٺ سٽا لکيا آهن. اٺ سٽا ترائيل کان مختلف آهن.[1]

”مثمن“ عربي ٻوليءَ جو لفظ آهي، جنهن جي معنيٰ آهي، ”اٺن مصرعن وارو شعر“. اصطلاحي معنيٰ موجب، مثمن اهو نظم آهي، جنهن جو هر هڪ بند اٺن مصرعن تي مشتمل هجي ۽ اهي مصرعون پاڻ ۾ هموزن هجن. مثمن جو پهريون بند اڪثر سڄو هم قافيہ هوندو آهي ۽ باقي هر هڪ بند جون پهريون ست مصرعون پاڻ ۾ هم قافيہ ٿينديون آهن، پر اٺين مصرع وري پهرئين بند سان ساڳئي قافيي ۾ ايندي آهي.[2]


حوالا[سنواريو]

  1. ڪتاب: ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت؛ مرتب: مختيار احمد ملاح؛ پبلشر: سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد، سنڌ.
  2. ڪتاب: ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت؛ مرتب: مختيار احمد ملاح؛ پبلشر: سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد، سنڌ.