مواد ڏانھن هلو

مثاليت پسندي (بين الاقوامي تعلقات)

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
بين الاقوامي مثاليت پسندي (Idealism) جي پرچار ڪندڙ وڊرو ولسن جو وائيٽ هائوس ۾ لڳل سرڪاري پورٽريٽ

مثاليت پسندي جو نظريو (Theory of Idealism) بين الاقوامي تعلقات ۾ خارجہ پاليسي سان لاڳاپيل ھڪ اھم نظريو آھي، جيڪو خاص طور تي پهرين عالمي جنگ کان پوءِ وڌيڪ مقبول ٿيو.[1]

ھن نظريي جا پوئلڳ رياستن وچ ۾ پيدا ٿيندڙ ٽڪرن ۽ تڪرارن جو حل بين الاقوامي قانونن ۽ عالمي ادارن جي ذريعي ڪڍڻ جا حامي آھن [2]. مثاليت پسندي مطابق عالمي مسئلن جو حل قانوني ۽ اخلاقي طريقن سان ٿيڻ گھرجي، ۽ جنگ کي گناھ جي برابر تصور ڪيو ويندو آھي.[3]

ھي نظريو طاقت جي استعمال، جارحاڻين ۽ خطرناڪ پاليسين جي مخالفت ڪري ٿو، ۽ امن، تعاون ۽ گڏيل ذميواريءَ تي زور ڏئي ٿو.[4] مثاليت پسندي مطابق ڪوبہ رويو اھڙو ناھي جيڪو تبديل نہ ٿي سگھي، چاھي اھو ڪنھن فرد جو ھجي يا ڪنھن رياست جو، ۽ نفرتون دائمي نہ ھونديون آھن.

اهم حامي

[سنواريو]

ھن نظريي جا نمايان حامي ھي آھن:

حوالا

[سنواريو]
  1. Joshua S. Goldstein (2014). International Relations. Pearson Education.
  2. Andrew Heywood (2017). Global Politics. Palgrave Macmillan.
  3. "Idealism". Encyclopaedia Britannica. Retrieved 2026-01-31.
  4. E. H. Carr (2001). The Twenty Years' Crisis. Palgrave Macmillan.
  5. Mark Mazower (2012). Governing the World. Penguin.