ماڪڙ

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

ماڪڙ - Locust

ماڪڙ کي Locust چيو وڃي ٿو. ھن جو سائنسي نالو Schistocerca gregaria آھي ۽ ھن جو تعلق Acrididae خاندان سان آھي.

ماڪڙ صحرا ۾ رھي ٿي. جڏھن بہ صحرا جو گرمي پد وڌي ٿو تہ ماڪڙ ھڪ ميڙاڪي سان اڏري ٿي. ھي ھڪ سٿ ۾ حملو ڪري ٿي جنھن جي ڪري ھن کي ماڪڙ جو نالو ڏنو ويو.

ماڪڙ ۾ اڏرڻ جي وڏي طاقت ٿئي ٿي جو ھي ڪيئي ميل اڏري سگهي ٿي ۽ رستي ۾ ايندڙ ھر فصل ۽ ٻوٽي کي چٽي ناس ڪري ٿي. ھي ايتري تعداد ۾ حملو ڪري ٿي جو ھن جي وڏي ميڙاڪي جي ڪري سج جي روشني زمين تان غائب ٿي وڃي ٿي ڄڻ مٿان ڪڪر اچي ويا ھجن.

اڄ بہ عرب ۾ باقائدي طور تي ماڪڙ کي بازار ۾ کپايو وڃي ٿو ۽ کاڌو وڃي ٿو.

جيتن جي ھي قسم 250 ملين سال اڳ پراڻي آھي. ماڪڙ ٻن قسمن جي آھي. (1) بحري (2) بري حليي جي حساب سان ماڪڙ مختلف قسمن جي ٿئي ٿي. ڪي وڏيون ۔ ڪي ننڍيون ۽ ڪي ڳاڙھي رنگ جون ٿين ٿيون. ڪجهه زرد رنگ ۽ سفيد رنگ جون ٿين ٿيون. ماڪڙ کي 6 ٽنگون ٿين ٿيون 2 سيني ۾ ۔ 2 وچ ۾ ۽ 2 پويان. عرب ماڪڙ کان تمام متاثر رھيا آھن جو انهن تي ماڪڙ جو لقب رکيو ويندو ھو. مسلم بن عبدالملڪ بن مروان جو لقب جرادت الصفرا يعني پيلي ماڪڙ ھيو. ماڪڙ جا مختلف نالا ٿين ٿا. ھن جي پيدا ٿيڻ شرط ھن کي ذبي چيو وڃي ٿو. جڏھن پير ۽ پر نڪرن ٿا ھن کي غوغو چيو وڃي ٿو ۽ مادي ماڪڙ جڏھن ڪاري رنگ جي ٿي وڃي ٿي تہ ان کي جرادي سڏيو وڃي ٿو. ماڪڙ جي آنا لاھڻ جو عجيب طريقو آھي جڏھن ھي آنا لاھڻ جو ارادو ڪري ٿي تہ بنجر سخت زمين جو انتخاب ڪري ٿي جيئن ڪنھن انسان جو اتان گذر ٿي نہ سگهي. آنا لاھڻ وقت پنھنجي پڇ سان 4 انچ سوراخ ڪري ان ۾ آنا لاھي ٿي اتيئي گرمي جي ڪري ٻچا ڦٽي اچن ٿا. جيتن جي دنيا ۾ ماڪڙ وڏي منفرد حيثيت رکي ٿي. ھي انتھائي منظم ٿئي ٿي. ھي ڪنھن تربيت يافتہ فوج وانگر حملو ڪري اڳيان پويان تباھي جا داستان ڇڏي ٿي. ھي ڪٺي ٿي ھڪ وقت فصلن جو رخ رکي ٿي. ماڪڙ جڏھن حملو ڪري ٿي، اھا ھڪ فصل جي ھڪ سري کان داخل ٿي فصل کي چٽ ڪري ٻئي سري کان نڪري ٿي ۽ اڳئين فصل ڏي رخ رکي ٿي. ماڪڙ لشڪر جي صورت ۾ اڏري ٿي ۽ پنھنجي سردار جي حڪم جي تابع ھوندي آھي. ماڪڙ جو سردار جاڏي پرواز ڪري لشڪر بہ اوڏانھن اڏري ٿو. ماڪڙ اڏري گڏ ٿي ۽ لھي گڏ ٿي. ھن جي گگ زھر قاتل ٿئي ٿي جنھن فصل يا ٻوٽي کي چٽي ٿي اھي ناس ٿي وڃن ٿا. ماڪڙ جا دنيا ۾ 20 قسم پاتا وڃن ٿا. ماڪڙ ۾ قدرت اهڙي صلاحيت ڏني آھي جو هڪ ئي وقت گڏجي اڏام ڪرڻ ۽ زمين تي لھي گڏجي هلڻ جي صلاحيت رکي ٿي، ماڪڙ پنھنجي اڏام ڪافي اوچائيءَ تي ڪندي آھي ۽ جڏھن ڪروڙن جي تعداد ۾ آسمان تي اڏامندي آھي تہ ڪنهن جهڙ جي ڪڪر نما نظر ايندي آھي. ماڪڙ جي اڏامڻ وقت رفتار 33 ڪلوميٽر في ڪلاڪ ۽ زمين تي هلڻ وقت 333 ميٽر في ڪلاڪ آھي، ماڪڙ جنھن سرسبز علائقي تي لھي حملو ڪندي آھي اتي ڪنهن سائي وڻ يا ساون ٻوٽن جا پن ۽ ڪچيون ڏانڊيون کائي ناس ڪري ڇڏيندي آھي. ماڪڙ ساوڪ کي کائڻ پسند ڪندي آھي ۽ کائڻ جو عمل مرڻ تائين بند ناهي ڪندي، ماڪڙ کي خوارڪ نہ ملي پنھنجي ئي برادريءَ جا مئل مَڪَڙَ کائڻ کان بہ ناهي ڪترائيندي. ماڪڙ جو ڪم لڳاتار کائڻ ۽ وٺيون لاهڻ ھوندو آھي ۽ جنھن علائقي تي حملو ڪندي آھي اهو علائقو ڀڙڀانگ ڪري ڇڏيندي آھي. هڪڙو مَڪَڙُ روزانو پنھنجي وزن کان بہ وڌيڪ خوراڪ کائي سگهي ٿو. ماڪڙن جي ڪٽڪ ۾ ڪروڙين مَڪَڙَ شامل هوندا آھن جن جو مجموعي وزن ڪيترائي ٽن هوندو آھي ان لحاظ ماڪڙ جو هڪ ننڍو ڪٽڪ جنھن جو وزن هڪ ٽن هجي تہ روزانو گهٽ ۾ گهٽ ھڪ ٽن خوراڪ هضم ڪري سگهي ٿو.

ماڪڙ ۽ ماحول :- عرب ۽ آفريڪي ملڪن ۾ ماڪڙ اڪثر پيدا ٿيندي رهندي آھي ڇو تہ ماڪڙ کي پنھنجو نسل وڌائڻ لاءِ وارياسي زمين گهربل هوندي آھي. وارياسي ۽ ريگستاني زمين تي لڳاتار ٻہ چار مھينا وقفي وقفي سان برسات پوي ۽ لڳاتار چار مھينا زمين مسلسل آلي رهي تہ ماحول ماڪڙ جي نسل وڌائڻ لاءِ سازگار ٿي ويندو آھي ڇوجو مادي وارياسي آلي زمين ۾ سوراخ ڪري ان ۾ آنا لاهيندي آھي ۽ سوراخ بند ڪري ڇڏيندي آھي جنھن بعد ڇھن کان اٺن ڏينهن ۾ ٻچا پيدا ٿي ويندا آھن. عرب ۽ آفريڪي ملڪن ۾ ماڪڙ پيدا ٿيڻ تي ماڻھو ماڪڙ پڪري هوادار ٻورن ۾ وجهي مارڪيٽ ۾ وڃي وڪڻندا آھن جنهن کي خريدار شوق سان فرائي ڪري پچائي کائيندا آھن.

زندگي جو چڪر :- ھن جي زندگي جي چڪر کي اڌوري ڪاياپلٽ Incomplete metamorphosis چون ٿا جنھن ۾ آنو Egg ۔ ٻچٽ Nymph ۽ بالغ Adult اچي وڃن ٿا. ھڪ ماڪڙ 8 کان 10 ھفتا زندھ رھي سگهي ٿي. ھر مھيني ماڪڙ 5 کان 7 ڏينھن جي وقفي سان 1 کان 5 پوڏ ڏيئي سگهي ٿي. ھر پوڏ ۾ 30 کان 50 تائين آنا ٿي سگهن ٿا. ماڪڙ جا 5 ڪريز درجا Moulting stages ٿين ٿا. پنجين اسٽيج کي پر نڪرڻ Fledging چئبو آھي. پر نڪرڻ Fledging کان پوء ماڪڙ اڏري نٿي سگهي. ان دوران ھو ٻن ھفتن تائين خوب کائي ٿي ۽ پنھنجي جسم کي مضبوط ڪري ٿي. ھن دوران ھن جا پر نڪرن ٿا ۽ جنسي بالغ Sexually mature ٿي وڃي ٿي. جيڪڏھن موسم ۽ ھوا موافق ھجي تہ ماڪڙ 3 ھزار ڪلوميٽرن تائين لاڳيتو سفر ڪري سگهي ٿي. ڏسجي تہ ماڪڙ ڏينھن جو سفر ڪري ٿي ۽ رات جو آرام ڪري ٿي. ماڪڙ سمنڊ ۾ سڌو سنئون 10 ڏينھن تائين سفر ڪري سگهي ٿي. دراصل ھي پاڻي ۾ تري ٿي. جڏھن پھريون جهڳٽو پاڻي ۾ لھي ٿو اھو مري وڃي ٿو ان کان پوء مئل جسم سمنڊ ۾ ترڻ لڳن ٿا ۽ ماڪڙ انهن مئل ماڪڙن تي ويھي ترڻ جو سھارو وٺي ٿي. ھڪ جهڳٽي ۾ ڪروڙن جي تعداد ۾ ماڪڙ ٿي سگهي ٿي. ماڪڙ 2 ڪلوميٽر مٿي تائين اڏري سگهي ٿي. ماڪڙن جو جهڳٽو ھڪ مربع ڪلوميٽر ٿي سگهي ٿو. ماڪڙ ھڪ ڏينھن ۾ پنھنجي وزن جيترو کاڌو کائي سگهي ٿي.

ماڪڙ جي سنڌ ۾ آمد :- ماڪڙ ھن وقت بلوچستان کان سنڌ ۾ دخل ٿي چڪي آھي. بلوچستان ۾ تباھي مچائڻ بعد سنڌ جي فصلن ڏي رخ رکي چڪي آھي. پاڪستان سميت ڏکڻ ايشيا ۾ ھوائون معمول کان وڌيڪ ھليون جنھن جي ڪري مينھن پيا ائين جنوب مغرب ۾ سعودي عرب ۔ ايران ۽ خليجي رياستن مان پھريون ڀيرو ماڪڙ کي پاڪستان ۾ راھداري ملي. 2003 کان 2005 تائين ماڪڙ وچ آفريڪا ۾ تباھي مچائي ۽ 100 سيڪڙو فصلن کي تباھ ڪيو. آخر پوء سخت سردي ۽ خشڪ موسم ۾ 13 ملين ھيڪٽر تي زميني ۽ فضائي اسپري ڪري ان کي ختم ڪيو ويو جنھن تي لڳ ڀڳ 500 ملين ڊالر خرچ آيا. دنيا ۾ ماڪڙ جا گهڻا حملا قازڪستان ۾ ٿين ٿا. حڪومت ان جي روڪٿام لاء ساليانو ھڪ ڪروڙ 18 لک ڊالر خرچ ڪري ٿي. ماڪڙ جو جهڳٽو جيترو وڏو ھوندو اوترو ان تي قابو پائڻ ڏکيو آھي. ھن کي ختم ڪرڻ جو طريقو آھي تہ ھڪ ئي وقت جهڳٽي تي اسپري ڪري ختم ڪيو وڃي نہ تہ ٻي صورت ۾ ختم نہ ٿيندي.

ماڪڙ کي ختم ڪرڻ جا اپاء :- ماڪڙ کي سخت ۽ خشڪ سردي ۾ ختم ڪري سگهجي ٿو. ماڪڙ بالغ ھجي ۽ مٿان گهڻي بارش پوي تہ ماڪڙ ختم ٿي سگهي ٿي. پکي ۽ ريڙھدار جانور ماڪڙ کائن ٿا ائين بہ ماڪڙ تي قابو پائي سگهجي ٿو. بائيو پيسٽيسائيڊ ڪنٽرول ھي دوا آفريقا ۾ ٺاھي وئي جيڪا ماڪڙ تي قابو پائڻ ۾ وڏي مدد ڏئي ٿي. ماڪڙ جي جهڳٽي تي قابو پائڻ لاء اسپري ضروري آھي پر ان سان گڏ ھيٺين شين جي معلومات رکڻ ضروري آھي. لوڪيشن لائي اسٽيج جهڳٽي جي ايراضي ماڪڙ جي حملي جي شدت

ماڪڙ عربن جو پسنديدھ کاڌو :- سعودي عرب جي اھم علائقي الافلاج ڪمشنري ۾ ماڪڙ زرعي زمينن تي حملو ڪيو ۔ فصلن کي نقصان پھتو پر شھرين جي چاندي ٿي وئي ۽ ماڪڙ کپائيندڙن گنج ڪمايو. عربن ماڪڙ جي حملي کان پريشان ٿيڻ بجاء انهي کي پڪڙڻ شروع ڪيو ۽ گهرن ۾ ماڪڙن مان نوان نوان طعام ٺاھڻ لڳا. ماڪڙ جي حملي کان پوء سعودي عرب جي مختلف بازارن ۾ زندھ ماڪڙ جون ٿيلهيون وڪرو ٿيڻ لڳيون ۽ ڪجهه عربن ھي واپار آنلائين شروع ڪيو. سعودي عرب ۾ ماڪڙ پسنديدھ غذا ھجڻ ڪري اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ قيمتن جي لاھ چاڙھ جي ڪري ماڪڙ جي قيمت بہ ھيٺ مٿي ٿيندي رھي ٿي. ياد رھي تہ ماڪڙ جو شڪار ڪرڻ لاء رات جو وقت مناسب رھي ٿو ڇوجو رات جو ھن جي پرن ۾ اڏرڻ جي طاقت نٿي رھي تہ جيئن شڪارين کان بچي سگهي. ماڪڙ کي ڏسي خوف ۽ ڪڍ جو اظھار ڪيو ويندو آھي پر ماڪڙ عربن جي پسنديدھ طعام آھي. سعودي عرب جي مقامي مارڪيٽ ۾ ماڪڙ جي ٿيلهي 50 ريالن ۾ وڪرو ٿئي ٿي پر حال ۾ ماڪڙ جي ڪمي ھجڻ ڪري ھڪ ٿيلهي جي قيمت 2 سو ريال 7 ھزار روپين تائين پھچي وئي.

ماڪڙ جو شڪار ڪيئن ڪجي ٿو؟ ماڪڙ وڪرو ڪندڙ واپارين جو چوڻ آھي تہ بازار ۾ زندھ ماڪڙ وڪرو ڪئي وڃي ٿي. ماڪڙ جنھن علائقي ۾ حملو ڪري ٿي واپاري اتي اڌ رات جو پڪڙن ٿا ڇوجو رات جو ان وقت ماڪڙ وڻن جي پنن کي چنبڙي آرام ڪندي آھي ۽ اڏرڻ جي ھن ۾ طاقت ناھي رھندي. ڏينھن جو ماڪڙ کي پڪڙڻ ڏکيو ھوندو آھي. عرب ملڪن ۾ خاص طور تي سياري ۾ ماڪڙ جي قيمت آسمان سان ڳالهيون ڪندي آھي.

عرب ملڪن ۾ ماڪڙ کاڌي طور :- عرب ماڪڙ کي خشڪي جو گڳو چوندا آھن. انهن مطابق جيري کڳي ۾ طاقت ٿئي ٿي اوتري طاقت ماڪڙ جي کاڌي مان ملي ٿي. سعودي عرب ۾ زندھ ماڪڙ خريد ڪئي وڃي ٿي ۽ انهن جي پچائڻ جا 2 طريقا آھن. پھريون طريقو:- ماڪڙ کي پاڻي ۾ اٻارڻ کان پوء ان کي تيل ۾ تريو وڃي ٿو ۽ پنھنجي پسند پسند جا مصالحا وڌا وڃن ٿا. ٻيو طريقو :- ماڪڙ کي چانورن ۾ پڪايو وڃي ٿو. آفريڪا ۾ ماڪڙ کي خشڪ ڪري پڪايو وڃي ٿو ۽ ڪجهه ملڪن ۾ ماڪڙ کي سموسن ۾ وجهي پڪائي کاڌو وڃي ٿو.

سھڙيندڙ ماجد علي تنيو