ماموئيءَ يا ساموئيءَجا بيت
سنڌ ۾ مامويين جو قصو مشهور آهي، جي ست درويش ٿي گذريا آهن. چون ٿا ته هڪ لڱا ملتان جو مشهور عارف، مخدوم بهاءُالدين ٺٽي ۾ پنهنجي مريدن کي ملڻ لاءِ آيو. سندس جاهل مريدن ڀانيو ته جيڪڏهن مرشد سائينءَ کي ڪهي ۽ رڌي کائينداسين ته هو هميشه اسان جي هردي ۾ حاضر رهندو.انهيءَ خام خيالي جي خبر مخدوم صاحب جي وڏي خليفي شيخ جيئي کي پئجي ويئي، سو مخدوم صاحب کي گوشائتو ڪري، پاڻ سندس بستري تي سمهي پيو. مريدن به کيس پنهنجو مرشد سمجھي، هڻي ڳترا ڳترا ڪري وڌو، ۽ گوشت ڪُني ۾ وجھي رڌڻ لڳا. جڏهن اهو رجھي تيارٿيو، تڏهن کائڻ کان دل ٽهي وين ۽ ڏاڍو پڇتايائون. پوءِ ڪني جو ڍڪڻ قابو ڪري، کڻي سرڻ درياءُ ڪيائونس. قضا سان اهو ڪنو ڪن ستن مهاڻن جي ور چڙهي ويو. رڌو پڪوڪنو ڏسي، پاٿاري ماري ، گوشت ڪڍندا ڳرڪائيندا ويا. بس هنن جو گوشت چکڻ ۽ ولي ٿيڻ. پوءِ ته اڳڪٿين ڪرڻ ۾ اچي پلٽيا. آخر ڪرامتون ڏيکاريندي، ڪهندي ڪهندي اچي ٺٽي۽ ڄام تماچي جي ڪچهري ۾ نڪتا.ڄام کي چيائون ته تنهنجي تخت هيٺان زمين ۾ هڪ واسينگ آهي،جنهن جي ڦڻ ٺٽي ۾ آهي ۽ پڇڙي دهليءَ ۾. جيسين انهيءَ نانگ جو رخ ٺٽي طرف رهندو، تيسين تنهنجي تخت بخت کي لهر لوڏو نه ايندو. آخر فقيرن جي صلاح سان، لوه جو وڏو ڪير ٺهرائي، زمين ۾ کوڙائي، نانگ جي منڍي قابو ڪيائون. انهيءَ ته ٺٽي جا ماڻهوٺٺوليون ڪرڻ لڳا. ڄام به هوڙائي ڪري ڪيِر کڻي پٽايو. ڇا ڏسن ته چهنب رت سان رتي پيئي آهي. ڪير نڪرڻ شرط نانگ به کڻي پنهنجي منڍي دهليءَ طرف ڦيرائي. پوءِ ماڻهن ۾ هراس پئجي ويو. فقيرن کي گھڻيون ئي منٿون ڪيائون ته ڪئن به ڪري نانگ جو رخ وري ٺٽي طرف ڦيرايو. پر هو باز نه آيا.ڄام کي به ڏاڍا خار آيا، سو يڪدم حڪم ڪيائين ته سسيون ڌڙن کان ڌار ڪريو. جڏهن ست ئي فقير شهيد ٿي ويا، تڏهن هر هڪ جو ڌڙپنهنجي پنهنجي سسي هٿ ۾ کڻندو، ۽ سنڌ جي آئيندي حال بنسبت بيتن ۾ پيشن گوئي ڪندو، اُڀرندي جي طرف اُڏاڻو. جڏهن سڀيئي ڌڙعامريءَ جي ڀر سان پُرڻ درياءٌ جي ڪپ وٽ پهتا، تڏهن زمين تي لهي پيا. سندن قبرون اڄ ڏينهن تائين اُتي ڏسڻ ۾ اچن ٿيون. سندن پيشن گوئي کي ماموئيءَ يا ساموئيءَ جا بيت ڪري سڏيندا آهن.
اُهي هي آهن:
پهريون درويش
[سنواريو]هاڪ وَهندو هاڪڙو، ڀڄندي ٻنڌ آروڙ
بِهَ مڇي ۽ لوڙه، سَمي ويندي سوکڙي.
ٻيو درويش
[سنواريو]وَسِي وَسِي آرُ، جڏهين وڃي ڦٽندو
تڏهن ٻاروچاڻو ٻارُ، پَنجين دَرَمَنَ وِڪبو.
ٽيون درويش
[سنواريو]ڪاري ڪاٻاري، جھيڙو لڳندو ڇَهَ پهر
مِر مِچِي ماري، سُکِ وَسندي سنڌڙِي
چوٿون درويش
[سنواريو]مِر مِچِي ماري، مِر مِچِي ڪهڙا پارَ؟
هيٺين ڪاريون پوتيون، مَٿن ڪارا وارَ.
پنجون درويش
[سنواريو]لڳندي لاڙان، سونڪو ٿيندو سرِي ۾
جڏهن ڪڏهن سنڌُڙِي اُوڳوُڻان وِڻاهُ.
ڇهون درويش
[سنواريو]نِيرا گھوڙا ڏُٻَرا ، اُتَرَ کئون ايندا
گھَاگھيرِيُون گَسن تي، وِراهي ويندا
تِهان پوءِ ٿيندا، طَبَلُ تاجاڻيين جا.
ستون درويش
[سنواريو]اَچي ويهجا، ماڙُهئا! نَنگرَ جي آڌارِ
پُراڻا پَرارِ، نوان مَ اَڏجا نِجھُرا.
حوالو: برٽن صاحب جو ڪتاب: سنڌ ۽ اُن جا ماڻهو.ص 86-92
شاه جو رسالو: گربخشاڻي(1993ء) ص 513-514
ھي مضمون ڪچو مضمون آھي. توھان وڪيپيڊيا جي مدد ڪري سگھو ٿا ان کي سنواري. |