ماليڪيولي قيدخانو

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

سائنسدانن جي هڪ ٽيم، ٽم اسٽروبيل ۽ چينگ جي نگرانيءَ ۾ هائڊروجن جي عجيب ڪوانٽم سڀائن تي تحقيق ڪئي، جنهن جي نتيجي ۾ اھو ڏٺو ويو ته جڏهن H2 جي ماليڪيول کي هڪ آرگنڪ ماليڪيولن جي پڃري ۾ ڦاسايو ويو ته اهو پڃرو هائڊروجن جي ماليڪيول تي اثر انداز ٿيو۔

اڪيلن ائٽمن جي ڪشش جي خوردبيني سطح تي فزڪس کي تفصيل ۾ سمجهڻ سان هڪ حيرت انگيز حقيقت آڏو آئي، جيڪا اڳتي هلي اسان کي نئين مٽيريل کي ترڪيب ڏيڻ ۾ مدد ڪندي ايتريقدر جو مستقبل جون دوائون پڻ تيار ٿي سگهنديون۔ پر ائٽمي سطح تي بهترين نيوٽونين، توهان کي جيڪي فزڪس جا قانون اسڪول ۾۾ پڙهايا ٿا وڃن اهي قيد ٿيل هائڊروجن جي ماليڪيول تي لاڳو نه ٿا ٿين۔

هن تمام ننڍڙي ميدان ۾ مختلف قانون جيڪي ڪوانٽم مڪينڪس جي هيٺ آهن، انهن کي سمجهڻ جي ضرورت آهي ته ائٽمن جي وچ واري تعلق جي توانائي الڳ آهي يا لڳاتار نه آهي ۽ جتي پوزيشنموروثي طور تي غير يقيني آهي ۔ سائنسدانن جي ٽيم وڌيڪ کوجنا جي لاءِ اسپيڪٽرو اسڪوپڪ اوزار استعمال ڪيا، جنهن ۾ اسٽيٽ آف دي آرٽ بنا لچڪ جي نيوٽران اسپيڪٽرو ميٽر جنهن کي VISION سڏجي ٿو، جنهن جي ذريعي ائٽم جي خاص قسم جي تحرڪ واري ماليڪيولي بناوٽ کي جاچڻ کي ڪليٿريٽ سڏجي ٿو۔

ڪليٿريٽ جيڪو ڄاريءَ جي بناوٽ جھڙو آهي، اهو هڪ پڃرو ٺاهي ٿو ۽ ٻين قسمن جي ماليڪيولن کي قيد ڪري ٿو ڄڻ ته اهو هڪ قيد خانو هجي ۔ سائنسدانن جو ڪليٿريٽ وارو اڀياس جنهن کي هائڊوڪوئنن جيڪي آرگنڪ ماليڪيولن جا آهن، اهي H2 ماليڪيول کي قيد ڪن ٿا۔ هر هڪ پڃري ۾ رڳو هڪ هائڊروجن جو ماليڪيول هيو ته جيئن H2 ماليڪيول جو ڌار نموني سان ڪوانٽم سڀاءُ ڄاڻي سگهجي۔ سائنسدانن جي ٽيم مشاهدي جي لائق ٿي وئي ته ڪيئن هائڊروجن جو ماليڪيول پڃري ۾ ڦري ۽ کڙڪي ٿو، پر حيرت واري انداز ۾ مشاهدو ڪيل گردشي حرڪت بلڪل ابتڙ هئي، جنهن لاڳاپيل سسٽم ۾ H2 ڦاٿل هيو ۽ انهيء سسٽم ۾ H2 ماليڪيول لڳ ڀڳ آزاديءَ سان سڀني پاسن ڏانهن ڦرندو ڪندو رهيو ۔

تحقيق ڪندڙ سائنسدانن جي اڳواڻ اسٽروبيل چيو ته هن تجربي ۾ جنهن لڪاءَ جو اسان مشاهدو ڪيو اهو ساڳيو آهي جيڪو سڀاءُ H2 ماليڪيول جو آهي جيئن ڌاتوءَ جي مٿاڇري سان چنبڙيل هوندو آهي۔ هي پهريون ڀيرو آهي جو فزڪس جي ماهرن کي اهڙي قسم جي سڀاءَ جي ڄاڻ ملي آهي ۽ اهو به ٽو ڊائمينشنل هنڊر روٽر ( ٻه طرفو جنهن جي اندرين گردش ڌار هجي) جنهن ۾ هائڊروجن جو ماليڪيولي مشاهدو ڪيٿريٽ جي اندر ڪيو ويو۔ هن ڪيٿريٽ جي مقامي بناوت وارو پڃرو H2 جي تحرڪ تي وڏو اثر وجهي ٿي، جيڪا ٻه طرفي ڦرڻ جو سبب بڻجي ٿي۔ انهيءَ حقيقت کان سواء ته هن ۾ ڪي به ڪيميائي بانڊ شامل نه آهن. هيءَ تحقيق هائڊروجن مٽيريل کي اسٽور ڪرڻ ۾ ۽ خاص طور تي H2 ماليڪيول ڦاسائي توانائي حاصل ڪري ايپليڪيشنز ۾ هڪ جڳھ کان ٻي تائين پهچائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندي۔ [1]

  1. -تحقيق ڪندڙ : ٽم اسٽروبيل، چينگ ۽ ساٿي، سنڌيڪار : پروفيسر بشير احمد سومرو

حوالا[سنواريو]