مارڪسوادي تنقيد

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

مارڪس وادي تنقيد (Marxist Criticism) پليخانوف (Plekhanov)، مهرنگ (Mehring)، دوبرولي بوف (Dobrolybov)، پساريف (Pisarev) ۽ چرني شيوسڪي (Cherny Shevsky) مارڪسوادي تنقيد جا ابتدائي مبلغ ڄاتا وڃن ٿا. هيءَ تنقيد دنيا جي اديبن کان هڪ عالمگير نظرئي جي توقع رکي ٿي. اها زندگيءَ جي نفسيات کي الڳ نٿي ڏسي، بلڪ هڪ ئي وقت زندگيءَ جي ڀرپور طاقت کي ڏسڻ گهري ٿي. مارڪسوادي تنقيد، ادب تي فيصلي صادر ڪرڻ واري جا اختيار (Authoritative) آهي. هن تنقيد مطابق ، ادب فقط اهو آهي جيڪو سماجي نظرئي کي سماج جو وڏي ۾ وڏو اصول تسليم ڪري. انهيءَ ڳالھ جي تائيد ڪندي اي جي اتم (1923-2005ع) لکي ٿو تہ ”ادب انساني خيالات ۽ جذبات جي اظهار جو نالو آهي. اهو سماج جو شاهد آهي.“[1].

حوالا[سنواريو]

  1. ڪتاب: ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت؛ مرتب: مختيار احمد ملاح؛ پبلشر: سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد، سنڌ.