مادي ۾ چرپر

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

هر مادي شئي ۾ چرپر موجود آهي. چرپر جون ڌار ڌار شڪليون، طبعي، ڪيميائي، مشيني، حياتياتي، سماجي وغيره آهن ۽ مادو چرپر کان سواءِ يا چرپر مادي کان سواءِ ٿي نه ٿي سگهي. راهه ۾ پٿر پيل آهي ته اهو جيتوڻيڪ ظاهري طرح ڪا به چرپر ڪو نه ٿو ڪري، پر حقيقت اها آهي ته ان ۾ مشيني ۽ ڪيميائي چرپر جون ڪيتريون ئي حالتون موجود آهن. پٿر ڌرتيءَ تي آهي، تنهنڪري اهو ڌرتيءَ واري چرپر جو حصو ٿي پوي ٿو يعني ڌرتيءَ جي پنهنجي محور (وچ) چوڌاري لاٽونءَ جهڙي چرپر ۽ ڌرتيءَ جي سج چوڌاري چرپر، ۽ سج وري ڌرتيءَ ۽ پنهنجن ٻين سيارن سميت ڪائنات ۾ گس جي حصي طور ڦرندو رهي ٿو. پٿر مختلف قسمن جي ايٽمن يا ماليڪيولن جو ٺهيل آهي، تنهنڪري ايٽمي، اليڪٽراني وغيره چرپر ان اندر موجود آهي ۽ ان جي ڪري پٿر ڳار، ڀور جو شڪار ٿئي ٿو. ڌرتيءَ تي رهندڙ هر ساهواري ۾ اهي سڀ چرپرون ته موجود آهن، پر ان ۾ ساهه ڀريون، حياتيءَ ڀريون، جيوَ ڀريون، يا جاندار چرپرون به موجود آهن جن ۾ ساهه کڻڻ، دل ڌڙڪڻ، سوچڻ، عضون ۽ غدودن جا ڪم، رت جو وهڪرو، جيو-گهرڙن جو ڀڄڻ ۽ ٺهڻ، کُٽڻ ۽ وڌڻ، گئسن جو آڪسيجن، ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ وغيره جي صورت ۾ جذب ۽ نيڪال ٿيڻ وغيره شامل آهن.[1] [2]

حوالا[سنواريو]

  1. شعور (ڊاڪٽر محبت ٻرڙو) | سنڌ سلامت ڪتاب گهر, وقت 2016-07-15 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 2016-07-31 
  2. سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام