مائي ڄامان
مائي ڄامان (Mai Jjama) سنڌ جي تاريخ جي هڪ اهم ۽ ممتاز شخصيت هئي، جيڪا ڪلھوڙا حُڪمران ميان نور محمد ڪلھوڙي جي گهر واري ۽ ميان عبدالنبي ۽ ميان غلام نبي ڪلھوڙي جي ماءُ هئي. هوءَ سنڌ جي مشهور زميندار مِٺا خان جوڻيجي جي ڌيءَ هئي. مائي ڄامان جي شادي ميان نور محمد ڪلھوڙي سان ٿي، جيڪا ٿر جي مشهور عالم دين عبدالله ڏيري جي معرفت طئي ٿي.
مائي ڄامان پنهنجي سخاوت ۽ سماجي خدمتن لاءِ تمام گهڻي مشهور هئي. سندس دور ۾ هن ڪيترائي مسجدون ۽ کوھ تعمير ڪرايا، جيڪي اڄ به سنڌ جي مختلف علائقن ۾ موجود آهن. چوٽيارين ۾ هڪ تاريخي مسجد جوڙيائين، جيڪا واريءَ جي دڙي تي جوڳين واري ڀٽ وٽ موجود آهي. ان مسجد سان گڏ هن نمازين جي سهولت لاءِ کوھ به کوٽرايو، جيئن وضو ۽ پيئڻ لاءِ پاڻي فراهم ٿي سگهي. ٽنڊي آدم ڀٽ شاهه روڊ تي سوئي ڪندر، جوڳين واري ڀٽ، ۽ ڀوپي ٻيلي جهڙن علائقن ۾ پڻ مائي ڄامان مسجدون تعمير ڪرايون. سعيد آباد لڳ شاهو واھ جي کوٽائي به سندس اهم خدمتن مان هئي، جنهن سان هزارين ماڻهن کي پاڻي فراهم ٿيو.
مائي ڄامان کي سندس پيءُ شاهپور چاڪر ڀرسان هڪ وڏي جاگير ڏاج ۾ ڏني هئي. ان جاگير ۾ ئي ميان نور محمد ڪلھوڙي الھ آباد نالي هڪ شھر ٻڌايو. ميان نور محمد جي وفات کان پوءِ مائي ڄامان کي ڏکيا ڏينهن ڏسڻا پيا، پر هوءَ پنهنجي عظمت ۽ صبر سان پنهنجو ڪردار جاري رکيائين. سندس آخري آرام گاهه دولتپور لڳ ميان نور محمد جي قبرستان ۾ آهي.