ماءُ کان سواءِ ٻار جي پيدائش

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

نئين زندگي پيدا ڪرڻ ۾ ماءُ جو ڪردار ٻٽو ٿيندو آهي.

  • 1. زائيگوٽ، مرد جي اسپرم ۽ عورت بيضي جي ملاپ سان ٺهي ٿو.
  • 2. پوءِ ان رائيگوٽ جي واڌ ويجهه ماءُ جي ”رحم“ ۾ ٿيندي آهي.

چين ۾ ڪوئن تي ٿيڻ واري تحقيق ۽ تجربن مان هيءَ ڳالهه سامهو آئي آهي ته نئين زندگيءَ جي ”زائيگوٽ” (شروعاتي گهرڙي) جي ٺهڻ ۾ ماءُ ۽ پيءَ، ٻنهي جو ڪردار لازمي ناهي.

ڪنهن به فرد جي اسٽيم سيل کي اسپرم يا بيضي (بيدي) ۾ تبديل ڪري سگهجي ٿو. ائين اسپرم ۽ بيضي جي ميلاپ سان زائيگوٽ (جين) ٺاهي سگهجي ٿو. جنهن کان پوءِ فطري طريقي سان زائيگوٽ ماءُ جي رحم ۾ واڌ ويجهه ڪري ”ٻار“ بڻجي سگهي ٿو.

  • 1. ان جو مطلب ٿيو ته هڪ مرد جي اسٽيم سيل مان ٺاهيل اسپرم ۽ ٻئي مرد جي اسٽيم سيل مان ٺاهيل بيضي کي ملائي ٻار پيدا ڪري سگهجي ٿو.
  • 2. هڪ مائيءَ جي اسٽيم سيل مان ٺاهيل اسپرم ۽ ٻئي مائيءَ جي اسٽيم سيل مان ٺاهيل بيضي کي پاڻ ۾ ملائي ٻار پيدا ڪري سگهجي ٿو.
  • 3. ٽئين جنس جا فرد به واڌو ڪروموسوم جي نفي ڪري ٻار پيدا ڪرڻ جي عمل شامل ٿي سگهن ٿا.

هڪ شخص (مرد يا عورت) جي اسپرم ۽ ٻئي شخص جي بيضي (بيدي) جي ميلاپ سان ٺاهيل زائيگوٽ (جين)، ڪنهن ٽئين عورت يا ڀاڙي تي ورتل ماءُ (surrogate mother) جي ”رحم“ ۾ واڌ ويجهه ڪرائي ٻار پيدا ڪري سگهجي ٿو. [1] [2]