ماءُ پيءُ جو ادب

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

۽ ماڻھوءَ کي پنھنجي ماءُ پيءُ سان چڱائي ڪرڻ جو حُڪم ڪيوسون، (جو) اوکائيءَ سان سنديس ماءُ کيس (پيٽ ۾) کنيو آھي ۽ اوکائيءَ سان کيس ڄڻيو آھي، ۽ اُنجو (پيٽ ۾) کڻڻ ۽ اُن جو (کير کان) ڇڏائڻ ٽيھ مھينا آھي، تان جو جڏھن پنھنجيءَ جواني کي پُھتو ۽ چاليھن ورھن کي پھتو (تڏھن) چوندو آھي ته اي منھنجا پالڻھار مون کي توفيق ڏي ته تنھنجي انھيءَ نعمت جو شڪر ڪريان, جيڪا مون تي ۽ منھنجي ماءُ پيءُ تي انعام ڪئي اٿيئي ۽ ته (اھڙا) چڱا ڪم ڪريان جن کان راضي رھين ۽ منھنجي اولاد مون لاءِ سُڌار، بيشڪ آءٌ توڏانھن موٽيس ۽ بيشڪ آءٌ مسلمانن منجھان آھيان. (15)

۽ جنھن پنھنجي ماءُ پيءُ کي چيو ته اوھان کان بيزار آھيان مون کي انجام ڏيو ٿا ڇا ته (قبرن مان) ڪڍيو ويندس ۽ بيشڪ مون کان اڳ (ماڻھن جا) ڪيترائي جُڳ گذري ويا آھن، ۽ اُھي ٻئي الله کي ٻاڏائيندا آھن ۽ (چوندا اٿس ته) پنھنجي ڪم بختي ڇڏي ايمان آڻ، بيشڪ الله جو انجام سچو آھي، پوءِ چوندو آھي ته اِھي رڳو اڳوڻن جو آکاڻيون آھن. (17) [1] [2]

ماءُ ۽ پيءُ اهڙيون شخصيتون آهن جن جو احترام هر انسان تي لازم آهي. ساڻن بدسلوڪي خدا سان بدسلوڪيءَ جي برابر آهي. جيڪي پنهنجي والدين کي رنجائين ٿا سي پاڻ به جلد ئي ان جو شڪار ٿيندا. ڪير به ڪاٿو نٿو لڳائي سگهي ته والدين ڪيتري پيار ۽ پاٻوهه مان اولاد جي پرورش ڪن ٿا ۽ کين گهڻا ڏوجهرا برداشت ڪرڻا پون ٿا. سندن اولاد سان محبتن جو ڪاٿو لڳائي ئي نٿو سگهجي. اهوئي سبب آهي جو والدين جو احترام اسان سڀني تي نه رڳو فرض آهي پر اسان کي ان جو ڦل به ضرور ملڻو آهي.

اهي ماڻهو جيڪي والدين خوشنوديءَ کي خدا جي خوشنودي سمجهن ٿا سي دنيا ۽ آخرت ۾ سوڀارا رهن ٿا. جيڪي والدين جي وجود کي بار سمجهن ٿا سي تحقيق شيطان جا پوئلڳ آهن ۽ دنيا ۽ آخرت ۾ سزا جا حقدار بڻجن ٿا.

جيڪڏهن توهان اهو ڄاڻڻ چاهيو ٿا ته ڪو شخص الله تعاليٰ جو ڪيترو احترام ڪري ٿو ته پهرين اهو ڏسو ته اهو شخص والدين جو ڪيترو احترام ڪري ٿو. ان مان بهتر اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته ان شخص جي دل ۾ خدا جي لاءِ ڪيترو احترام آهي. ڏک جي ڳالهه اها آهي ته جيڪي ماڻهو خدا سان محبت جي دعوا ڪن ٿا سي به والدين جو جوڳو احترام نٿا ڪن.

جيڪڏهن ڪو شخص سنئين واٽ تي هلي ٿو ته اهڙن ماڻهن جي والدين جي خوشيءَ جو ڪو ٺڪاڻو نه هوندو آهي. سٺا ڪٽنب ئي سٺي معاشري جي نشاني هوندا آهن. جنهن شخص کي پنهنجي ڪٽنب ۾ ڪو مقام حاصل هوندو آهي ته معاشرو به ان کي احترام جي نظر سان ڏسندو آهي. ان مان اهو ظاهر ٿيو ته جيڪو والدين جو احترام ڪري ٿو ته معاشرو ان جو احترام ڪري ٿو. [3] [4]

  1. سورة الأحقاف
  2. ماءُ پيءُ جو ادب | Indus Asia Online Blog, وقت 2018-08-21 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 2016-09-14 
  3. تخليق خالق کانسواءِ؟ (عمر عطيلا ايرگي / مظفر بخاري) | سنڌ سلامت ڪتاب گهر, وقت 2017-09-12 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 2016-09-17 
  4. ڪتاب: تخليق خالق کانسواءِ، ليکڪ: عمر عطيلا ايرگي