لي ڪوان يئو

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
لي ڪوان يئو
Lee Kuan Yew

GCMG CH
李光耀
وزير اعظم سنگا پور
عهدو سنڀاليو
3 جون 1959 – 28 نومبر 1990
صدر وليم گوڊي (سنگاپور جي حاڪمن جي فهرست)
يوسف بن اسحاق
بينجامن شيئرس
دويوان نيئر
وي ڪم وي
ڊپٽي توه شن شئي
گوه ڪينگ سوي
گوه شاڪ تانگ
پيشرو Position established
جانشين گوه شاڪ تانگ
سنگاپور جو سينئر وزير
عهدو سنڀاليو
28 نومبر 1990 – 12 آگسٽ 2004
وزير اعظم گوه شاڪ تانگ
پيشرو S. Rajaratnam
جانشين گوه شاڪ تانگ
سنگاپور جو وزير سرپرست
عهدو سنڀاليو
12 آگسٽ 2004 – 21 مئي 2011
وزير اعظم لي هسين لونگ
پيشرو Position established
جانشين Position abolished
Secretary-General of the پيپلز ايڪشن پارٽي
عهدو سنڀاليو
21 نومبر 1954 – 1 نومبر 1992
پيشرو Position established
جانشين گوه شاڪ تانگ
Member of Parliament
for تانجونگ پگر گروپ ريپريزينٽيشن ڪنسٽيٽوئنسي
تانجونگ پگر سنگل ميمبر ڪنسٽيٽوئنسي (1955–1991)
عهدو سنڀاليو
2 اپريل 1955 – 23 مارچ 2015
پيشرو Constituency established
جانشين TBD
ذاتي تفصيل
پيدائش ھيري لي ڪوان يئو
16 سيپٽمبر 1923(1923-09-16)
سنگا پور, Straits Settlements
وفات 23 مارچ 2015 (عمر 91 سال)
سنگاپور جنرل اسپتال، سنگاپور
سياسي جماعت پيپلز ايڪشن پارٽي
جيون ساٿي ڪوا گيوڪ شو (1950–2010)
ٻار ٻچا هسين لونگ
Wei Ling
هسين يانگ
مادر علمي لنڊن اسڪول آف اڪنامڪس
فٽزوليم ڪاليج، ڪيمبرج
مذهب Agnosticism[1]

لي ڪوان يئو پيدائشي نالو ھيري لي ڪوان يئو (16 سيپٽمبر 1923 – 23 مارچ 2015) سياست دان ۽ پھريون وزير اعظم سنگا پور جنھن ٽن ڏھائين تائين راڄ ڪيو. ان کي جديد سنگاپور جو باني مڃيو ويندو آھي ۽ ھي ٽئين دنيا جو واحد مثال آھي تہ هن سنگاپور کي جديد دنيا جي مقابلي ۾ آڻي بيھاريو۔[2][3][4][5][6][7] [8]


لي ڪوان يئو
چینی 李光耀


شروعاتي دور[سنواريو]

هن سنگاپور جي هڪ انگريزي اسڪول ۾ تعليم حاصل ڪئي، پر 1942ع ۾ جڏنهن جاپان پاران سنگاپور تي قبضو ڪيو ويو ته سندس تعليم ۾ رڪاوٽ اچي وئي. اڳيان ٽي سال هو بليڪ مارڪيٽ سان جڙيو رهيو ۽ ڇاڪاڻ ته هن کي انگريزي ڳالهائڻ ۾ مهارت حاصل ٿي چُڪي هُئي ، هن جاپان جي پرچار واري محڪمي ۾ پڻ ڪم ڪيو. جنگ کان پوءِ هو ڪُجه عرصي جي لاءِ لنڊن اسڪول آف اڪنامڪس پڻ ويو. اُتان کان ڪيمرج يونيورسٽي هليو ويو ۽ قانون جي تعليم حاصل ڪيائين. کيس قانون ۾ ٻٽِي پهرئين ’ڊبل فرسٽ‘ حاصل ڪرڻ جو اعزاز پڻ مليو۔ انگلينڊ ۾ پنهنجي رهڻ جي دوران مسٽر لي، بي بي سي هوم سروس ۽ ريڊيو فور سان ڪنهن نہ ڪنهن طرح لاڳاپيل رهيو ۽ هن يورنيورسٽيءَ جي هڪ دوست جي چونڊ مهم ۾ پڻ حصو ورتو جيڪو ڊيون جي ڳوٺاڻي علائقي مان پارليامنٽ جي سيٽ جي لاءِ چونڊ وڙهندو رهيو هيو۔ لي جو شاگرديءَ جي زماني کان ئي پڪو سوشلسٽ هيو سنگار پور واپس اچڻ کان پوءِ ٽريڊ يونين جو ناليوارو وڪيل بڻجي ويو۔


سياسي زندگي[سنواريو]

1954ع ۾ پيپلز ايڪشن پارٽي جو باني سرواڻ ۽ پهريون سيڪريٽري جنرل بڻيو ۽ 40 ورهين تائين اهو عهدو گهڻو ڪري وٽس ئي رهيو. 1959ع جي چونڊن ۾ پيپلز ايڪشن پارٽي سڀني کان وڌيڪ سِٽيون کٽيون ۽ سنگاپور، برطانيا کان آجپو ماڻي آزاد ملڪ بڻجي ويو. ڏهن سالن کان پوءِ، مسٽر لي، سنگاپور کي ملائيشيا سان سلهاڙي ڇڏيو، پر ان ڳانڍاپي جي عمر ٿوري هئي. نظرياتي ڇڪتاڻ ۽ نسلي ٽولن جي وچم سخت ٽڪرائن جي ڪارڻ سنگاپور کي فيڊريشن کي ڇڏي، پوري نموني آزاد ملڪ بنجي ويو. اهو فيصلو مسٽر لي جي لاءِ ڏکيو هئو. هو ملائيشيا سان سلهاڙجڻ کي علائقي جي اڳوڻي نو آبادياتي ماضي کان آجپي جو هڪ ذريعو سمجهندو هيو. ان واقعي کي هن ”ڏکايل لمحو“ سڏيو. هن جي ڪجهه مخالفن اهو به چيو ته کيس پارلياماني چونڊن ۾ ايڏي ته گهڻائي ملي وئي هئي جو کيس اهڙو سخت اُپاءُ کڻڻ جي گهرج نه هئي. هن اهو به چيو ته ڪميونزم مخالف نظريئي جو ٽوڙ ڪميونزم ۾ ئي آهي ۽ اولهه جي آزاد جمهوريت، جيئن جو تئين سنگاپور ۾ نٿي لاڳو ٿي سگهي. توڻي جو هو ڪميونزم جي ابتڙ خيالن جو هيو، پر هن تي ان ڳالهه جو ڏوهه لڳو ته هن ڪميونسٽ نموني جي حڪمراني لاڳو ڪئي ته جيئن پنهنجي پاليسين کي اڳيان وڌائي سگهي. توڻي جو ڪميونسٽ حڪومتن جي ابتڙ سندس دور ۾ سنگاپور جي ماڻهن کي گهڻا ئي فائدا حاصل ٿيا. 1990ع ۾، ست ڀيرا چونڊون کٽي اچڻ کان پوءِ جڏهن مسٽر لي اقتدار ڇڏيو ته اهو دنيا ۾ وزير اعظم جي عهدي تي سڀ کان ڊگهو وقت رهڻ وارو وزير اعظم شخص هيو. [9]

پڻ ڏسندا[سنواريو]

حوالو[سنواريو]

حوالا[سنواريو]

  1. "Days of reflection for the man who defined Singapore: A transcript of Minister Mentor Lee Kuan Yew's interview with The New York Times". ٽوڊي (Singapore): pp. 14–17. 13 September 2010. Archived from the original on 8 November 2012. https://web.archive.org/web/20121108095109/http://www.todayonline.com/Print/Commentary/EDC100913-0000046/Days-of-reflection-for-the-man-who-defined-Singapore. 
  2. Reporter: Peter Day (5 July 2000). "Singapore's elder statesman". From Our Own Correspondent. BBC. World Service. 
  3. Hume, Tim (20 March 2011). "The lost world of a wild tribe". Sunday Star Times (Auckland, NZ). http://www.stuff.co.nz/sunday-star-times/features/4784929/The-lost-world-of-a-wild-tribe. "His memoir sits on display in Singapore airport between biographies of founding statesman Lee Kuan Yew and Donald Rumsfeld" 
  4. "Wife of Lee Kuan Yew dies at 89". Bangkok Post. Agence France-Presse. 2 October 2010. http://www.bangkokpost.com/print/199362. "The wife of Singapore's founding father, Lee Kuan Yew, whom the statesman called his "great source of strength and comfort"" 
  5. "US, Japan must help out Asia, says Kuan Yew". New Sunday Times. Reuters (Kuala Lumpur). 22 January 1998. http://news.google.com/newspapers?id=luYVAAAAIBAJ&sjid=-RQEAAAAIBAJ&pg=2803,1615974. "Singapore's elder statesman Lee Kuan Yew said today..." 
  6. "Lagacy of Lee Kuan Yew, 1923-2015". Meet the Press. 23 March 2015. CNBC. CNBC Asia. 
  7. حوالي جي چڪ: Invalid <ref> tag; no text was provided for refs named BBCdeath
  8. http://www.bbc.co.uk/urdu/world/2015/03/150323_obituary_lee_kwan_yew_singapore_zs بي بي سي اردو
  9. http://www.bbc.co.uk/urdu/world/2015/03/150323_obituary_lee_kwan_yew_singapore_zs بی بی سی اردو