ليور برادرز

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
ليور ھائوس، نيويارڪ سٽي

ليور برادرس: برطانيا جي مئنيوفيڪچرنگ ڪمپني 1885 ۾ قائم ٿي .ان ڪمپني جو بنياد ٻن ڀائرن وليم ھيسڪيٿ ليور (William Hesketh Lever)(1851۾ جنم ۽1925۾ وفات) ۽ جيمز ڊارسي ليور(James Darcy Lever)(1854 ۾ جنم ۽ 1916 ۾ وفات) گڏجي وڌو ۽ صابڻ جي پراڊڪٽ شروع ڪيائون. 1930 ۾ ليور برادرز ڪمپني مارجرين يوني(Margarine Unie)سان انضمام ڪري يوني ليور ڪمپني ۾ تبديل ٿي وئي.

تاريخ[سنواريو]

وليم ۽ جيمز جو پيء ڪرياني جو دڪان ھلائيندو ھو پر ھنن ڀائرن وارنگٽن(Warrington) ۾ صابڻ جو ڪاروبار شروع ڪيو. ھنن بولٽن (Bolton) شھر جي ھڪ ڪيمسٽ وليم ھوگ واٽسن (William Hough Watson) کي ڪاروبار ۾ حصيدار ڪيو جنھن ھڪ نئون صابڻ ايجاد ڪيو ھو جنھن م ھن گليسرين ۽ سبزين جو تيل استعمال ڪيو ھو.[1] ان صابڻ جو نالو شروع ۾ ھني سوپ ۽ بعد ۾ سن لائيٽ سوپ رکيو ويو.1988 ۾ ان جي پيداوار ھفتيوار 450 ٽن ٿي وئي.ڪاروبار ۾ اضافي سان ھنن پيداواري يونٽ برومبورو (/Bromborough) ورل پيننسولا (Wirral Peninsula)جي لڳ قائم ڪيا .ورل پيننسولا ڀرسان انھن جو سن لائيٽ صابڻ جو ڪارخانو جتي قائم ٿيو اھو ڳوٺ ھاڻي پورٽ سن لائيٽ سڏبو آھي [2] جيمز ڪمپني ۾ ڪڏهن بہ ڪو خاص حصو نہ ورتو رڳو ڪمپني جو ڏائريڪٽر رھيو. وليم اصل ڪمپني کي ھلائيندڙ ھيو. 1887 ۾ جيمز ذيابيطس جي بيماري جي ڪري ڊائريڪٽرشپ تان استعيفا ڏئي. [3]

ڏکڻ ايشيا ۾ ڪاروبار[سنواريو]

ليور برادرز برٽش انڊيا ۾ ڪاروبار جي شروعات 1888 ۾ سن لائيٽ صابڻ جي وڪري سان ڪئي.1895 ۾ ھن ڪمپني اتي لائيف بواء صابڻ جي ڪاروبار جي ابتدا ڪئي ۽ ڪجهه عرصي بعد اتي ڪمپني لڪس صابڻ ۽ وم (vim) جي بہ شروعات ڪئي.1918 ۾ ڪمپني وناسپتي گيھ جي شروعات ڪئي ۽ 1937 ۾ ڪمپني اتي ڊالڊا جي شروعات ڪئي. 1933 ۾ ليور برادرز انڊيا جي نالي سان ڪمپني قائم ڪئي وئي.1940 واري ڏھاڪي ۾ ڪمپني ڊالڊا جي ڪارخاني لڳائڻ لاءِ رحيم يار خان جي چونڊ ڪئي.[4]رحيم يار خان واري فيڪٽري جي تعمير 1949 ۾ شروع ٿي. صادق آئل اينڊ الائيڊ ملز جو افتتاح وزيراعظم خواجه ناظم الدين ھٿان 1952 ۾ ٿيو ۽ ان سال پاڪستان ۾ ڊالڊا بناسپتي گھ جي شروعات ڪئي وئي.فيڪٽري جي تعمير دوران چيف انجنيئر ايڇ. اي. سنوڊن(H.A.Snowdon) خيمي ۾ رھيو ھو ۽ ان جي زال کيس ڇڏي واپس انگلينڊ ھلي وئي ھئي.1952 ۾ ڪمپني پنھنجو ھيڊ ڪوارٽر بہ رحيم يار خان منتقل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو.[5]

حوالا[سنواريو]

  1. Jeannifer Filly Sumayku, Unilever: Providing Enjoyable and Meaningful Life to Customers آرڪائيو ڪيا ويا 2013-12-15 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين., The President Post, 22 March 2010
  2. "Unilever: A company history". BBC. 22 February 2000. http://news.bbc.co.uk/1/hi/business/651938.stm. Retrieved 9 July 2011. 
  3. Macqueen, Adam (2005). The King of Sunlight: How William Lever Cleaned Up the World. Unilever first started out in new zealand wellington petone but then later on got moved to australia.. Random House. p. 144. ISBN 978-0-552-15087-3. 
  4. {Daily Dawn dated 31st March 2018, Bovril Weddings &Shikar in Rahim Yar Khan}
  5. {Daily Dawn dated 31st March 2018, Bovril Weddings &Shikar in Rahim Yar Khan}