لوھم جو دڙو

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

لوھم جو دڙو، جيڪو ھاڻي شريف آباد ٿي ويو آھي[سنواريو]

نوي واري ڏھاڪي کان اڳ، لوهم جي دڙي (Loham jo Darro) جو آڳاٽو ماڳ ھڪ دڙي جي شڪل ۾ ھوندو ھئو. جنھن کي وفاق جي سرڪاري ڪاڳرن ۾ ”لوھم جو دڙو“ ڄاڻايل ھئو. مقامي ماڻھو ھن دڙي کي اونڌي شھر (Oondho shahir) سان ڀيٽيندا ھئا. ھي ماڳ وفاقي نوادراتي کاتي پاران آرڪيولاجيءَ جي سائيٽ قرار ڏنو ويو ھئو. پر پوءِ ھن تاريخي ماڳ کي سڪني ٻني قرار ڏيارائي، ھتي ٽن ماڻھن پھريان گهر ٺھرايا، جن ۾ ھڪ کي ان وقت پوليس لاڪ اپ به ڪيو، پر ٻن ڏينھن ۾ ئي ڏوڪڙن جي وٺ وٺان ۾ ھمراھ نه رڳو نڪري آيو پر ھڪ سال اندر ھن قديم ماڳ تي چار گھر ٻيا به ٺھي ويا ۽ ائين 1994ع ۾ ھن تي مڪمل طور تي ھڪ ڳوٺ نالي ”شريف آباد“ قائم ٿي ويو.

شريف آباد (Shareefabad) جي اسڪول جي هڪ استاد جاويد احمد آرائين ٻڌايو ته پوري ڳوٺ ۾ ھاڻي منو جريب اھڙو بچيو آھي، جنھن تي جايون ناھن ٺاھيل، باقي ھي سڄو تاريخي دڙو ھاڻي ڳوٺ ٿي چڪو آھي. ھن ٻڌايو ته جڏھن هتي قبضو ڪري گھرن جا بنياد وڌا ويا ھئا ته اندران ھڏيون نڪري رھيون ھيون، ھڏين سان گڏ ٺڪرين جا ٽڪرا به ھوندا ھئا. پر هاڻي ھي تاريخي ماڳ لوھم جو دڙو ناھي رھيو، پر جيڪڏھن پياري ڳوٺ جي ريلوي اسٽيشن واري ڦاٽڪ کان اترين پاسي ڏسبو ته مٿاھينءَ تي ھڪ ڳوٺ ضرور ملندو، جنھن جو نالو ھاڻي ”شريف آباد“ آھي. [1]

حوالا[سنواريو]

  1. لوهم جو دڙو: سنڌ جو قديم ماڳ، ليکڪ: امر فياض، پاران سنڌ ثقافت کاتو