لوڻ جا سن
لوڻ جا سن ڇاڇري تعلقي ۾ ڪوبه سَن ڪونه آهي، باقي ٽنهي تعلقن مٺي، ڏيپلي ۽ ننگرپارڪر ۾ سن آهن، جن مان ڪن ۾ وڏي انداز ۾ لوڻ لڀي ٿو. اهي سن ڪڇ جي رڻ سان ويجهڙائيءَ ۾ مٺي، ڏيپلي ۽ ننگرپارڪر تعلقن جي ڏاکڻي ”وٽ“ واري ڀاڱي ۾ آهن.
تعلقو ڏيپلو: سڀني کان وڏو سن ”سارڻ جو سن“ آهي. هن تي گورنمينٽ جو ضابطو آهي. باقي سن ائين پيا آهن، مگر انهن تان لوڻ کڻڻ جي بندش آهي، جهڙوڪ چکُنڊارو سن، رَتو ۽ ڊگهڙو سن، گوڏان گهڙي جو سن، پُبُوپَل جو سن، گڏهه ڪَرنگهو سن، هٿڙائي جو سن، هٿڻي سن، ڪنڙسن، الياري سن، چِيهالو سن، ڪَنئورليو سن، لاڏي سن ۽ ڇڇيءَ جو سن، وغيره،.
تعلقو مٺي: راگهاريل سن، سُجاڙي سن، ڀوتاڙو سن، گرياڇو سن ۽ ڏاڌوڙ سن وغيره.
تعلقو ننگرپارڪر: گوهيو سن، ڪيرليو سن، ڳاڙهي ترائي سن، ارنيارو سن، موکئي جو سن، جهامري سن ۽ رڙيارو سن. موکئي جي سن مان رنگين قسم جو لوڻ لڀي ٿو، جو چوڪنڊو آهي ۽ وچ ۾ گول ليڪا ڏسڻ ۾ اچن ٿا.[1]
حوالا
[سنواريو]- ↑ ڪتاب جو نالو ؛ تاريخ ريگستان (ڀاڱو ٻيون) -مصنف؛ رائچند هريجن -ايڊيشن؛ ٽيون- سال؛ 2005ع -ڇپائيندڙ؛ سنڌي ادبي بورڊ، ڄام شورو، سنڌ.