لبرلائزيشن
ڏيک
لبرلائزيشن (آزاد خيالي- آزاد ڪاري، آزاد ٺاهڻ جو عمل) (انگريزي: Liberalization ) معاشيات جو ھڪ اصطلاح آهي. ڪنھن بہ ڪاروباري يا مالياتي اداري جي شروعات ڪرڻ لاء پابندين، قاعدن، ضابطن ۽ ھدايتن ۾ نرمي يا تخفيف ڪرڻ واري عمل، يا نئين منڊين ۾ داخلا، ۽ نئين منڊين جي ڌرين جي توسيع پسندانه شرڪت کي لبراليت سڏيو ويندو آهي[1]. اھا پاليسي طور اختيار ٿيندڙ رڪاوٽي رواجن کي رد ڪرڻ جو آغاز ھوندي آھي جن جي ڪري مقصدن ۾ غيرمعمولي تبديليون پيدا ٿينديون آهن يا مقصدن جي نئين سر جوڙجڪ ڪئي ويندي آهي جيڪا آزاد طرز عمل تي مشتمل ھوندي آھي[1].