لاڳاپيل سَرسي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

لاڳاپيل يا نسبتي سَرسي يا ڪامپريٽو ايڊوانٽيج (Comparative Advantage) بين الاقوامي واپار ۾ هلندڙ اصطلاح آهي، جنهن مطابق، ڪنهن به هڪ شخص، ڌُر يا مُلڪ کي ڪنهن خاص وکر يا خدمت جي پيداوار/ صلاحيت گهٽ کان گهٽ مُلهه تي، منڊيءَ ۾ پهچائڻ جو گُڻ هوندو آهي. انهيءَ گُڻ تحت وڌ کان وڌ صلاحيتون استعمال ڪندي معيار ۽ مقدار جي لحاظ کان ٻين ڌُرين ۽ ملڪن کي ڌڪ پھچائي ڪو به وکر/ خدمت مُهيا ڪندي سرسي حاصل ڪئي ويندي آهي. هي اصطلاح ڪنهن هڪ ڌر جي واپاري رتبي کي منڊيءَ ۾ سگهارو ڪندي، کيس بين الاقوامي سياست ۾ به اهميت ڏياري ٿو، ڇاڪاڻ ته اُها ڌُر پنهنجي گھرجن کي پورو ڪندي، پيدا ڪيل واڌو وکر کي امداد، قرض يا ٻين رُخن ۾ استعمال ڪري پنهنجي سياسي ايجنڊا کي اڳتي وڌائي ٿي. [1]

حوالا[سنواريو]

  1. سنڌي آنلائين ڊڪشنري[مئل ڳنڍڻو] پاران سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد