لازم ملزوم
ڏيک
انساني زندگي به اُبتڙن جو ميلاپ آهي. ان ۾ ڏک ۽ سک ٻئي آهن. ٻئي هڪٻئي جي اُبتڙ به آهن ته لازم ملزوم به آهن. اهي زندگيءَ جون اهڙيون هڪٻئي سان لاڳاپو رکندڙ ۽ هڪٻئي تي دارومدار رکندڙ اُبتڻيون آهن، جهڙا ڏينهن ۽ رات، ڄم ۽ موت ۽ سردي ۽ گرمي، نه سک بنا ڏک جو تصور ڪري سگهجي ٿو، نه ڏک بنا سک جو. ٻنهي جو هڪٻئي تي دارومدار آهي ۽ هڪٻئي ۾ سمايل آهن. جيئن ٿَڪ بنا آرام جو، اوجاڳي بنا ننڊ جو، رات بنا ڏينهن جو ۽ سرءُ بنا بهار جو احساس ٿي نٿو سگهي، تيئن جنهن کي ڏکن جي خبر ڪانهي، تنهن کي سکن جو ڪهڙو احساس، ڪهڙو قدر ٿي سگهي ٿو. اُڃ نه هوندي ته شربت به ڪونه وڻندو. ڍاؤل ماڻهو ست رڇي طعامن ڏانهن به اک کڻي ڪونه نهاريندو. [1] [2]
- ↑ سندي ذات هنجن (ادب جي پرک) (رسول بخش پليجو) | سنڌ سلامت ڪتاب گهر, وقت 2017-09-12 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 2016-08-28
- ↑ ڪتاب: سندي ذات هنجن