قومي لاڳاپن جي ترقي ۾ ٻه رجحان

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
Jump to navigation ڳولا ڏانهن هلو

اسان کي قومن جي لاڳاپن جي واڌ ويجهه ۾ سرمائيداري سماج اندر ٻه رجحان ملن ٿا:

(الف) واجب قوميت

(ب) بين الاقواميت.

هي ٻئي رجحان سماجي واڌ ويجهه جي ضرورتن مان جنم وٺندا آهن ۽ تاريخي لحاظ کان ترقي پسند هوندا آهن، هي ٻئي رجحان سرمائيداري سرشتي جا عالمگير قانون آهن.

(الف) واجب قوميت: جنهن ۾ پنهنجي آزاد قومي رياست جي تشڪيل، پنهنجي ٻولي ۽ ثقافت جي ترقي ۽ ڦهلاءُ، قومي زندگي جي بيداري ۽ قومي شعور جي نشونما شامل هوندي آهي.

هن رجحان هيٺ هڪ قوم جا ماڻهو، پنهنجي قوم جي حقن جي حاصلات لاءِ جدوجهد ڪندا آهن، پنهنجي سياسي ۽ اقتصادي آزاديءَ ۽ هر قسم جي قومي ظلم ۽ جبر خلاف جنگ ڪندا آهن. ان ڪري پنهنجي ماهيت جي لحاظ کان هي رجحان ترقي پسند هوندو آهي.

(ب) بين الاقواميت: هن رجحان تحت قومن جي وچ ۾ ڀائپي، برابري ۽ ڳانڍاپو پيدا ڪرڻ مقصد هوندو آهي. هن رجحان تحت قومن کي هڪ ٻئي جي ويجهو آڻڻ، قومن جي وچ ۾ لاڳاپن کي سگهارو ڪرڻ، قومي نفرتن کي ختم ڪرڻ، قومن کي هڪ ٻئي جي سياسي، اقتصادي حاصلاتن ۽ تجربن مان فائدو حاصل ڪرڻ لاءِ سماجي زندگيءَ کي بين الاقواميت عطا ڪرڻ مقصد هوندو آهي. اهڙي رجحان سرمائيداري سماج جي اوائلي دور ۾ ترقي پسند ڪردار ادا ڪيو هو.

سرمائيدار قومون، ننڍين ۽ غير اسريل قومن سان ڳانڍاپا ۽ لاڳاپا برابري ۽ ڀائپي وارن بنيادن تي رکڻ بدران، پنهنجي طاقت جي بنياد تي تي رکنديون آهن. جنهن ڪري قومن جي وچ ۾ بين الاقواميت وڌڻ جي بدران ٽڪراءُ جي صورت اختيار ڪندي آهي ۽ قومن جو هڪ ٻئي جي ويجهو اچڻ وارو عمل خواب رهجي ويندو آهي.[1]

حوالا[سنواريو]