قمري

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

قمري، (نالا: ع. قمري، ف. طرقدار، هه. وغيره___ قمري، توتره ۽ ساق حر.) خاڪي رنگ ۽ ڪٻر جي قد تي هڪ پکي آهي، جنهن جي ڳچيءَ ۾ رنگارنگي ڳانو ٿئي ٿو، مٺو آواز ڪندڙ آهي.

طب[سنواريو]

خاصيت: هن جو گوشت فالـج، لقوي، رعشي، رحم ۽ نزلي جي رطوبت کي خشڪ ڪرڻ لاءِ مفيد آهي. بلغم کي تحليل ڪري ٿو. هن جا آنا ننڍن ٻارن کي کارائبا ته جلد ڳالهائيندا. هن جي وٺ ۽ رت ماکيءَ ۾ ملائي سرمون ڪري پارائجي، ته اک جي بيمارين جهڙوڪ: ڌنڌ، ڦلي، خارش کي فائدو ڪري، هن جو ليپ آلت جي تقويت ۽ طرفين جي لذت لاءِ مجرب آهي.[1]

حوالا[سنواريو]

  1. ڪتاب فرھنگ جعفري :؛ ليکڪ: حڪيم محمد جعفر؛ايڊيشن: 2007؛ پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو