قطر ۾ عورتون

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
قطر ۾ عورتون

شيخا خلف المحمد، محبوبه اخلاغي ۽ باھيه الحامد 2011 واري بين العرب راندين م عورتن جي قطري قومي رائيفل جي ٽيم م تمغا ورھائيندي
جنسي نابرابري وارو اشاريو[1]
ڪاٿو 0.524 (2013)
درجو 113th out of 152
مائن جي موت جي شرح(ھر ھڪ لک تي) 7 (2010)
پارليامينٽ ۾ نمائندگي 0.1% (2013)
25 سالن کان مٿي
سيڪنڊري تعليم
واريون عورتون
66.7% (2012)
پورھيت عورتون 50.8% (2012)
عالمي جنسي وٿي واري رپورٽ [2]
ڪاٿو 0.6299 (2018)
درجو 127th out of 149



قطر ۾ عورتون(انگريزي: Women in Qatar) مليل جليل موقف رکندڙ آھن. قطر جي ھڪ جدید عرب ملڪ ھجڻ سان ھتي جي عورتن کي ڪيترائي حق مليا آھن ، جنھن ۾ تعلیم جو حق ۽ ملازمت جو حق شامل آھي۔ ان کان علاوه ملڪ جون عورتون باضابطه راند جي مقابلن ۾ بہ حصا وٺنديون آھن. تنھن ھوندي به عورتن تي اڃان ڪافي پابنديون آھن

اڪيلي سر سفر تي پابندي[سنواريو]

قطر خلیج تعاون ڪونسل (جي سي سي) ۾ شامل واحد ملڪ آهي جتي اڃا تائين عورتن جي لاءِ مرد جي سرپرستي جو قانون نافذ عمل آھي ۽ جنھن مطابق 25 سال کان گھٽ عمر جي عورت يا ڇوڪري پنھنجي سرپرست مرد کان بغیر ٻاھرين ملڪ ۾ سفر نہ ڪري سگھندي آھي[3] اھا پابندي اسلام جي وھابي تحريڪ جي تعليم کان متاثر ٿيندي لڳائي وئي آهي[4] ان جي ابتڙ سعودي عرب بہ جولائي 2019ع ۾ پنھنجي ملڪ ۾ نافذ عورتن ۽ ٻارن جي سرپرستي متعلق قانون ۾ ترميم ڪري ان قسم جي پابندي ختم ڪري ڇڏي آهي. ھاڻي سعودي عرب ۾ 21 سال کان وڌيڪ عمر جي مرد يا عورت کي پنھنجي سرپرست جي اجازت  کانسواءِ بہ سفر ڪرڻ جي اجازت آهي.

راندين ۾ عورتن جي شرڪت[سنواريو]

قطر ۾ عورتن جي راندين جا کوڙ مقابلا ٿين ٿا، جن ۾ عورتن جا میراٿن بہ شامل آھي، جنھن ۾ ملڪ جون کوڙ عورتون بھرو وٺنديون آھن۔ قطري عورتون عالمي سطح تي بہ راند ۽ تفریحي مقابلن ۾ حصا وٺن ٿيون۔ قطر جي اسماء الثاني قطب شمالي ۾ اسڪائنگ ڪري ھڪ نئي تاریخ رقم ڪئي آھي، جيڪو ڪافي ملڪن جي عورتون اڃا تائين بہ نہ ڪري سگھيون آھن۔ اسماء ملڪ جي فیشن شوز ۾ بہ حصا وٺي چڪي آھي.

سفارتي محاذ ۾ عورتن جي شرڪت[سنواريو]

شیخ علیا احمد ڌيءَ سیف الثاني گڏيل قومن جي اداري ۾ قطر جي مستقل نمائندي طور مقرر ٿي۔ جيڪا ان عھدي تي فائز ٿيڻ واري قطر جي پھرين عورت آھي۔ اھا ھڪ سفارتي گھراني سان تعلق رکي ٿي ۽ ان جي پنھنجي تعلیم قطر ۽ لندن ۾ حاصل ڪئي آهي.


ووٽ جو سياسي حق[سنواريو]

ھن ملڪ ۾ مردن وانگر عورتن کي بہ ووٽ ڏيڻ جو حق تسليم ڪيل آهي ء ان لاءِ عمر جو شرط مرد ۽ عورت جو ساڳيو آهي. اھو حق کين 1999 کان ڏنو ويو آهي.

روزگار جو حق[سنواريو]

عرب دنيا م مزدوري ۾ شرڪت جو حق قطر ۾ ٻين عرب ملڪن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ ڏنل آھي. پر انھن جي مردن سان گڏ ڪم م شرڪت تمام محدود آھي ۽ عورتون ٻاھر نڪرڻ وقت مخصوص لباس پائنديون آھن جن ۾ ابايو شامل آهي.

حوالا[سنواريو]

  1. "Table 4: Gender Inequality Index". United Nations Development Programme. حاصل ڪيل 7 November 2014. 
  2. "The Global Gender Gap Report 2018" (PDF). World Economic Forum. صفحا. 10–11. 
  3. "World Report 2019: Qatar – Human Rights Watch". www.hrw.org. حاصل ڪيل 6 August 2019. 
  4. "Qatar’s Challenge to Saudi Arabia: An alternative view of Wahhabism". academia.edu. حاصل ڪيل 29 December 2014.