قرنو

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

قرنو
قرنو يا چمپا گل
سائنسي درجا بندي e fossil_range: If the specified fossil range is a period supported -- by templates {period_start} and {next_period}, then it incorporates -- the specified range into template {Fossil range}, but checking to -- display properly. Otherwise, just passes parameter. --></noinclude>
Unrecognized taxon (fix): ميسئا


قَرنو (چمپا)،(انگريزي: Mesua ) قرني جو گل هتي مشهور آهي، جنهن مان موتئي ۽ گلاب وانگي عرق ڪڍندا آهن. هنکي هندستانيءَ ۾ چمپا چون ٿا؛ انگريزيءَ ۾ مائڪيلس چمپڪا. هي هڪڙو ننڍووڻ آهي، قد ۾ اٽڪل ويهه فوٽ ٿو ٿئي. پن تمام سهڻا ٿا ٿينس. سياري جي شروع ۽ آخر۾ بيشمار وڏا ۽ سنهڙن پنن وارا گل جهليندو آهي، جي ليمي جي رنگ جهڙا ٿيندا آهن. منجهن تمام چڱي خوشبوءِ ٿيندي آهي، جا پري تائين پئي ايندي آهي.گلن کان پوءِ اهو وڻ وري ٻيرن جهڙو پيلو ڦر جهلي ٿو، جو هن کي بلڪل ٿڪايو ڇڏي، جنهن ڪري بعضي هي وڻ ڦر جهلڻ کانپوءِ ٻئي سال وري گل نه ڪندا آهن. ٻج پوکڻ سان ٿيندو آهي.

هن جماعت جو هڪڙو ٻيو وڻ ٿيندو آهي، جنهن کي ناگ چمپا يا ناگسر چوندا آهن. انهيءَ جاپن نشتر جهڙا ٿيندا آهن، جي مٿان لسا، چمڪندڙ، هيٺان اڇا ۽ پشم وارا. اهو وڻ پهرين مارچ ۾قرمزي رنگ جا گل ڪري ٿو، جنهن ڪري صبح يا شام جو اس پوڻ ڪري، وڻ پري کانباهه جي شعلي يا مچ وانگي پيو ڏسجي ۽ اپريل ۾ وري وڏا پيليءَ اک سان اڇا گل ڪري ٿو. انهن جي خوشبوءِ آسپاس کي واسي ڇڏيندي آهي.هنکي انگريزيءَ ۾ آئرن ووڊ ٽري (يعني لوهه جي ڪاٺيءَ جو وڻ) چون ٿا. ڪتابي نالو اٿس ميسوئا.

ٽيون قسم به هن جو آهي، جنهن کي سلطان چمپا چون ٿا. هي وڏي قد جو وڻ آهي، وڏن، لسن، ڳوڙهن ۽ ساون پنن سان ٿئي ٿو. هي وڏا ۽ اڇي رنگ جا خوشبودار گل جهلي ٿو، جن مان وري بيشمار وڏا ٻج نڪرندا آهن. جون مهيني ۾ گل ڪري ٿو. انگريزي نالو اٿس ڪالو لمف ۽ زردي رنگ جا ٿين ٿا. پاڙون ڇني ڌار ڪري هڻڻ سان پيدا ٿئي ٿو. آڪٽوبر ۾ پوکبو آهي..[1]

حوالا[سنواريو]

  1. ڪتاب: باغ ۽ باغباني؛ ليکڪ: مرزا قليچ بيگ؛ايڊيشن:1960؛پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو