قرض جي ادائيگي
قرض چڪائي(انگريزي: Amortization ) بئنڪ جي قرض جي بقاياجات متعلق ٿيل معاھدي مطابق طئي ٿيل تاريخن تي باقاعده ادائيگين جي عمل کي قرض چڪائي سڏيو ويندو آهي[1]. ان جو مطلب اھو آھي تہ ڪنھن قرض جي بقايا زر اصل ۾ باقائدگي سان قسطن ذريعي ادائيگي سان تخفيف آھي جيڪي قسطون طئي ٿيل تاريخن تي ادا ڪيون وينديون آهن[1]. ان کي سرعي (تڪڙو) تناسب پڻ سڏيندا آهن[1]. يا وري ادائيگيون جاري نقد رقمن جي ونھوار (cash flow) ، آمدني يا سنڪنگ فنڊ مان ڪيون وينديون آهن[1]. ڪنهن بہ هڪ ملڪ کان ٻئي ملڪ کي مليل قرض طور ڏنل انهن ڏوڪڙن جي ادائگي (Amortization)، جيڪي بظاهر ٻڏي چڪا هجن. اها ادائگي قسطن ۾ ۽ آهستي آهستي ٿيندي آهي. قرض جي اهڙي موٽ دوران قرض ڏيندڙ ۽ وٺندڙ رياستون، روايتي شرطن کان هٽي، ڪُجھ نوان معيار قائم ڪنديون آهن، تہ جيئن ٻنهي ڌُرين جي سهولت کي نظر ۾ رکندي ، معاملي کي خير خوبيءَ سان حل ڪري سگهجي . اهو عمل واپاري تڪرارن کي گهٽائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو آهي.[2] قرض کڻڻ کان پوء جڏھن مقرر وقت تي ادا ٿي نہ سگھندو آھي ۽ قرضي باقيدار ٿي ويندو آھي تہ پوء نئين معاھدي تحت رھيل زر اصل جي واپسي جي قسطن م ادائگي کي قرض چڪائي سڏيندا آهن.
حوالا
[سنواريو]- ↑ 1.0 1.1 1.2 1.3 [Glossary, Banking and Finance; by : Shakil Faruqi, second edition, State Bank of Pakistan ]
- ↑ سنڌي آنلائين ڊڪشنري[مئل ڳنڍڻو] پاران سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد