قرضن جي ادائگيءَ جوگهوٽالو

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
Jump to navigation ڳولا ڏانهن هلو

قرضن جي ادائگيءَ جوگهوٽالو يا ڊيٽ ڪرائسز (Debt Crisis) اصل ۾ نون اُُسرندڙ صنعتي ملڪن طرفان عالمي ادارن کان اڏاوتن ۽ ترقيءَ لاءِ ورتل اهڙو قرض، جيڪوغلط معاشي رٿابنديءَ سبب مٿانئن بار بڻجي وڃي ۽ اُهي ورتل قرض لاهڻ يا انهن جي مقرر ادائگي ڪرڻ جي جاکوڙڙ ۾ سخت ۽ ڊگهي معاشي دٻاءَ جو شڪار ٿي وڃن. 1970ع جي ڏهاڪي ۾ تيل جو ملهه وڌڻ، ڏيساور سامان موڪلڻ ۾ گهٽتائيءَ، ورتل قرضن تي وياجن جي ڳري شرح، قرضن جي واڌو فراهميءَ ۾ رنڊڪن، حڪومتي ڪرپشن ۽ گهرو خرچن ۾ واڌ سبب هن قسم جي گهوٽالي جنم ورتو، جنهنڪري 1980ع جي ڏهاڪي ۾ اهڙن قرضن جو بار 1 ٽرلين ڊالرن کان به وڌي ويو. اهڙن معاشي گهوٽالن جو شڪار ٿيڻ کانپوءِ گهڻائي ملڪ ڏيوالي کان بچڻ لاءِ وڌيڪ سخت شرطن تي قرض کڻندي يا قرضن جي ادائگيءَ جو نئون طريقو (Debt Re-structuring) طئي ڪندي اڃا وڌيڪ دٻاءُ جو شڪار ٿين ٿا. انهيءَ ڪري اهڙن ملڪن کي پنهنجي خودمختياريءَ تي سمجهوتو ڪري، قومي مفادن جي اُبتڙ ۽ قرض ڏيندڙ ادارن جي مرضيءَ موجب فيصلا ڪرڻا پون ٿا، جن جي نتيجي ۾ وڏا وڏا سياسي بُحران جنم وٺن ٿا ۽ حڪومتي تبديلين سميت، بغاوتون ۽ وڳوڙ ٿين ٿا. عام طرح ٿوري مُدي وارا بانڊ ، ناڻي جي مُلهه ۾ گهٽتائي، رٿابنديءَ جي اڻاٺ ڪارڻ قرضن وارا گهوٽالا هن قسم جي صورتحال کي جنم ڏيڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪن ٿا.[1]

حوالا[سنواريو]