قرض

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
Jump to navigation ڳولا ڏانهن هلو
بلغاريه جي ھڪ بئنڪ طرفان 1936ع ۾ جاري ڪيل ھڪ قرض جو دستاويز

قرض(انگريزي: Loan ) مالياتي علم مطابق ھڪ اھڙي رقم جو نالو آهي جيڪا ڪنھن قرض ڏيندڙ کان ھڪ ڄاڻايل وقت لاء وياج جي شرح ۽ ادائيگي جي شرطن تي ورتي ويندي آهي جن تي قرض ڏيندڙ ۽ قرض وٺندڙ ٻنھي جو اتفاق ھوندو آھي ۽ جنھن جي لاء قرض جي ضمانت ڏنل ھوندي آھي[1]. قرض ڏيندڙ کي قرضدار (creditor) ، قرض وٺندڙ کي قرضي (debtor) سڏيندا آهن[1]. قرض مختلف قسمن جا ٿين ٿا جن جي درجابندي قرضي يا قرض خواھ جي نوعيت، قرض جي رقم جي استعمال، قرض جي مدي، ادائيگي جي طريقن، ڪفالت جي خاصيت، ذريعي، ماخذ ۽ قرض ۾ ڏنل ڪرنسي ۽ بحيثيت مجموعي شرطن ۽ ڪوائفن جي بنياد تي ڪئي ويندي آهي[1]. جيڪو قرض بينڪاري واري نظام تحت بينڪ ڏيندي آهي ان کي رسمي قرض پڻ چوندا آهن[1]. هڪ واجب آهي جيڪو هڪ شخص ( قرضي ) جي ذمي هوندو آهي ڪنهن ٻئي شخص (قرض ڏيندڙ) کي ڏيڻ لاء؛ عام طور تي هي انهن ملڪيتن ۾ تي مشتمل هوندو آهي جيڪي قرض ڏيندڙ قرضي کي عطا  ڪيون هونديون آهن، پر ان اصطلاح کي محاورۃً اهڙي اخلاقي واجبن لاء به استعمال ڪيو ويندو آهي جن جو ڪو اقتصادي قدر نه هوندو آهي.

سھولتي قرض[سنواريو]

سھولتي قرض (accomodation loan) ھڪ اھڙو قرض ھوندو آھي جيڪو خيرسگالي طور يا مدد خاطر بغير ڪنھن ظاھري عيوض يا بدل جي مالي مقصدن جي لاءِ سھولت مھيا ڪرڻ خاطر ڏنو ويندو آهي[1]. ان کي سرعي (تڪڙو) تناسب پڻ سڏيندا آهن[1].

ملڪي قرض[سنواريو]

ملڪي قرض يا ڊوميسٽڪ لون اھڙي قرض کي چون ٿا جيڪو مقامي ڪرنسي ۾ انھن شرطن ۽ ڪوائفن جي مطابق ڏنو وڃي جيڪي مقامي مارڪيٽ ۾ رائج ھجن[1]. ڀلي اھو قرض مقامي بينڪ کان ورتو وڃي يا ڪنھن ٻاھرين ملڪ جي بئنڪ جي شاخ مان ان سان ڪو فرق نہ ٿو پئي يعني ذريعو ان جي خصوصيت کي تبديل نہ ٿو ڪري[1].

غير ملڪي قرض[سنواريو]

غير ملڪي قرض يا فارين لون اھڙو قرض آھي جيڪو غير ملڪي ڪرنسي ۾، ان ڪرنسي واري ملڪ جي مارڪيٽ جي شرطن ۽ ڪوائفن جي آڌار تي ڪنھن بہ بينڪ کان ورتو ويو ھجي چاھي اھا بينڪ ان ڪرنسي واري ملڪ جي ھجي يا نہ ان سان ڪوبه فرق نہ ٿو پئي[1]. اھڙن قرضن جي ادائيگي ان غير ملڪي ڪرنسي ۾ ٿيندي آهي جنھن سبب قرضي ۽ قرضدار بينڪ کي زر مبادلا جي شرحن ۾ تبديلين جي خطرن کي منھن ڏيڻو پوندو آھي ۽ انھن کي زر مبادلا جي ڏي وٺ وارن قائدن ۽ ضابطن جو پورائو ڪرڻو پوي ٿو[1].

قرض جي مدت[سنواريو]

تجارتي مالياتڪاري[2] لاء 90 ڏينھن کان 180 ڏينھن تائين ، يا مستحڪم ڪاروبار ۾ ھڪ سال تائين، يا گردشي قرضن ۽ 90 ڏينھن جي لاء اوور ڊرافٽ جي صورت ۾ قرضن کي گھٽ مدت وارا قرض سڏيو ويندو آهي[1]. ھڪ سال کان ٽي سالن تائين وارن قرضن کي وچولي يا درمياني مدت وارا قرض سڏيندا آهن[1]. ٽي سالن کان پنج سالن تائين يا ان کان بہ وڌيڪ مدي لاء ڏنل يا ورتل قرضن کي ڊگھي مدت وارا قرض سڏيندا آهن[1].

قرضن جا ٻيا قسم[سنواريو]

روزاني ڪاروبار جي ضرورتن جي پورائي لاء ڏنل قرضن کي ڪاروباري قرض سڏيو ويندو آهي[1]. بينڪن جي وھنوار جو وڏو حصو انھن قرضن جاري ڪرڻ تي مشتمل ھوندو آھي[1]. زرعي، صنعتي، آمدورفت جي ذريعن وارا قرض يا مخصوص ڪاروبار يا پيداواري شعبن متعلق قرضن کي شعبه جاتي قرض (sectoral loans) سڏيندا آهن جيڪي ڊگھي مدت وارا قرض ھوندا آھن ۽ اھي مارڪيٽ جي شرطن مطابق يا شرطن جي غير مطابق ڏنا ويندا آهن[1]. ھڪڙا قرض صارفي قرض (consumer loans) سڏبا آھن جيڪي گھرن ۾ رھندڙ ماڻھن کي پنھنجي گھرو ضرورتن لاءِ خريداري جي سلسلي ۾ ڏنا ويندا آهن[1]. رھائشي يا تجارتي ملڪيت خريد ڪرڻ لاءِ ڊگھي مدت وارن مروج وياج جي شرح تي ان ملڪيت جي مالڪي جي حق جي ڪفالت جي بنياد تي ڏنل قرضن کي جائيداد وارا قرض (real estate loan) سڏيو ويندو آهي[1]. آھي گروي وارا قرض پڻ سڏبا آھن[1].

قرضي ماليات[سنواريو]

قرضي ماليات يا لون فنانسنگ جو مطلب اھڙي رقم آھي جيڪا بطور قرض ڪنھن ڪاروبار يا ڪمپني م سرمائيڪاري جي لاء حاصل ڪئي وئي ھجي[1]. اھڙي رقم جيڪا ڪمپني جي حصن، اسٽاڪ، ضمانتن جي خريداري جي لاء بطور قرض حاصل ڪئي وئي ھجي. ان قرض جو مدار سرمائيڪارن جي ضرورتن تي ھوندو آھي[1].

حوالا[سنواريو]

  1. 1.00 1.01 1.02 1.03 1.04 1.05 1.06 1.07 1.08 1.09 1.10 1.11 1.12 1.13 1.14 1.15 1.16 1.17 1.18 1.19 1.20 [Glossary, Banking and Finance; by : Shakil Faruqi, second edition, State Bank of Pakistan ]
  2. {Trade Financing}