قرت العين

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
Jump to navigation ڳولا ڏانهن هلو
قرۃ العین طاہرہ
250px
قرۃ العین طاہرہ، زرین تاج
پيدائش 1814 ء یا 1817ء
ایران
وفات اگست 16–27 1852ء
ایران
پيشو شاعرہ الٰہیات اور حقوق نسواں کی کارکن


قرت العين

”قرت العين“، جنهن جو اصلوڪو نالو ”زرين تاج“ آهي، سا حاجي مُلا محمد صالح قزوينيءَ جي ڌيءُ هئي، جو ايران جي مشهور ۽ نامور عالمن مان مُک ماڻهو هو. اهو عيسوي اڻيهين صديءَ جي شروعات ۾ رهندو هو. ملا صالح، فقہ جي علم ۾ قابل هو، انهيءَ جي گهراڻي ۾ ڪيترائي ٻيا وڏا وڏا عالم ۽ فاضل ٿي گذريا هئا. انهيءَ جو ڀاءُ حاجي محمد تقي، يعنيٰ، قرة العين جو چاچو، قزوين جو مجتهد هو، ۽ ملا محمد تقي جو پٽ ملا محمد نهايت وڏو عالم هو، انهيءَ ڪري قرة العين، خاندانيءَ جي ڪري، روشن دماغ ۽ فاضل ۽ فياض هئي. هن کي علم جي وڌائڻ جو شوق گهڻو هو، غور ۽ خوض ڪرڻ جي عادت هوندي هيس، ۽ علم جي تحصيل ۾ سخت محنت ۽ ڪوشش ڪندي هئي. ننڍڻ کان ئي هن کي علمي مذاق کان سواءِ ٻيو شغل ڪونه هوندو هو. جڏهن ڪٿي سندس فاضل ۽ عالم مائٽ مٽ گڏ ٿيندا هئا، تڏهن علمي مباحثو ۽ تذڪروهلندو هو. انهيءَ ۾ هوءَ شامل ٿيندي هئي، ۽ ڏاڍي ڌيان سان هنن جون ڳالهيون ٻڌندي هئي. انهيءَ ڪري، سندس چاچو خواهه ٻيا مائٽ کيس گهڻو پسند ڪندا هئا، ۽ آفرين ۽ مانُ ڏيندا هئا. هڪڙو ته هن کي خداداد حُسن، حيا ۽ عمدو ذهن هو. ٻيو ته هوءَ پاڪدامن ۽ پرهيز گار هئي، تنهن ڪري سگهوئي قزوين ۾ پنهنجي علميت، قابليت ۽ بلند خياليءَ جي ڪري مشهور ٿي ويئي، ۽ سندس خاندان بلڪ سارو شهر هن تي فخر ڪرڻ لڳو[1].

قرة العين جي شادي سندس سئوٽ ملا محمد سان ٿي هئي، ليڪن افسوس ته انهن جي اڻبڻت ٿي پيئي ۽ انهيءَ جي پڇاڙي چڱي نه ٿي. قرة العين، هميشہ وانگي پنهنجي علمي ڪمن ۾ مَشغول رهي، بلڪ مذهبي ۽ علمي ڳالهين ۾ سندس شوق ۽ دلچسپي زياده ٿيڻ لڳي. انهيءَ وقت ڌاري هن کي خبر ملي ته هڪڙو نوجوان شيرازي، مرزا علي محمد نالي، ”مهدي“ هئڻ جي دعويٰ ٿو ڪري، ۽ گهڻائي ماڻهو هن جي پيروي ٿا ڪن، انهيءَ سان قرة العين خط ڪتابت ڪرڻ لڳي. نيٺ سچيءَ دل سان هن جي شاگرد ۽ مريد ٿي، ۽ انهيءَ جي تعليم پکيڙڻ ۾ ڪوشش ڪرڻ لڳي. انهيءَ ڪم لاءِ، سفر ڪرڻ ۽ ظاهر ظهور وعظ ڪرڻ لڳي[2].

مرزا علي محمد جو پيءُ اصل سوداگر هو، ۽ پنهنجي وطن شيراز ۾ سوداگري ڪندو هو. هو پنهنجي پٽ کي ننڍيءَ عمر ۾ ڇڏي مري ويو، ۽ سندس مامي هن کي پالي وڏو ڪيو ۽ تعليم ڏني. مامس هن کي ابي_ ڏاڏي واري ڪم ۾ لڳايو _ يعني سوداگريءَ ۾ _ پر هن جي طبعيت اهو ڌنڌو مناسب نه سمجهيو، تنهن ڪري بيزاريءَ مان شيراز ڇڏي ڪربلا هليو ويو، ۽ حاجي سيد ڪاظم جي مدرسي ۾ وڃي شاگرد ٿيو، جو شيخيه فرقي جي باني شيخ احمد احسانيءَ جو جانشين هو، انهيءَ مشهور بزرگ ۽ عالم وٽ سوين ماڻهو ايندا هئا. ٿوري وقت کان پوءِ، حاجي سيد ڪاظم وفات ڪئي، ۽ مرزا علي محمد موٽي شيراز هليو ويو. پر، هن جي انهيءَ وچ ۾ پنهنجي قابليت ڏيکاري هئي، ۽ هڪڙو عمدو ڪتاب به تصنيف ڪيو هئائين، تنهن ڪري سڀني شاگردن ۽ مريدن، پاڻ ۾ صلاح ڪري، مرزا علي محمد کي سڏي، کيس سيد حاجي ڪاظم جو جانشين ڪيو. سگهوئي پوءِ مرزا علي محمد ”مهدي“ هئڻ جي دعوا ڪرڻ لڳو، ۽ ”باب“ جو لقب پاڻ تي رکي. هڪڙي نئين شرعيت تيار ڪيائين، ۽ هڪڙي نئين تعليم ڏيڻ ۽ پکيڙڻ لڳو. انهيءَ جا مختصر اُصول هي هئا: ”انسان جي هدايت لاءِ ”مشيت اُوليٰ“، يعنيٰ خدا جي مرضي، هميشہ هڪڙي نه ٻئي انسان جي صورت ۾ حلول ڪري اچي ٿي، اهڙن انسانن کي پيغمبر ٿو سڏجي ، حضرت آدم عليه السلام کان وٺي حضرت محمد ﷺ جن تائين جيڪي پيغمبر ٿي گذريا آهن، تن جون جيتوڻيڪ صورتون علحديون هيون، مگر في الحقيقت هو سڀ هڪ هئا، ۽ مشيت اوليٰ جدا جدا صورتن جي وسيلي يا انهن جي واتان ٿي ڳالهايو. حضرت محمد ﷺ جن کان 1270 ورهيه پوءِ، انهيءَ مشيت اوليٰ، مرزا علي محمد ”باب“ ۾ حلول ڪيو آهي. اهو سلسلو هميشہ قائم رهندو، ۽ انهيءَ جي ڪابه انتها ڪانه ٿيندي. انهيءَ بابت حضرت محمد ﷺ جن اڳي ئي خبر ڏيئي ڇڏي هئي، ته مون کانپوءِ امام مهدي ايندو_ اهـــو ”مهدي“ مرزا علي محمد ”باب“ آهي. انهيءَ ڳالهه جي سچائيءَ ۽ ثابتيءَ لاءِ مرزا علي محمد هڪڙو ڪتاب لکيو، جنهن جو نالو هن”بيان“ رکيو، جو قرآن مجيد جي جواب ۾ آهي. انهي ”نئين مذهب“ ملڪ ۾ هلچل مچائي ڏني. ساري ايران ۾ هُل پئجي ويو. ماڻهو هن جي رفيقن ۽ شاگردن جي برخلاف ٿيا، ۽ انهن کي ايذاءُ رسائڻ ۽ انهن جا خون ڪرڻ لڳا، قزوين جو مجتهد، حاجي ملا محمد تقي، انهيءَ جو زبردست مخالف ٿيو، اهو اڳي ئي شيخ احمد احسانيءَ ۽ انهيءَ جي مريدن جو مخالف هو، تنهن هينئر” باب“ ۽ انهيءَ جي طرفدارن _ يعني بابين ۽ شيخين _ تي ”ڪافر“ هئڻ جي فتوا ڏني _ پر انهيءَ ساڳئي محمد تقيءَ جي خاندان مان، قرة العين هن نئين فرقي جي طرفدار پيدا ٿي.مرزا علي محمد ”باب“ ، قرة العين جي تعريف ٻڌي هئي. تنهن انهيءَ کي آڻي پنهنجو مصاحب ڪيو. پوءِ سگهوئي هن ”مهدي“ کان لنگهي، ”رسول“ هئڻ جي دعويٰ ڪئي، ۽ انهيءَ ۾ قرة العين هن کي دل جان سان مدد ڏيڻ لڳي. پهرين ته هوءَ ڪربلا ۾ وڃي فصاحت ۽ بلاغت سان وعظ ڪرڻ لڳي، ۽ هزارين ماڻهو وٽس گڏ ٿيندا هئا. اتي جي حاڪم، عالمن جي ڪفر جي فتوا تي، قرة العين کي گرفتار ڪرڻ جو حڪم جاري ڪيو، پر قرة العين ڀڄي بغداد ڏي ويئي. اتي ترڪيءَ جي سلطان هن کي وعظ ڪرڻ جي اجازت نه ڏني، تنهنڪري هوءَ همدان ۾ آئي. اتي گهڻن عالمن کي بنائي ”بابي“ ڪيائين. مرزا علي محمد هن کي ”طاهره“ جو لقب ڏنو، همدان مان وري قزوين ۾ موٽي آئي، ۽ اُتي هن بهادر ۽ همت واريءَ زال ارادو ڪيو ته تهران ۾ وڃي خود ايران جي بادشاهه کي ”بابي“ ڪريان. هوءَ رواني به ٿي پر پڻس ڪي ماڻهو موڪليا، جي زور ڪري هن کي رستي تان موٽائي وٺي آيا. اهڙيءَ هلت ڪري قرة العين جي مڙس، ملا محمد، کيس طلاق ڏيئي ڇڏي ڏنو.[3] ملا محمد تقي، قزوين جو مجتهد ۽ قرة العين جو چاچو، پنهنجيءَ پياريءَ ۽ قابل ڀائٽيءَ ۽ نُنهن جي ڪافر هئڻ تي ڏاڍو ڪاوڙيو _ بلڪ ڏک ۽ غم کان رت جون هنجون هارڻ لڳو، ۽ فتويٰ ڏنائين ته اڳتي مرزا علي محمد ”باب“ ۽ شيخ احمد احسانيءَ تي لعنت ڪرڻ ۾ اچي. انهي حرڪت ڪري بابي ڏاڍا ڪاوڙيا، ۽ کيس مارڻ جي پٺيان پيا. سنه 1265هه (1848ع) ۾ ، هڪڙي ڏينهن، مرزا صالح بابيءَ ٻين ٻن ڄڻن سان گڏ، وجهه ڏسي، مسجد ۾ ملا محمد تقيءَ کي ماري وڌو، سندس پٽ ملا محمد، يعني قرة العين جي مڙس، پيءُ جي خون جي تهمت قرة العين تي آندي، جنهن ۾ هوءَ گرفتار ٿي، پر اهو ڏوهه مٿس ثابت نه ٿيو، تنهن ڪري هن کي ڇڏي ڏنائون. انهيءَ کان پوءِ قرة العين پنهنجي وطن. قزوين“ هميشہ لاءِ ڇڏي ڏنو، ۽ خراسان ڏي ويئي، اتي ڪي ڏينهن گذاري، مازندران آئي، ۽ جتي ڪٿي پنهنجي مذهب جي پڌرائيءَ لاءِ وعظ ڪندي رهي. انهيءَ وقت ڌاري، بابين ۽ شاهي فوج جي وچ ۾ سخت لڙائي شروع ٿي. بابي قيد ٿيڻ لڳا، انهن سان گڏ قرة العين به قيدي ٿي، ۽ زنجيرن ۾ ٻڌجي تهران آئي. ايران جو بادشاهه، ناصر الدين شاهه قاچار، هن جي صورت ۽ قابليت ڏسي، حيرت ۾ پيو ۽ مٿس گهڻو رحم آيس، تنهنڪري هن کي آزاد ڪرايائين _ رڳو احتياط لاءِ شهر جي ڪوٽوال جي نظر ۽ حفاظت هيٺ رکايائينس. پر هيءَ تي اتي به نه رهي، ۽ زور شور سان پنهنجي مذهب جو وعظ ڪندي رهي. ان جو اهڙو اثر ٿيڻ لڳو، جو گهڻا سندس پاسي اچڻ لڳا.

سن 1274هه ( 1857ع) ۾ ڏاڍو خراب اتفاق ٿي پيو، اهو هي ته ناصر الدين شاهه کي، شڪار ڪندي، ٽن بابين، تپاچو هڻي، گهوڙي تان ڪيرائي، گهوگهو ڏيئي ٿي ماريو، ته ماڻهن هنن کي پڪڙي وڌو. تپاچو به گسي ويو. انهيءَ تي سرڪاري حڪم جاري ٿيو ته سڀ بابي _ مڙس توڙي زالون _ هڪدم گرفتار ٿين. رڳو جيڪو ”باب“ تي لعنت ڪري، تنهن کي ڇڏي ڏجي. انهيءَ واقعي ۾ هزارين بابي، عذاب کائي. خوشيءَ سان مئا. ويچاري قرة العين به انهيءَ مصيبت کان بچي نه سگهي. ڪوٽوال هن کي شاهي درٻار ۾ وٺي آيو، جتي وڏا وڏا عالم گڏ هئا. انهن جو روبرو، هن کان پڇيو ويو ته ”تون بابي آهين ڇا؟“ قرة العين، ڊپ کان سواءِ چيو ته “آءٌ آهيان. ساهه بچائڻ جي لاءِ پنهنجيءَ دل جي شاهديءَ ۽ سچ جي برخلاف، ٻي ڳالهه نه ڪنديس!“ پاڻ، اُتي بيهي ڏاڍيءَ فصاحت سان پنهنجي عقيدي جي چڱائيءَ جو بيان ڪرڻ لڳي. ساري درٻار حيران ٿي ويئي. جڏهن بس ڪيائين، تڏهن به ڳچ تائين ته بادشاهه توڙي اُمراعه ۽ علماءُ ماٺ ۾ هئا. نيٺ، ڏاڍي رنج ۽ افسوس سان، هن جي قتل جي فتوا ڏنائون. پوءِ هن کي گُهٽي مارائي. هن جو لاش هڪڙي ڦٽل کوهه ۾ وجهي، انهيءَ کي پهڻن سان ڀري ڇڏيائون _ ڪن جو چوڻ آهي، ته انهيءَ کي ساڙي ڇڏيائون. انهيءَ طرح هن لائق، قابل، خوبصورت ۽ ثابت قدم زال جي حياتي پوري ٿي. جيتوڻيڪ هن جو موت هيبتناڪ ۽ خواريءَ جهڙو هو، مگر هوءَ بهادريءَ جي رستي مرڻ سان، اعليٰ درجي جي جوانمردي ڏيکاري ويئي. اهو افسوس جهڙو موت، هن جي قابليت ۽ عزت تي پردو نٿو وجهي[4].

قدرت قرة العين کي جهڙي ظاهري خوبي ڏني هئي، تهڙي باطني، جهڙي صورت ۾ هوءَ چڱي هئي، تهڙي سيرت ۾ ، نه رڳو فصاحت ۽ بلاغت ۾ هوءَ لاثاني هئي، پر هن جو عربي ۽ فارسي نثر توڙي نظم حيرت جهڙو هو. هن جي غزلن ۽ شعرن مان ڪي ٿورا نموني لاءِ هتي ڏجن ٿا.

اگر اَن صنم ز سر ستم پيء ڪشتنِ من بيگناه، لقد استقام بسيفہ، فقد رضيت بما رضا. تو و ملڪ و جاه سڪندري، من و رسم و راه قلندري. اگر اَن خوش ست تو درخواري، وگر اين بدست مرا سزا. چہ شده ڪه اَتش حيرتي نہ زنم بقبائه طورِ دل، فسڪڪتہ ود ڪڪتہ متد ڪدڪا متزلزلا[5].

حوالا[سنواريو]

  1. {ڪتاب: تحفتہ النسوان؛ از: مرزا قليچ بيگ؛پھريون ايڊيشن 1958، پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو [http://www.sindhiadabiboard.org/catalogue/Personalties/Book2/Book_page 11 html http://www.sindhiadabiboard.org/catalogue/Personalties/Book2/Book_page 11 html] Check |url= value (مدد).  line feed character in |url= at position 71 (مدد); Missing or empty |title= (مدد)}
  2. {ڪتاب: تحفتہ النسوان؛ از: مرزا قليچ بيگ؛پھريون ايڊيشن 1958، پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو [http://www.sindhiadabiboard.org/catalogue/Personalties/Book2/Book_page 11 html http://www.sindhiadabiboard.org/catalogue/Personalties/Book2/Book_page 11 html] Check |url= value (مدد).  line feed character in |url= at position 71 (مدد); Missing or empty |title= (مدد)}
  3. {ڪتاب: تحفتہ النسوان؛ از: مرزا قليچ بيگ؛پھريون ايڊيشن 1958، پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو [http://www.sindhiadabiboard.org/catalogue/Personalties/Book2/Book_page 11 html http://www.sindhiadabiboard.org/catalogue/Personalties/Book2/Book_page 11 html] Check |url= value (مدد).  line feed character in |url= at position 71 (مدد); Missing or empty |title= (مدد)}
  4. {ڪتاب: تحفتہ النسوان؛ از: مرزا قليچ بيگ؛پھريون ايڊيشن 1958، پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو [http://www.sindhiadabiboard.org/catalogue/Personalties/Book2/Book_page 11 html http://www.sindhiadabiboard.org/catalogue/Personalties/Book2/Book_page 11 html] Check |url= value (مدد).  line feed character in |url= at position 71 (مدد); Missing or empty |title= (مدد)}
  5. {ڪتاب: تحفتہ النسوان؛ از: مرزا قليچ بيگ؛پھريون ايڊيشن 1958، پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو [http://www.sindhiadabiboard.org/catalogue/Personalties/Book2/Book_page 13 html http://www.sindhiadabiboard.org/catalogue/Personalties/Book2/Book_page 13 html] Check |url= value (مدد).  line feed character in |url= at position 71 (مدد); Missing or empty |title= (مدد)}