قبيلا

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
Jump to navigation ڳولا ڏانهن هلو
ھڪ قديم قبيلو

قبيلا(انگريزي: Tribes) شروع ۾ اڃا پيداواري ذريعن ايتري ترقي ڪانه ڪئي هئي. جنهن ڪري ڪٽنب کي هڪ ٻئي جي ويجهو اچڻ ۽ هڪ ٻئي جي مدد ۽ سهڪار جي ضرورت ڪانه پئي هئي. ان ڪري هو پنهنجي بچاءُ جو بندوبست پاڻ ڪندا هئا ۽ ٻين خاندانن سان ڪوبه ناتو رشتو ڪونه رکندا هئا ۽ انهن کي پاڻ لاءِ ڌاريو سمجهندا هئا. جڏهن خاندان جي آبادي وڌڻ لڳي ۽ انهن جي گذر سفر جا وسيلا تنگ ٿيڻ لڳا ته خاندان جو هڪ حصو ٽٽي، نئين هنڌ ڏانهن رهڻ لاءِ روانو ٿي ويو. انهن ٻنهي برادرين ۾ پوءِ به مائٽي ۽ معاشي لاڳاپا قائم رهيا. انهن ئي بنيادن تي خاندانن جي وڏي اتحاد، قبيلي جي اڏوات ڪئي. ڇو جو وڌندڙ آبادي مائٽ خاندان کي مجبور ڪيو ته هو اندروني طور تي ڀرپاسي جي دنيا سان ڪاروبار ۾ گڏ ٿين. اهڙيءَ طرح انساني سماج جي قديم راڄوڻي نظام ۽ خاندان کان پوءِ قبيلا وجود ۾ آيا. جيڪي آبادي جي لحاظ کان هزارين ماڻهن تي مشتمل هئا. اهي هڪ خاص علائقي ۾ رهڻ لڳا ۽ اتي جي شڪار، ٻنين ٻارن ۽ ٻين غذائي وسيلن تي قابض ٿي ويا. اهڙيءَ طرح تاريخ ۾ پهريون ڀيرو علائقائي لاڳاپي جو تصور قدرتي طور تي قائم ٿيو. خاندان جي وچ ۾ انهن لاڳاپن ۽ رشتن هڪ ٻوليءَ (Bboli) کي جنم ڏنو ۽ هو پاڻ ۾ پنهنجي هڪ خاص ٻولي ڳالهائڻ لڳا. قبيلن جا ماڻهو گڏيل مذهبي عقيدن رکڻ سان گڏ، گڏيل رسم رواج جا مالڪ پڻ هئا. جنهن ڪري منجهن ثقافتي هڪ جهڙائي جو عمل اڀريو. قبيلن جي ساري سماجي تعمير جمهوري اصولن تي ٿيڻ لڳي. هو پاڻ ۾ گڏجي هڪ وڏي، سرواڻ يا اڳواڻ جي ماتحت نظام زندگيءَ جا طور طريقا اختيار ڪرڻ لڳا. قبيلي جو انتظام هڪ مجلس يا پئنچائت (Painchaait) ڪرڻ لڳي، جيڪا قبيلي جا ماڻهو گڏيل طور تي چونڊيندا هئا. ان مان ئي هڪ بزرگ قبيلي جو سرواڻ مقرر ٿيندو هو.[1][2]

حوالا[سنواريو]

  1. قومون ۽ قومي تحريڪ آزادي (رڪ سنڌي) | سنڌ سلامت ڪتاب گهر
  2. Kitaab: Qomoon aein Qoumi tahreek aazaaddi, written by: Ruk Sindhi