قبضي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

قبضي        Constipation

”اصغر ساگر“

قبض جو مطلب آھي پيٽ جي باقائدي صفائي نہ ھجڻ ۔ ڦوڳ جو سخت ھجڻ ۔ ڦوڳ جي نيڪالي ۾ دير ٿيڻ ۔ آنڊن جي فعاليت ختم ٿيڻ ۔ قدرتي طور تي شام يا صبح جو اجابت نہ اچڻ ۔ اھي شيون قبض کي ظاھر ڪن ٿيون. درحقيقت قبض ڪابہ بيماري ناھي پر بيمارين جي ڪري قبضي ٿئي ٿي. قبضي ۽ بواسير ٻہ اھڙيون بيماريون آھن جيڪي ھڪ ٻئي جو سبب بنجن ٿيون. قبضي جي معنا آھي پڪڙ ڇوجو آنڊا ڦوڳ کي پڪڙ ۾ رکن ٿا ۽ نڪرڻ نٿا ڏين. جيڪڏھن اجابت (پيٽان ويھڻ) صحيح وقت تي نہ اچي يعني ٻئي يا ٽئين ڏينھن اچي وقت تبديل ٿي وڃي ۔ ماڻھو پيٽان ٿورو ٿورو ويھي يا پيٽان نہ ويھي ان کي قبضي چئبو آھي. قبضي کي بيمارين جي ماء سڏيو وڃي ٿو ڇوجو قبضي ٿيڻ سان معدو ۽ آنڊا متاثر ٿين ٿا ۽ بيماريون ڪر کڻن ٿيون.

🌷قبض جون 2 صورتون آھن.

◀(1) عارضي قبض

◀(2) دائمي قبض

🌷(1) عارضي قبض :-

ھي قبض اتفاقي ٿئي ٿي. عارضي قبضي ازخود ختم ٿي ويندي آھي يا معمولي قبض ڪشا دوا سان ختم ٿي ويندي آھي. ھن قبضي ۾ تدبير کان ڪم وٺجي ۽ قبض ڪشا دوا استعمال نہ ڪجي پر ورش ڪرڻ جي عادت وجهجي ۔ صبح شام چھل پھل ڪجي. نيراني پاڻي پيئڻ قبضي جو علاج آھي پر معدي لاء نقصانڪار آھي.

🌷(2) دائمي قبض :-

ھي ھميشھ رھي ٿي ھن جو سبب عورتن جي بيماري ليڪوريا ۽ بواسير آھن. دائمي قبض جو علاج ڪرڻ کپي ڇوجو ھي قبضي ٻين بيمارين جو سبب بنجي ٿي. ھن قبضي کي ختم ڪرڻ لاء جلاب استعمال نہ ڪرڻ کپن اڃان آنڊو سخت ٿيندو.

🌷علامتون :-

◀مٿي جو سور

◀نظر جي ڪمزوري

◀دل جي گهٻراھٽ

◀بي چيني

◀بک جي کوٽ

◀ٽنگن ۾ پٽ

◀زبان جو ميرو ھجڻ

◀جسم جي رنگت ڦڪي ٿيڻ

◀بواسير جو ٿيڻ

🌷قبضي جا سبب :-

◀زيادھ تر آرام ڪرڻ

◀ڳرا کاڌا کائڻ

◀شديد بخار جي حالت

◀آرام جي کوٽ

◀ورزش نہ ڪرڻ

◀بغير ڇلي جي اٽو استعمال ڪرڻ

◀تيز مرچ استعمال ڪرڻ

◀روز گوشت کائڻ

◀چڻن وارين شين جو گهڻو استعمال

◀مسالن جي گهڻائي

◀ميدو

◀بيسڻ جون شيون

◀سموسا

◀پڪوڙا

◀مٺايون

◀مشروب

◀تماڪ نوشي

◀دماغي محنت جو گهڻائي

◀نشي آور شين جو استعمال ڪرڻ

◀کير ۽ گھ جو استعمال نہ ڪرڻ

🌷قبضي جا خاص سبب :-

🌷خميري اٽو کائڻ :-

◀بنا ڇلي اٽو ۔ ڊبل روٽي ۔ توش ۔ ڪچوري ۔ ھي سمجهڻ کپي باريڪ اٽو قبضي ڪري ٿو ليسدار ھئڻ ڪري معدي ۽ آنڊي سان چنبڙي ٿو ۔ غذا ٻاھر ڌڪيلڻ لاء معدي ۽ آنڊي کي وڌيڪ زور لڳائڻو پوي ٿو ڇوجو خمير آنڊي ۽ معدي ۾ ويھي وڃي ٿو. اسان کي نوٽ ڪرڻ کپي تہ ڪڻڪ جي ڇلي ۾ فولاد ۽ فاسفورس ٿين ٿا جن کي اسان ڇاڻي ڪڍي ڇڏيون ٿا جيڪي قبضي کي ختم ڪندڙ آھن ۽ معدي ۽ آنڊي کي نرم ڪندڙ آھن.

🌷بواسير :-

◀قبضي جو اھم ۽ وڏو سبب بواسير آھي. ھن ۾ موڪا ٿين ٿا جنھن کي خوني بواسير چئبو آھي ۽ پيٽ تي ڀرتي رھي ٿي جنھن کي بادي بواسير چئبو آھي انهن ٻنهي صورتن ۾ قبضي رھي ٿي. ڪڏھن ڪڏھن موڪن مان رت وھندو آھي. بواسير جو سبب مرچن ۔ چڻي ۔ بيدي ۽ گوشت جو گهڻو استعمال آھي. ھن حالت ۾ مريض ويھي نہ سگهندو آھي.

🌷روز گوشت کائڻ :-

◀قبضي جو وڏي ۾ وڏو سبب روز گوشت کائڻ  ۽ بواسير ۽ بي پي کي دعوت ڏيڻ آھي۔ گوشت وڏو پروٽين رکي ٿو ۽ روز کائڻ رڳن ۾ رڪاوٽون پيدا ڪري ٿو نتيجي بي پي وڌي ٿو ۔ موڪا ٿين ٿا ۔ قبضي ٿئي ٿي ۽ عورتن ۾ اولاد پيدا ٿيڻ جا امڪان ختم ٿي وڃن ٿا. گهڻو گوشت کائڻ رڳن کي ٿلهو ڪري ٿو ۽ رت جي وھڪ کي متاثر ڪري ٿو. تريل مساليدار گوشت کائڻ اڃان وڌيڪ قبضي جو سبب بنجي ٿو.

🌷چڻن واريون شيون کائڻ :-

◀مسلسل چڻن واريون شيون جيئن سموسا ۔ پڪوڙا ۽ مٺايون کائڻ سان بواسير جا سو فيصد امڪان رھن ٿا تنھنڪري بواسير ٿيڻ کان پوء قبضي ٿي وڃي ٿي. ان ڪري جنھن کي قبضي يا بواسير آھي اھو وڏي گوشت ۔ ڇيلي جو گوشت ۔ چڻن ۔ چڻن مان ٺھيل شين ۔ تريل شين کان پرھيز ڪري.

🌷مشروب :-

◀مشروب مطلب پيپسي ۔ ڪوڪو ڪولا يا اھڙيون بوتلون معدي کي متاثر ڪري خشڪي پيدا ڪن ٿيون گڏوگڏ معدي جي تيزابيت کي وڌائن ٿيون. معدي ۽ آنڊي جو فعل ڪمزور ٿي وڃي ٿو بواسير ۔ وات پچڻ ۽ قبضي جھڙا مرض پيدا ٿي وڃن ٿا.

🌷ليڪوريا :-

◀جن عورتن کي ليڪوريا ۔ حيض جي گهٽتائي يا حيض جي وڌائي ٿئي ٿي اھي ٿولھ ۔ بواسير ۽ قبضي جو شڪار ٿي وڃن ٿيون ۽ زندگي بيمارين سان ڀرپور ٿي وڃي ٿي.

🌷بيدن جو گهڻو استعمال :-

◀روز بيدا کائڻ پاڻ ۾ قبضي ۽ بواسير کي محفوظ ڪرڻ آھي بيدو وڏي پت نٿو رکي پر پر بواسير ۽ قبضي ٿيڻ جا امڪان رکي ٿو.

🌷گهڻي چانھن پيئڻ :-

◀قبضي جو وڏو سبب چانھن آھي. گهڻي چانھن پيئڻ جي ڪري معدي جي خشڪي ٿئي ٿي ۽ معدي جي خشڪي جي ڪري قبضي ٿئي ٿي.

🌷چرٻيل گھ Trans fat ghee:-

◀ڪوشش ڪري چرٻيل گھ استعمال نہ ڪجي جيڪو پت وڌائي ٿو ۽ بي پي جو سبب بنجي ٿو. چرٻيل گھ ٻوٽن ۽ جانورن جي چرٻين مان ٺاھيو وڃي ٿو. بھتر آھي تہ اڻ چڪيل چرٻي ۽ گهڻ اڻ چڪيل چرٻي وارا تيل استعمال ڪجن جيئن جيئن سورج مکي ۽ سويابين جو تيل جيڪو پت نٿو وڌائي.

🌷اپاء :-

◀چڻن واريون شيون ۔ بيدا ۽ گوشت گهٽ کائجن.

◀تاندوري Fiber واريون شيون استعمال ڪرڻ کپن.

◀اٽي مان ڇلي نہ ڪڍجي.

◀سبزيون وڌيڪ کائجن.

◀واڱڻ کان پرھيز ڪجي.

◀نشاستي واريون اڻ چڪيل شيون بسڪيٽ ۔ ڪيڪ ۔ سموسا ۔ پڪوڙا ۽ مٺاين کي نہ کائجي.

◀تريل شين کان پاسو ڪجي.

◀قبضي يا بواسير جي صورت ۾ ساون مرچن يا ڳاڙھن مرچن جو واھپو تمام گهٽ ڪجي.

◀گهڻي چانھن پيئڻ کان پرھيز ڪجي.

◀قبضي جو سبب ليڪوريا ۔ حيض جي گهٽ وڌائي ۽ بواسير آھي. جن عورتن کي ھا عارضا آھن اھي انهن عارضن جو علاج ڪرائن.

◀روز ننڊ پوري ڪجي.

◀رات جو گهڻي دير تائين نہ جاڳجي.

◀روز گوشت استعمال نہ ڪجي.

◀روز جي حساب سان کاڌن کي ڦيرائجي ڪڏھن سبزي ۔ ڪڏھن مڇي ۔ ڪڏھن گوشت ۽ ڦيريوار ساون مٽرن جي ڦرين جي دال استعمال ڪجي.

◀ڪوشش ڪري ھر ڀاڄي سايون مٽر جون ڦريون وجهجن.

◀ڀاڄي ۾ دالچيني سڄي وجهجي، ڪٽيل نہ وجهجي، قبضي ڪندي.

◀ڀاڄي ۾ وڌ ۾ وڌ 4 کان 6 ڪارا مرچ ڪٽيل يا سڄا وجهجن.

◀ڀاڄي ۾ پھرين پوندڙ بصرن يا جيري يا ڪاري مرچ پائوڊر کي داغ گهٽ ڏجي ڇوجو داغ بہ جيري جي ڪمزوري ۽ قبضي جو سبب بنجي ٿو.

🌷تدبيرون :-

◀2 پن نازبو جا صبح جو روز کائجن.

۽

◀5 روپين جو سايون مٽر ڦريون روز شام جو کائجن.

◀قبضي ختم ٿي ويندي.

◀ٿورو ڳڙ ۽ تر روز کائجن.

◀2 انجير رات جو پاڻي ۾ پسائجن ۽ صبح جو کائجن.

◀ڏينھن ۾ 2 ڪيلا روز کائجن.

◀پپيتو کائجي.

◀ھڪ ليمو پاڻي ۾ نپوڙي روز پئجي.

◀روزانو 2 زيتون کائجن.

◀ھيرڻ جو تيل چمچو کير ۾ ملائي رات جو سمھڻ وقت پيئجي. صرف ھڪ ڀيرو ڪجي.

◀3 ڇوھارا روز صبح جو کائجن.

◀ٽماٽر کائڻ سان قبضي ختم ٿي ويندي آھي.

◀روز رات جو گلقند کائي مٿان کير جو جهارو پئجي.

◀جهاري جو طريقو:-

◀کير         ڪوپ

◀پاڻي        2 ڪوپ

◀ملائي پيئجي.

◀انب کائڻ سان قبضي ختم ٿي وڃي ٿي.

◀نم جا گل ڇانو ۾ سڪائي ڪٽي پائوڊر ڪري رکجن. چپٽي روز کائجي.

◀کاڌي کائڻ کان پوء ڪجهه داڻا ڪشمش جا کائجن.

🌷نوٽ :- ڪابہ ھڪ شي استعمال ڪجي. ھڪ وقت سڀ ٽوٽڪا استعمال نہ ڪرڻ کپن ۽ ڪجهه وقت ان شي کي استعمال ڪرڻ کپي.

https://m.facebook.com/story.php?story_fbid=1145561572264936&id=649790728508692