قاضي معروف

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
قاضي معروف
پيدائش بکر
شھرت جو ڪارڻ مذھبي عالم
اسٽائل بکر جو قاضي


قاضي معروف(انگريزي: Kazi Maroof) ڄام سنجر سمي قاضي معروف کي بکر مٿان قاضي مقرر ڪيو هو، جو وڏو عالم، متقي ۽ بيحد خوش مزاج هو. وٽس جيڪو فريادي ايندو هو، تنهن کان ۽ جوابدارن کان رشوتون وٺندو هو. اهي شڪايتون ڄام سنجر کي پهتيون، جنهن قاضي صاحب کي گهرائي کانئس پڇا ڪئي. قاضي موصوف بيباڪيءَ سان جواب ڏنو ته عيالدار آهيان پگهار گذر سفر لاءِ نا ڪافي آهي، تنهنڪري مدعي ۽ مدعاليه کان رشوتون وٺان ٿو. افسوس اٿم ته شاهد فيصلي ٻڌڻ کان اڳ هليا وڃن ٿا ته نه جيڪر انهن کي به خالي وڃڻ ڪو نه ڇڏيان ها. ڄام سنجر سندس صاف گوئي تي گهڻو خوش ٿيو ۽ حڪم ڏنائين ته سرڪاري ملازمن جو پگهار وڌايو وڃي جيئن رشوت کي ٻنجو اچي وڃي. قاضي ابو الخير اصل سيوهاڻي هو ۽ سکر مٿان قاضي هو ۽ سکر ۾ رهڻ لڳو. مشهور قاضي قاضن سندس پيڙهيءَ مان هو[1] [2].

حوالا[سنواريو]

  1. علمائن جو بيان عبدالغني عبدالله جي تاريخ سنڌ ڀاڱو 3 مسلم ادبي سوسائٽي پريس، حيدرآباد 1939ع، تحفته الڪرام ج 3 مرزا قليچ بيگ جي تاريخ قديم سنڌ، بلوءَ ٽسڪي پريس حيدرآباد 1925ع تان ورتل آهي.
  2. ڪتاب جو نالو ؛ تاريخ سکر :مصنف؛ رحيمداد خان مولائي شيدائي ؛ڇاپو: پهريون سال؛ 1992ع ڇپائيندڙ؛ سنڌي ادبي بورڊ