فھرست

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

فهرست: اشاريو: انڊيڪس: Index:

فهرست کي ٻن اصطلاحن ۾ استعمال ڪبو آهي. هڪ، ڪتاب ۾ شامل مضمون، موضوعن جي بابن ۽ عنوانن جو وچور (content) يا تفصيل. ٻيو، اهو ڪتاب، جنهن ۾ ڪتابن جا نالا جمع ڪيا ويا هجن. [1]

فھرست بندي يا انڊيڪسنگ[سنواريو]

ھڪ اھڙو نظام جيڪو رڪارڊ جي ڳولڻ ۾ اشاري وارو ڪم ڪري جنھن سان رڪارڊ جي نشاندهي ۾ آساني ٿئي ان کي فھرست بندي يا انڊيڪسنگ (Indexing) چئبو آهي. اھا ٽن طريقن سان ٿيندي آهي.

  1. فھرست مرتب ڪري رڪارڊ سان گڏ رکڻ.
  2. فھرست کي رڪارڊ کان علحده رکڻ.
  3. رڪارڊ کي خود ھڪ فھرست وانگر ترتيب ڏيڻ.

فھرست بندي ۾ استعمال ٿيندڙ شيون[سنواريو]

فھرست بندي ۾ ھيٺيون شيون استعمال ٿينديون آهن:

  1. پٽي واري فھرست (Strip Index)
  2. عمودي فھرستي ڪارڊ Vertical card) (Index
  3. ڦيٿي واري فھرست (Wheel Index)
  4. ڏسجندڙ ڪارڊ جي فھرست( Visible card Index)
  5. ڪنڊ واري ڪارڊ جي فھرست (Staggered card Index)

حوالا[سنواريو]

  1. .ڪتاب:ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت؛مرتب: مختيار احمد ملاح؛پبلشر:سنڌ لئنگئيج اٿارٽي