فڻس

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
Jump to navigation Jump to search

سانچو:Speciesbox

The jackfruit illustrated by Michael Boym in the 1656 book Flora Sinensis.

ڦَڻَس (فنس)__(Jack fruit) هن وڻ جي ميوي جيڏو ٻيو ميوو شايد دنيا ۾ ڪو نه هوندو. شڪل جو بيضوي آهي، مگر بيڊولو ۽ بدشڪل آهي. ان جي ڳَرُ نرم تندن واري آهي، جا ننڍي نارانگيءَ جي رنگ ۽ قد جيڏن ڳپلن ۾ هيڏي هوڏي رکيل آهي. منجهس تمام گهڻي بوءِ ٿي رهي جا ڪيترن ماڻهن کي پسند ايندي آهي، ڪيترن کي نه وڻندي آهي. ڳر سواد ۾ تمام مٺي ٿيندي آهي. اها ڪڍي تازي کير ۾ ڪاڙهي، ڇاڻي، کائيندا آهن. جڏهن کير ٺري بيهندو آهي، تڏهن ماکيءَ جهڙو گهاٽو ۽ نارنگي رنگ جو ٿي بيهندو آهي ۽ منجهس گدري جهڙي بوءِ ٿيندي آهي. ماڻهو ان کي گهڻو کائيندا آهن.[1] ڦڻس جا مکيه ٻه قسم آهن: هڪڙو نرم ٻيو سخت، سخت قسم وارو وڏو به ٿيندو آهي ۽ عمدو به ٿيندو آهي. ٻاهرين کل لسي ٿي ٿئيس ۽ اندريون ٻج ننڍو ٿو ٿئيس. نرم قسم وارو اُن جي اُبتڙ ٿو ٿئي.

Developing jackfruit in Bangladesh.

ڦڻس ٻين ميون وانگي وڻ جي ٽآرين جي چوٿين ۾ ڪين ٿيندو آهي، پر ٿڙ مان نڪتل ٿلهين پاڙن يا ٽارين ۾ لڳل رهندو آهي. حقيقت ڪري اهڙو وڏو ۽ ڳرو ميوو جيڪر وڻ ۾ ٻئي هنڌ بيهي به ڪين سگهي. انهيءَ ميوي جي بيهڻ جي جاءِ، وڻ جي عمر موافق ڦرندي رهندي آهي. پهرين ٽارين ۾ ٿو ٿئي پوءِ تمام جهونن وڻن ۾ ٿڙ تي ۽ پاڙن تي، جيڪي پاڙن ۾ ٿا ٿين سي زمين ڦوڙي نڪرن ٿا. اهي سڀ کان عمدا ٿا ٿين.

Jackfruit flesh.

هي وڻ نومبر مهيني ۾ ٻُور کولي ڦر جهلي ٿو، جو مارچ مهيني تائين هلي ٿو. جڏهن گل ڀريندي ٽڙن ٿا تڏهن منجهن مٺي وڻندڙ بوءِ ٿئي ٿي. وڻ به وڏي قد جو ٿو ٿئي ۽ هندستان جي گهڻن ڀاڱن ۾ ٿئي ٿو، خاص ڪري هيٺين بنگال ۾. پنجاب ۾ البت گهٽ آهي.

A jackfruit tree in Gujarat.

ميجر ”ڊُروري“ لکي ٿو ته ”جيڪڏهن هي وڻ پهڻن واريءَ زمين ۾ ٿيندو ته قد جو ننڍو ۽ گهاٽو ٿيندو؛ جي وارياسيءَ زمين ۾ هوندو ته ڊگهو ۽ پکڙيل ٿيندو ۽ جي سندس پاڙون هيٺ وڃي پاڻيءَ سان لڳنديون ته وڻ ۾ ڦر ڪو نه ٿيندو.“[1]

هن وڻ سان ڏيهي ماڻهو اڪثر هيءَ هلت ڪندا آهن: ڳر سوڌو ٻج کڻي پوکيندا آهن. جڏهن سلو نڪري تڏهن بانس جو ٽڪر اڌ مان چيري، وچ وارو بند ڀڃي سارو پورو ڪري، سلي جي مٿان ٻڌي ڇڏيندا آهن. اهو بانس جو ٽڪر اٽڪل ٽي چار فوٽ ڊگهو هوندو آهي. سگهو ئي ڦڻس جو سلو بانس جي چوٽيءَ کان اچي منهن ڪڍندو آهي. پوءِ بانس جا ٽڪر ڪڍي ڦٽا ڪندا آهن ۽ سلو، جو اڳڙيءَ جهڙو نرم ٿيندو آهي، تنهن کي زمين تي پاڙ جي چوڌاري نانگ وانگي ور ڏئي، مٿانئس مٽي وجهي ڇڏيندا آهن. سلي جي چوٽي پاڻهئي زمين مان وري منهن ڪڍندي ۽ مٿي هلندي ايندي آهي. اٽڪل پنجن ورهين ۾ اهو سلو مچي وڏو وڻ ٿيندو آهي ۽ اهي هيٺان زمين ۾ پوريل ور به زور وٺي ٿلها ٿيندا آهن. انهن تي ميوو نڪري بيهندو آهي، جو قد جو به تمام وڏو ٿيندو آهي ۽ خاصيت ۾ به عمدو ٿيندو آهي.[1] ٽَڪرن تي هي وڻ ڪين ٿيندو آهي، جو اتي سردي هوندي آهي ۽ هي وڻ گرم هوا ۾ ٿيندڙ آهي. هن جو هڪڙو قسم جاوا ۽ ٻين ٻيٽن ۾ ٿيندو آهي. انهيءَ جي کَلَ چهڪن واري ٿيندي آهي. هي وڏي گدري جيڏو ٿيندو آهي، منجهس ٻج به ڪو نه ٿئي ۽ بوءِ به ڪا نه ٿئي. هي قسم بمبئيءَ ۽ دکن جي ڪن ٻين ڀاڱن ۾ به ٿيندو آهي، مگر بنگال کاتي ۾ ڪين ٿئي. هن کي انگريزيءَ ۾ جاڪ فروٽ چوندا آهن.[1]

حوالا[سنواريو]

  1. 1.0 1.1 1.2 1.3 ڪتاب: باغ ۽ باغباني؛ ليکڪ: مرزا قليچ بيگ؛ايڊيشن:1960؛پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو