مواد ڏانھن هلو

فن شاعري

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان


ليونارڊو بروني جو ارسطو جي فنِ شاعري جو ترجمو

فنِ شاعري (Poetics) شاعري جي مطالعي يا نظريي کي چيو وڃي ٿو، خاص طور شاعريءَ ۾ استعمال ٿيندڙ فني وسيلن، بناوت، هيئت، صنفن ۽ انهن جي اثرن جي مطالعي يا نظريي کي.[1] البت، هي اصطلاح وسيع معنيٰ ۾ سڄي ادب جي نظريي لاءِ پڻ استعمال ٿيندو آهي.[2][3] فن شاعري پ تنقيدي شاعريءَ جو علم، جنهن ۾ شاعري جي علم، فطرت ۽ شاعري جي فن جو اڀياس ڪيو ويندو آهي. ارسطو جي لکيل ڪتاب ”پوئيٽڪس“ کي ترجمي ۾ ”پوئيٽڪا“ جو نالو ڏنو ويو آهي. هن ڪتاب کي تنقيدي ادب ۾ بنيادي حيثيت حاصل ۽ ”بوطيقا“ آهي. هي ڪتاب دراصل ڊرامي جي فن کي کولي بيان ڪري ٿو، خاص طور تي ڊرامي کي. قديم يونان ۾ هر ادبي صنف کي ڊرامي سان منسوب ڪيو ويندو هو.[4]

فنِ شاعري، هرمينيوٽڪس کان هن لحاظ کان مختلف آهي، جو ان جو ڌيان متن جي معنوي تشريح بدران ان جي غير معنوي عنصرن جي جوڙجڪ ۽ باهمي ترتيب تي هوندو آهي.[5] اڪثر ادبي تنقيد ۾ فنِ شاعري ۽ هرمينيوٽڪس ٻنهي کي گڏيل تجزيي ۾ استعمال ڪيو ويندو آهي، جيتوڻيڪ متن جي نوعيت ۽ پڙهندڙ يا نقاد جي مقصد مطابق انهن مان ڪنهن هڪ کي وڌيڪ اهميت ملي سگهي ٿي.

فنِ شاعري جي تاريخ

[سنواريو]

مغربي فنِ شاعري

[سنواريو]

عام طور تي مغربي روايت ۾ فنِ شاعري جي شروعات قديم يونان مان ٿي. هومر ۽ هيسيئڊ جي بچيل تحريرن ۾ شاعريءَ جي نظريي بابت سڀ کان اوائلي مغربي خيال ملن ٿا، جن کان پوءِ غنائي شاعر پنڊار جا ڪم سامهون آيا.[6]

اصطلاح پوئيٽڪس قديم يوناني لفظ ποιητικός (پوئٽڪوس) مان نڪتل آهي، جنهن جي معنيٰ آهي "شاعري سان لاڳاپيل"، ۽ پڻ "تخليقي" يا "پيدا ڪندڙ".[7] هي لفظ وري ποίησις (پوئيسس) مان نڪتل آهي، جنهن جي معنيٰ آهي: "اهڙي سرگرمي، جنهن ۾ انسان ڪا اهڙي شيءِ وجود ۾ آڻي، جيڪا اڳ موجود نه هئي." ποίησις پاڻ وري ڊورڪ يوناني لفظ ποιέω (پوئيئو) مان نڪتل آهي، جنهن جي سادي معنيٰ آهي: "ٺاهڻ" يا "پيدا ڪرڻ".[8]

انهيءَ لحاظ سان، فنِ شاعري اهو سوال اٿاري ٿي ته متن (۽ شايد ٻيون ثقافتي نوادرات) ڪيئن ٺاهيا ويندا آهن،[9] يا کين ڪيئن ٺاهڻ گهرجي. ٻين لفظن ۾، فنِ شاعري جو مطالعو يا ته وصفي انداز ۾ يا معياري انداز ۾ ڪري سگهجي ٿو. مغربي روايت ۾ اهي ٻئي رخ اڪثر گڏيل صورت ۾ موجود رهيا آهن.[10]

افلاطون جي جمهوريه

[سنواريو]

افلاطون جو ڪتاب جمهوريه شاعريءَ جي نظريي بابت مغربي دنيا جو پهريون اهم فلسفياتي تصنيف شمار ٿئي ٿو. ٽئين ڪتاب ۾ افلاطون شاعريءَ کي بيانيي جي هڪ صورت قرار ڏئي ٿو، جيڪا ٽن قسمن مان ڪنهن هڪ ۾ هوندي آهي: "سادي"، "تقليدي" (محاڪات)، يا ٻنهي جو گڏيل ميلاپ.[11] ڏهين ڪتاب ۾ افلاطون دليل ڏئي ٿو ته شاعري مثالي صورتن (فارمس) کان ايتري پري آهي، جو اها رڳو حقيقت جي گمراهه ڪندڙ نقل کان وڌيڪ ڪجهه به نه آهي، تنهنڪري اها سماج لاءِ نقصانڪار ٿي سگهي ٿي. سندس خيال موجب شاعر رڳو "نقلن جا نقل" پيدا ڪن ٿا، تنهنڪري سندس مثالي رياست ۾ شاعرن لاءِ ڪا جاءِ نه هئي.[12][13]

ارسطو جو فنِ شاعري

[سنواريو]
ابو بشر متى بن يونس پاران ارسطو جي فنِ شاعري جو عربي ترجمو

ارسطو جو فنِ شاعري ادب جي منظم درجابندي پيش ڪرڻ واريون سڀ کان اوائليون محفوظ فلسفياتي تصنيفن مان هڪ آهي.[14] هي ڪتاب گهڻي عرصي تائين مغربي دنيا کان گم رهيو. وچئين دور ۽ اوائلي نشاةِ ثانيه ۾ اهو صرف ابن رشد جي عربي شرح جي لاطيني ترجمي وسيلي موجود هو، جنهن کي هرمانوس اليمانس 1256ع ۾ ترجمو ڪيو. بعد ۾ وليم آف موربيڪ 1278ع ۾ يوناني متن جو وڌيڪ صحيح لاطيني ترجمو تيار ڪيو، پر ان ڏانهن گهڻي توجهه نه ڏني وئي. عربي ترجمي جي اصطلاحن ۾ اصل ڪتاب کان ڪافي فرق هو، جنهن سبب ارسطو جي فڪر بابت ڪجهه غلط فهميون پيدا ٿيون، جيڪي وچئين دور تائين جاري رهيون.. فنِ شاعري ۾ ارسطو قديم يوناني ڊرامي کي ٽن بنيادي صنفن ۾ ورهايو: مزاحيه ڊرامو، الميو ۽ سيٽائر ڊرامو؛ ساڳئي وقت هن ڊرامي، غنائي شاعري ۽ رزميه شاعري جي وچ ۾ پڻ واضح فرق بيان ڪيو.[15]. ارسطو افلاطون جي محاڪات (مميسس) واري تصور تي پڻ تنقيدي نظر وڌي. سندس خيال موجب تقليد يا محاڪات انسان جي فطري جبلت آهي، ۽ اها جبلت ئي شاعريءَ جي بنيادي سرچشمي مان هڪ آهي.[16]

جديد فنِ شاعري

[سنواريو]

جديد فنِ شاعريءَ جي واڌ ويجهه اطالوي نشاةِ ثانيه دوران ٿي. قديم ادبي متنن کي عيسائيت جي روشنيءَ ۾ سمجهڻ، دانتي اليگھيري، پيٽرارڪ ۽ جيوواني بوڪاچو جي تحريرن جو جائزو وٺڻ ۽ انهن جي ادبي قدرن کي پرکڻ، ادبي نظريي بابت پيچيده بحثن جي ترقيءَ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. خاص طور جيوواني بوڪاچو جي جينئلاجيا ڊئورم جينٽليم (1360ع) جي مهرباني سان علمي حلقن کي استعارن ۽ ٻين بلاغتي صنعتن بابت گهري ڄاڻ حاصل ٿي. ان کان پوءِ جورجيو والا 1498ع ۾ ارسطو جي فنِ شاعري جو لاطيني ترجمو شايع ڪيو، جيڪو 1508ع ۾ الڊائن پريس پاران يوناني اصل متن سان گڏ ڇپيو.

پندرهين صديءَ جي آخر ۽ سورهين صديءَ دوران فنِ شاعريءَ بابت ڪتابن جو وڏو ذخيرو تيار ٿيو، جنهن جي شروعات اٽلي ۾ ٿي ۽ پوءِ اسپين، انگلينڊ ۽ فرانس تائين پکڙجي وئي. نشاةِ ثانيه جي هن شعبي جون اهم تصنيفون مارڪو جيرولامو ويدا جي ڊي آرٽي پوئٽڪا (1527ع) ۽ جيان جورجيو ٽرِسينو جي لا ہوئٽڪا (1529ع؛ وڌايل ايڊيشن 1563ع) آهن.

سورهين صديءَ جي شروعات تائين ارسطو جي فنِ شاعري جا قومي ٻولين ۾ ترجما پڻ ظاهر ٿيڻ لڳا، جن مان لودوويڪو ڪاسٽيلويٽرو جا اطالوي ايڊيشن (1570ع ۽ 1576ع) خاص اهميت رکن ٿا. لوئيس دي گونگورا (1561ع–1627ع) ۽ بالتاسار گراسيان (1601ع–1658ع) شاعريءَ جي نظريي ۾ نئون فڪري نفاست آندي، جڏهن ته ايمانوئيل تيساورو پنهنجي ڪتاب Il Cannocchiale Aristotelico (1654ع) ۾ بلاغتي صنعتن ۽ استعارياتي صورتن تي تفصيلي بحث ڪيو.[17]

رومانويت جي دور ۾ فنِ شاعري جو رخ اظهاريت ڏانهن ٿيو، جتي تخليق ڪندڙ يا محسوس ڪندڙ فاعل کي مرڪزي حيثيت حاصل ٿي. ويهين صديءَ ۾ مغربي فنِ شاعري ٻيهر ارسطو واري روايت ڏانهن موٽي، جنهن کان پوءِ مابعدتنقيدي رجحانن ۽ جديد فنِ شاعريءَ جي نظريي جي قيام جو دور آيو.[18] ان جي ابتڙ، مشرقي فنِ شاعريءَ جي ارتقا جو بنيادي مرڪز غنائي شاعري رهي، جڏهن ته مغربي فنِ شاعري گهڻي حد تائين تقليدي شاعري (مميٽڪ پوئٽري) تي ٻڌل هئي.[19]

پڻ ڏسو

[سنواريو]

نوٽ ۽ حوالا

[سنواريو]
  1. The New Princeton encyclopedia of poetry and poetics. Princeton, N.J: Princeton University Press. 1993. ص. 930. ISBN 0691021236.
  2. جيرار جينيٽ (2005)، Essays in Aesthetics, Volume 4, p. 14:
    ان وقت مون پنهنجي پروگرام جو نالو 'ادبي هيئتن جو نظريو' رکيو هو—اهو عنوان، منهنجي خيال ۾، انهن ماڻهن لاءِ، جيڪي هن شعبي کان ڪجهه پري هئا (جيڪڏهن ان کي الڳ شعبو مڃيو وڃي)، ان جي مترادف اصطلاح 'فنِ شاعري' جي ڀيٽ ۾ گهٽ مبهم هو..
  3. "poetics". ڊڪشنري ڊاٽ ڪام Unabridged. رينڊم ھائوس.
  4. ڪتاب: ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت؛ مرتب: مختيار احمد ملاح؛ پبلشر: سنڌي لئنگئيج اٿارٽي
  5. Culler, Jonathan (1997). Literary Theory: A Very Short Introduction.
  6. T. V. F. Brogan (1993, p. 934)
  7. "poetic". آن لائين اشتقاقي لغت.
  8. Polkinghorne, Donald E. (2004). Practice and the human sciences: the case for a judgment-based practice of care. Albany: State University of New York Press. ص. 115. ISBN 0791462005.
  9. Andreas Dorschel, Die Welt verändern. Zur Poetik des Manifests. Vittorio Klostermann, Frankfurt am Main 2026, pp. 13–14.
  10. This holds for the three accounts of poetical composition Terry Brogan identifies in the Western tradition: (1) the ارسطوطاليسي, (2) the مابعدالطبيعي معروضيت, and (3) the صورتيت. See Terry V.F. Brogan, The New Princeton Handbook of Poetic Terms. Princeton University Press, Princeton, NY 1994, passim.
  11. "The Internet Classics Archive | The Republic by Plato". classics.mit.edu.
  12. T. V. F. Brogan (1993, p. 934)
  13. "The Internet Classics Archive | The Republic by Plato". classics.mit.edu.
  14. T. V. F. Brogan (1993, p. 934)
  15. "Aristotle, Poetics, section 1447a". www.perseus.tufts.edu.
  16. T. V. F. Brogan (1993, p. 934)
  17. Benassi, A., "Lo scherzevole inganno. Figure ingegnose e argutezza nel Cannocchiale aristotelico di Emanuele Tesauro", Studi secenteschi 47 (2006) 9–55.
  18. Preminger, Alex (2016). Princeton Encyclopaedia of Poetry and Poetics (انگريزي ۾). Macmillan International Higher Education. ص. 952. ISBN 978-1-349-15617-7.
  19. Cf. Categories of Time and Space in Eastern and Western Poetics, ed. Eugeniusz Czaplejewicz, Warsaw, Warsaw University Press 1992, passim.

وڌيڪ مطالعو

[سنواريو]