مواد ڏانھن هلو

فلورين

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
سلجھائپ صفحن جي لاءِ معاونت نظر ھيٺ مضمون ڪيميائي تت تي آهي. ٻين استعمالن جي لاءِ فلورين (سلجھائپ) ڏسو.
فلورين
9F
Fluorine
Official logo of فلورين
حالت (STP تي) گئس
ايٽمي انگ (Z) 9
ايٽمي وزن (A) 18.998
گروپ 17
سيريز 2
بلاڪ p-block
اليڪٽران جي ترتيب He + 2s2 2p5
اليڪٽران في شيل 2,7
ايٽمي ريڊيس 64 پيڪو ميٽر
آئيونائزيشن انرجي (في مول) پهرين: 1681 ڪلو جول
ٻئي: 3374 ڪلو جول
ٽئي: 6147 ڪلو جول
آڪسائيڊيشن نمبر عام: 1-
گھاٽائي (20°C تي) 1.696 گرام في ليٽر (گئس)
1.5 گرام في ڪعبي سينٽي ميٽر (سيال)
وجود شروع کان (primordial)
اليڪٽرو نيگيٽيئٽي 3.98 (پالنگ اسڪيل)
Government
طبيعي خاصيتون
 • اُبلڻ جو نقطو (F2) 85.03°K
-188.11°C
 • پگھلڻ جو نقطو (F2) 53.48°K
​-219.67°C
 • پگھرائڻ لاء حرارت 0 ڪلو جول في مول
 • ٻاڦ جي حرارت 6.51 ڪلو جول في مول
 • مولر گرميء گنجائش (21.1°C تي) 31 جول في مول.ڪيلون (Cp)
23 جول في مول.ڪيلون (Cv)

فلورين (Fluorine) ھڪ ڪيميائي عنصر آھي؛ ان جو نشان F ۽ ايٽمي نمبر 9 آهي. اها دوري جدول جي گروپ 17 (هيلوجن گروپ) جو پھريون ۽ سڀ کان هلڪو ميمبر آهي ۽ معياري حالتن ۾ هڪ پيلي ڊائيٽومڪ گيس جي طور تي موجود آهي. فلورين انتهائي رد عمل ڪندڙ آهي ڇاڪاڻ ته اهو هلڪي نوبل گيسن کانسواءِ ٻين سڀني عنصرن سان رد عمل ڪري ٿو. اهو انتهائي زهريلو آهي.

عنصرن ۾، فلورين ڪائنات ۾ 24هين ۽ زمين جي ڪرسٽ ۾ 13هين نمبر تي آهي. فلورائٽ، فلورين جو بنيادي معدني ذريعو، جنهن عنصر کي پنهنجو نالو ڏنو، پهريون ڀيرو 1529ع ۾ بيان ڪيو ويو هو؛ جيئن ته ڌاتن جي پگھلڻ واري نقطي کي گهٽائل لاء، ان کي ڌاتن ۾ شامل ڪيو ويندو هو. لاطيني فعل فلو (fluo: مطلب، چمڪ) معدنيات کي پنهنجو نالو ڏنو. سال 1810ع ۾ هڪ عنصر جي طور تي تجويز ڪيل، فلورين کي ان جي مرڪبن کان الڳ ڪرڻ ڏکيو ۽ خطرناڪ ثابت ٿيو ۽ ڪيترائي شروعاتي تجربا موتمار هئا؛ تجربا ڪندڙ هن دوران کان زخمي ٿيا. صرف 1886ع ۾ فرانسيسي ڪيمسٽ هينري موسن گهٽ درجه حرارت جي اليڪٽرولائيزيشن، هڪ عمل جيڪو اڃا تائين جديد پيداوار لاءِ استعمال ڪيو ويندو آهي، استعمال ڪندي عنصري فلورين کي الڳ ڪيو. فلورين گيس جي صنعتي پيداوار ۽ ان جو سڀ کان وڏو استعمال، ٻي عالمي جنگ جي دوران شروع ٿيو، جڏهن هن کي مينهٽن پروجيڪٽ ۾ يورينيم جي افزودگي لاءِ استعمال ڪيو ويو.

خالص فلورين کي معدني ذريعو سان الگ ۽ صاف ڪرڻ لاء مهانگي خرچ جي ڪري، اڪثر تجارتي ايپليڪيشنون فلورين جا مرڪب استعمال ڪن ٿيون، جن ۾ کان کني ڪيل فلورائيٽ جو اڌ حصو اسٽيل ٺاهڻ ۾ استعمال ٿيندو آهي. فلورائيٽ جو جو ٻيو وڏو استعمال، مختلف نامياتي فلورائيڊز، يا ڪرائولائٽ، جيڪا ايلومينيم جي صاف ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪرڻ ٿا، جي تياري ۾ هن کي هائيڊروجن فلورائيڊ جي طور حاصل ڪين لاء ٿئي ٿو. ڪاربان-فلورين بانڊ عام طور تي تمام مستحڪم هوندو آهي. آرگانو فلورين مرڪب وڏي پيماني تي ريفريجرينٽ، برقي انسيوليتر ۽ ٽيفلون طور استعمال ٿيندا آهن. دواسازي جهڙوڪ ايٽورواسٽينٽ ۽ فلو آڪسيٽائن ۾ C−F بانڊ هوندا آهن. حل ٿيل فلورائيڊ لوڻ مان فلورائيڊ آئن ڏندن جي گفا کي روڪيندو آهي ۽ ان ڪري ٽوٿ پيسٽ ۽ پاڻي جي فلورائيڊيشن ۾ استعمال ٿيندو آهي. عالمي فلوروڪيميڪل سيلز جي رقم هر سال 15 بلين آمريڪي ڊالر کان وڌيڪ آهي.

فلورو ڪاربن گيسون عام طور تي گرين هائوس گيسون آهن جن ۾ گلوبل وارمنگ جي صلاحيت ڪاربن ڊاءِ آڪسائيڊ کان 100 کان 23,500 ڀيرا وڌيڪ آهي، ۽ SF6 ۾ ڪنهن به ڄاتل سڃاتل مادو جي سڀ کان وڌيڪ گلوبل وارمنگ جي صلاحيت آهي. آرگنو فلورائن مرڪب اڪثر ڪري ماحول ۾ ڪاربن-فلورين بانڊ جي طاقت جي ڪري برقرار رهن ٿا. فلورائن جو ڪو به ڄاتل سڃاتل ميٽابولڪ ڪردار نه آهي، پر ڪجهه ٻوٽا ۽ سامونڊي اسپنج آرگنو فلورائن زهر (اڪثر ڪري مونو فلورو ايسيٽيٽس) کي گڏ ڪن ٿا، جيڪا انهن تي حملو ڪندڙن کي روڪڻ ۾ انهن جي مدد ڪن ٿا.[1]

پڻ ڏسو

[سنواريو]

حوالا

[سنواريو]