فلش ٽوائليٽ

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
Close coupled cistern type flushing toilet.
Porcelain squat toilet, with water tank for flushing (Wuhan, China)
فلش ٽوائليٽ ۾ اوڪڙو ويھي ڪاڪوس ڪرڻ جو بندوبست بہ ھوندو آھي .__مٿئين تصوير ۾ ڪموڊ وارو ڪاڪوس ۽ ھيٺين تصوير ۾ چين جي شھر Wuhan ۾ اوڪڙو ويھڻ وارو فلش ٽوائليٽ ڏيکاريل آھي[1][2][3]


فلش ٽوائليٽ ___فلش پائخانو__فلش ڪاڪوس:فلش ٽئنڪس : (Flush Tanks) ڪاڪوس جي چلھن منجھان پاڻيءَ جي وسڪاري سان گند کي خارج ڪرڻ لاءِ (To Flush) ٻن قسمن جون ٽانڪيون لڳايون وينديون آھن. ھڪ مٿين ليول واريون ٽانڪيون (High level flushing Cisterns) ۽ ٻيون ھيٺين ليول واريون ٽانڪيون (Low level flushing Cisterns). مٿين ليول واريون ٽانڪيون بِير (Cast Iron) جون ٺھيون ھونديون آھن ۽ اھي اڪثر ڪري پاڪستاني چلھن مان گند خارج ڪرڻ لاءِ لڳايون وينديون آھن. گھڻي ۽ بي احتياطيءَ سان استعمال ٿيندڙ جاين تي، جھڙوڪ ھاسٽلون، ڪارخانھ، اسپتالون، سرڪاري دفتر ۽ عوامي جايون وغيره، ھميشھ ھن قسم جي ٽانڪين جي استعمال کي ترجيح ڏني ويندي آھي. ٽانڪيءَ جي تري ۽ چلھي جي مٿاڇري جي وچ ۾ اڪثر طور ساڍن ڇھن فوٽن جي اوچائي رکي ويندي آھي.

ھيٺين ليول واريون ٽانڪيون اڪثر ڪري ڪموڊن (English type) يعني انگريزي نموني جي چلھن مٿان سيٽ کان ٿورو مٿي لڳايون وينديون آھن ۽ معياري عمارتن واسطي چينيءَ جون ۽ ھڪ ئي سيٽ (Set) واري چينيءَ جي قسم ۽ رنگ جون ھونديون آھن. انھيءَ کان علاوه رواجي ڪمن واسطي گھٽ معيار واري چيني (Porcelain) سٺي قسم جي پينٽ جي تھھ چڙھيل ٽين ۽ پلاسٽڪ جون ٽانڪيون (Low Level Cisterns) پڻ استعمال ڪيون وينديون آھن. اسان وٽ ٻنھي قسمن جي ٽانڪين ۾ 2 کان 3 گيلن پاڻيءَ جي گنجائش ھوندي آھي.

فلش ٽوائليٽ ۾ ڪموڊ جو فلش ڪرڻ وارو استعمال
فلش جو آواز.Typical sound of a flush toilet

پيشابدانن (Urinals) کي صاف رکڻ واسطي ھر پيالي مٿان ھڪ گئلن واري ٽانڪي استعمال ڪئي ويندي آھي. گھڻي استعمال ٿيندڙ ۽ عام پبلڪ وارين جاين تي پيشابدانن جي قطار واسطي ھڪ کان ٽن گئلن پاڻيءَ جي گنجائش واريون آٽوميٽڪ ٽانڪيون بھتر رھن ٿيون جن ۾ ھڪ منٽ اندر ½ گئلن پاڻيءَ جي رسد جي گنجائش رکي ويندي آھي ۽ انھن ۾ بال والو (Ball valve) ۽ پاڻيءَ جي اٿل (Overflow) جي ضرورت نھ پوندي آھي.[4]

حوالا[سنواريو]

  1. Environmental History of Water, p.40
  2. "Toilet shapes and forms". وقت December 10, 2016 کي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل December 11, 2016. 
  3. von Münch, E.; Milosevic, D. (2015): Qualitative survey on squatting toilets and anal cleansing with water with a special emphasis on Muslim and Buddhist countries by using the SuSanA discussion forum. Ostella Consulting, Schwalbach, Germany
  4. ڪتاب: عمارت سازي ؛ ليکڪ: ضياءين انصاري؛ ايڊيشن:1990؛ پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ، ڄامشورو