فلش ٽوائليٽ
فلش ٽوائليٽ (Flush toilet)، جنهن کي فلشنگ ٽوائليٽ يا واٽر ڪلوزٽ (WC؛ پڻ ڏسو ٽوائليٽ جا نالا) پڻ چيو وڃي ٿو، ٽوائليٽ جو اهڙو قسم آهي جيڪو انساني فضلو، يعني پيشاب ۽ پاخانو، کي پهرين پيالي ۾ گڏ ڪري پوءِ پاڻيءَ جي زور سان فلش ڪري نيڪال واري پائپ ذريعي ڪنهن ٻي هنڌ منتقل ڪري ٿو، جتي ان جو علاج يا ته ويجهي سيپٽڪ نظام ۾ يا مرڪزي گندي پاڻي جي صفائي واري اداري ۾ ڪيو ويندو آهي.
فلش ٽوائليٽ ويهي يا اوڪڙون ويهي استعمال ڪرڻ لاءِ ٺهيل ٿي سگهن ٿا، ۽ انهن جا نمونا مختلف علائقن ۾ مختلف رواج موجب استعمال ٿيندا آهن. جديد گندو پاڻي صاف ڪرڻ وارا گهڻا نظام خاص طور تي تيار ڪيل ٽوائليٽ پيپر کي پڻ سنڀالڻ جي قابل هوندا آهن، ۽ تازن سالن ۾ فلش ڪري سگهجندڙ گلي وائپس بابت به دلچسپي وڌي رهي آهي. فلش ٽوائليٽن جي تياري لاءِ پورسلين يا شيشي جهڙي چيني مٽي (vitreous china) سڀ کان وڌيڪ استعمال ٿيندڙ مواد آهي، جڏهنتہ عوامي يا اداري وارن ٽوائليٽن ۾ ڌاتو يا ٻيا مضبوط مواد به استعمال ڪيا ويندا آهن.
فلش ٽوائليٽ پلمبنگ جي سامان جو هڪ قسم آهن، جن ۾ عام طور هڪ وڪريل نيڪال وارو حصو، جنهن کي ٽرئپ (S، U، J يا P شڪل وارو) چيو ويندو آهي، شامل هوندو آهي. هي ٽرئپ پيالي ۾ ڪجهه مقدار ۾ پاڻي برقرار رکي ٿو، جيڪو فضلي کي گڏ رکڻ سان گڏ نيڪال واري نظام مان ايندڙ بدبودار گندي نالي جي گئس کي به روڪيندو آهي.
شهري ۽ نيم شهري علائقن ۾ فلش ٽوائليٽ عام طور سيوريج جي نظام سان ڳنڍيل هوندا آهن، جيڪو گندو پاڻي کي صفائي واري مرڪز تائين پهچائيندو آهي. ٻهراڙي وارن علائقن ۾ اڪثر سيپٽڪ ٽانڪي يا ڪامپوسٽ ٽوائليٽ سان لاڳاپيل نظام استعمال ڪيا ويندا آهن.[1]
فلش ٽوائليٽ جي ابتڙ خشڪ ٽوائليٽ هوندو آهي، جنهن ۾ فلش ڪرڻ لاءِ پاڻي استعمال نه ڪيو ويندو آهي. ان سان لاڳاپيل ٻين صفائي جي اوزارن ۾ يورينل شامل آهي، جيڪو بنيادي طور پيشاب لاءِ استعمال ٿيندو آهي، ۽ بڊيٽ، جيڪو ٽوائليٽ استعمال ڪرڻ کان پوءِ مقعد، پرينيم ۽ فرج کي پاڻي سان صاف ڪرڻ لاءِ استعمال ڪيو ويندو آهي.
اشتقاق
[سنواريو]واٽر ڪلوزٽ
[سنواريو]
لفظ ٽوائليٽ (toilet) جي شروعاتي معنيٰ ”ڌوئڻ يا سينگار جو ڪمرو“ هئي، جنهن جو صفائي جي سهولتن سان ڪو سڌو واسطو نه هو. شروعاتي گهرن اندر موجود ٽوائليٽن کي گارڊروپ (garderobe) چيو ويندو هو، ڇاڪاڻتہ انهن ۾ ڪپڙا پڻ رکيا ويندا هئا. ان زماني ۾ اهو خيال هو ته امونيا جي بوَ پسون ۽ ڪپڙن کي نقصان پهچائيندڙ جيتن کي پري رکندي آهي. تنهن هوندي به، اوڻويهين صديءَ تائين گهڻن گهرن ۾ ٻاهريون بيت الخلا عام هوندو هو، جڏهنتہ نيڪال واري نظام سان ڳنڍيل گهرن اندر ٽوائليٽ رڳو اميرن جي رهائشگاهن ۽ عاليشان هوٽلن ۾ هوندا هئا. ڍڪيل چيمبر پاٽ، جيڪي خاص پلنگ ڀرسان المارين ۾ رکيا ويندا هئا ۽ عورتون يا بيمار ماڻهو استعمال ڪندا هئا، بعد ۾ ٻاهرين بيت الخلا ۾ خالي ڪري صاف ڪيا ويندا هئا.
سورهين صديءَ کان انگلينڊ ۾ فلش واري ٽوائليٽ سان گڏ هڪ نجي ڪمري کي واٽر ڪلوزٽ (Water Closet يا WC) سڏيو ويندو هو، جيئن ان کي ارٿ ڪلوزٽ (Earth Closet يا EC) کان الڳ سڃاتو وڃي.[حوالو گهربل]
وضاحتي اصطلاح واش-ڊائون ڪلوزٽ ۽ واٽر ڪلوزٽ[2] 1880ع واري ڏهاڪي ۾ آمريڪا ۾ رائج ٿيا. 1890ع تائين بيمارين بابت عوامي آگاهي وڌڻ سان ماڻهن کي اهو احساس ٿيو ته انساني فضلي کي بي احتياطيءَ سان ڦٽو ڪرڻ متعدي بيمارين جي پکڙجڻ جو سبب بڻجي سگهي ٿو.[3]
اتر آمريڪا ۾ عام استعمال موجب، رهائشي غسل خانو (bathroom) ۾ عام طور ٽوائليٽ، هٿ ڌوئڻ جو بيسن ۽ غسل ڪرڻ جي سهولت شامل هوندي آهي. جڏهنتہ تجارتي عمارتن ۾ ريسٽ روم يا باتھ روم ۾ عام طور صرف ٽوائليٽ يا يورينل هوندا آهن ۽ غسل ڪرڻ جي سهولت موجود نه هوندي آهي، جيڪا ٻاهرين ملڪن جي ماڻهن لاءِ ڪڏهن ڪڏهن مونجهاري جو سبب بڻجي ٿي. برطانيا، آسٽريليا ۽ نيوزيلينڊ ۾ باتھ روم اهڙي ڪمري کي چيو ويندو آهي، جنهن ۾ مستقل غسل خانو هجي، ڀلي ان ۾ ٽوائليٽ هجي يا نه. جڏهنتہ ٽوائليٽ يا لو (loo) الڳ اصطلاح آهن، جيتوڻيڪ گهڻن غسل خانن ۾ ٽوائليٽ پڻ موجود هوندو آهي.
اصطلاح واٽر ڪلوزٽ اهڙي ڪمري لاءِ به استعمال ٿيندو آهي، جنهن ۾ ٽوائليٽ سان گڏ ٻيون صفائي جون سهولتون، جهڙوڪ هٿ ڌوئڻ جو بيسن يا غسل خانو، به موجود هجن. آمريڪي پلمبنگ جي ضابطن ۾ واٽر ڪلوزٽ يا WC خاص طور اهڙي ننڍڙي ڪمري يا بند جڳهه لاءِ استعمال ٿيندو آهي، جتي صرف ٽوائليٽ هجي ۽ جيڪو وڏي غسل خاني جو حصو هجي.
يورپ جي ڪيترين ئي ٻولين ۾ ٽوائليٽ لاءِ ”پاڻي“ يا WC مان نڪتل لفظ استعمال ٿيندا آهن. هسپانوي ٻولي جي رائل اڪيڊمي جي لغت ۾ váter لفظ ٽوائليٽ يا غسل خاني لاءِ قبول ٿيل آهي، جيڪو انگريزي اصطلاح water closet مان نڪتل آهي. فرانسيسي ٻوليءَ ۾ aller aux waters (”واٽرز ڏانهن وڃڻ“) ۽ w.-c. عام اصطلاح آهن. رومانوي ٻوليءَ جو لفظ veceu ۽ فنش ٻوليءَ جو لفظ vessa پڻ WC جي مخفف مان نڪتل آهن.[4][5]
جرمن ٻولي ۾ Klo (Klosett جو مختصر روپ) ۽ WC ٻئي استعمال ٿيندا آهن. اطالوي ٻولي ۾ WC، water ۽ انهن جا تلفظ ٽوائليٽ لاءِ عام اصطلاح آهن، جڏهنتہ ڊچ ٻولي ۾ WC سڀ کان وڌيڪ استعمال ٿيندڙ اصطلاح آهي.
تاريخ
[سنواريو]جديد دور کان اڳ جا فلش ٽوائليٽ نظام
[سنواريو]پاڻي سان فلش ٿيندڙ بيت الخلائن جا ابتدائي نمونا نوپٿر دور (Neolithic) کان موجود هجڻ جا ثبوت مليا آهن. ميسوپوٽيميا جي ماڻهن لڳ ڀڳ 4000 ق.م. ۾ مٽيءَ جون نيڪال واريون پائيپون متعارف ڪرايون. انهن جا سڀ کان پراڻا مثال نپپور ۾ بيل جو مندر ۽ اشنونا مان مليا آهن، جتي اهي گندي پاڻي جي نيڪال ۽ کوهن ۾ برساتي پاڻي گڏ ڪرڻ لاءِ استعمال ٿينديون هيون.[6] اوروڪ شهر مان 3200 ق.م. جا سرن سان ٺهيل ويهندڙ ۽ ويهڪ واري طرز جا بيت الخلا دريافت ٿيا آهن، جيڪي هن وقت تائين جا سڀ کان قديم ڄاتل مثال آهن.[7][8] اهڙيون مٽيءَ جون پائيپون بعد ۾ حتين جي شهر هتوسا ۾ پڻ استعمال ڪيون ويون، جتي انهن کي آسانيءَ سان ڌار ڪري صاف يا مٽائي سگهجي پئي.[9]
سنڌو ماٿري جي تهذيب جي ماڻهن ڪيترن هنڌن تي پاڻي سان فلش ٿيندڙ بيت الخلا تعمير ڪيا. بعد ۾ قديم مصرين ۽ مينوئي تهذيب پڻ اهڙا نظام اختيار ڪيا. ٻي هزارين ق.م. تائين مينوئي ماڻهن ويهندڙ فلش ٽوائليٽ تيار ڪري ورتا هئا، جن جا مثال ڪنوسوس ۽ اڪروتيري جي کوٽاين مان مليا آهن.[10]
برطانيا جي قديم نوپٿر دور واري ڳوٺ اسڪارا بري (تقريباً 31هين صدي ق.م.) ۾ صفائي لاءِ هڪ ابتدائي آبي نظام استعمال ٿيندو هو، جنهن ۾ وهندڙ پاڻي ۽ نيڪال جا رستا فضلو کڻي ويندا هئا.[11][12][13][14][15][16]
پهرين صدي عيسوي کان پنجين صدي عيسوي تائين رومي سلطنت ۾ گڏيل عوامي بيت الخلا وڏي پيماني تي استعمال ٿيندا هئا، جيڪي بنيادي يا ثانوي نيڪال جي سرنگهن سان ڳنڍيل هوندا هئا. برطانيا ۾ هيڊرين جي ڀت تي واقع هائوس اسٽيڊس جا بيت الخلا ان جا محفوظ مثال آهن. اهي جديد معنيٰ ۾ فلش نه ٿيندا هئا، پر انهن مان مسلسل وهندڙ پاڻي فضلو نيڪال ڪندو رهندو هو. مغربي رومي سلطنت جي زوال کان پوءِ اولهه يورپ ۾ اهڙا گڏيل نظام ختم ٿي ويا، جڏهن ته مشرقي بازنطيني سلطنت ۾ انهن جي مرمت ۽ نيڪال جي نظام جي سار سنڀال جاري رهي.[17]
فيبروري 2023ع ۾ چين جي آثار قديمه جي ماهرن اعلان ڪيو ته شايد دنيا جو سڀ کان پراڻو ڄاتل فلش ٽوائليٽ دريافت ٿيو آهي. 2,400 سال پراڻي هن بيت الخلا جا ٽٽل حصا ۽ وڪريل فلش پائيپ شي آن شهر جي يوئيانگ آثار قديمه واري ماڳ تي قديم شاهي محل جي کنڊرن مان هٿ آيا.[18]
ڏکڻ ڪوريا ۾ ڊونگ گنگ محل مان پڻ 2021ع دوران متحده سيلا دور (668–935ع) سان لاڳاپيل فلش ٽوائليٽ دريافت ٿيو.[19] شروعات ۾ ان کي جوسون خاندان جي دور سان منسوب ڪيو ويو هو،[20] پر 2025ع ۾ کوٽائي مڪمل ٿيڻ کان پوءِ ان جي تاريخ تبديل ڪئي وئي. کوٽائي جي اڳواڻ ڪِم گيونگ يول موجب، اهو غالباً ولي عهد ۽ محل جي اعليٰ درجي جي ڪجهه عورتن جي ذاتي استعمال لاءِ هو. بهرحال، هن ۾ سنڌو ماٿري جي تهذيب جي بيت الخلائن جهڙو فضلي کي گڏ ڪرڻ وارو نظام موجود نه هو، ۽ فضلو سڌو ڀر واري درياهه ۾ نيڪال ٿيندو هو.[21]
جديد فلش ٽوائليٽ جي ترقي
[سنواريو]
1596ع ۾ سر جان هيرنگٽن A New Discourse of a Stale Subject, Called the Metamorphosis of Ajax نالي ڪتاب شايع ڪيو، جنهن ۾ هن جديد فلش ٽوائليٽ جي هڪ اڳوڻي نموني جو بيان ڏنو، جيڪو سامرسيٽ جي ڪيلسٽن ۾ سندس گهر ۾ لڳل هو.[22] هن جوڙجڪ ۾ ٽانڪي مان پاڻي ڇڏڻ لاءِ فلش والو ۽ پيالي کي خالي ڪرڻ لاءِ واش ڊائون نظام شامل هو. هيرنگٽن راڻي ايلزبيٿ پهرين لاءِ پڻ رچمنڊ محل ۾ اهڙو هڪ ٽوائليٽ لڳايو.
صنعتي انقلاب جي شروعات ۽ ٽيڪنالاجي ۾ لاڳاپيل واڌارن سان فلش ٽوائليٽ آهستي آهستي پنهنجي جديد شڪل اختيار ڪرڻ لڳو. پلمبنگ ۾ هڪ اهم اڳڀرائي S-ٽريپ هئي، جيڪا اسڪاٽش مڪينڪ اليگزينڊر ڪمنگ 1775ع ۾ ايجاد ڪئي ۽ جنهن جو بنيادي اصول اڄ به استعمال ٿئي ٿو.[23] هي اوزار پيالي جي نيڪال واري منهن کي بيٺل پاڻيءَ سان بند رکي ٿو، جنهن سان گندي نالي جي بدبودار هوا ٻاهر اچڻ کان روڪي وڃي ٿي.[23] ڪمنگ جي جوڙجڪ ۾ ٽريپ جي مٿان پيالي جي نيڪال واري هنڌ هڪ سلائيڊ ٿيندڙ والو پڻ هوندو هو. ٻن سالن کان پوءِ ساموئل پروسر ”پلنجر ڪلوزٽ“ لاءِ برطانوي پيٽنٽ جي درخواست ڏني.

گهڻين ايجادن لاءِ مشهور جوزف براما پنهنجي پيشاور زندگيءَ جي شروعات 1775ع واري اليگزينڊر ڪمنگ جي پيٽنٽ ٿيل جوڙجڪ تي ٻڌل واٽر ڪلوزٽ لڳائڻ سان ڪئي. هن ڏٺو ته لنڊن جي گهرن ۾ لڳايل موجوده نمونا سياري جي ٿڌ ۾ ڄمي ويندا هئا. مسٽر ايلن نالي هڪ شخص سان گڏ هن جوڙجڪ ۾ سڌارو آندو ۽ روايتي سلائيڊ والو جي جاءِ تي قبضي وارو ڍڪ لڳايو، جيڪو پيالي جي تري کي بند رکندو هو.
هن فلش ٽانڪي لاءِ فلوٽ والو جو نظام پڻ تيار ڪيو. 1778ع ۾ ان جو پيٽنٽ حاصل ڪرڻ کان پوءِ هن سينٽ جائلز جي ڊينمارڪ اسٽريٽ ۾ هڪ ورڪشاپ تي ٽوائليٽ ٺاهڻ شروع ڪيا.[24] هن جو نمونو غالباً پهريون عملي، هٿ سان پاڻي هارڻ کان سواءِ ڪم ڪندڙ فلش ٽوائليٽ هو. ان جي پيداوار 19هين صديءَ تائين جاري رهي ۽ اهي خاص طور ٻيڙين ۾ استعمال ٿيندا هئا.
1817ع ۾ ٿامس بوڊچ اشانتي سلطنت جي راڄڌاني ڪماسي جو دورو ڪيو، جتي هن گهرن اندر اهڙا ٽوائليٽ ڏٺا، جيڪي ڪيترن گيلنن گرم پاڻي سان فلش ڪيا ويندا هئا.[25] بوڊچ موجب، اهي ٽوائليٽ گهڻو ڪري عمارت جي سڀ کان اڪيلائي واري ڪنڊ ۾ هڪ ننڍڙي محراب هيٺ هوندا هئا، پر ڪڏهن ڪڏهن مٿئين ماڙ تي پڻ هڪ ننڍڙي الڳ ڪمري جهڙي جاءِ ۾ ٺهيل هوندا هئا.[26]
صنعتي پيداوار
[سنواريو]
فلش ٽوائليٽ 19هين صديءَ جي وچ ڌاري، وڌندڙ شهري آبادي ۽ صنعتي خوشحاليءَ سان گڏ، وڏي پيماني تي استعمال ۽ وڪري هيٺ اچڻ لڳو. اهو دور خاص طور گندي پاڻيءَ جي نيڪال واري نظام جي تيز واڌ سان ٺهڪندڙ هو، خاص ڪري لنڊن ۾، جنهن سبب صحت ۽ صفائي جي لحاظ کان فلش ٽوائليٽ وڌيڪ پرڪشش بڻجي ويو.[28][29]
جارج جيننگز 1840ع واري ڏهاڪي ۾ پارڪ اسٽون پاٽري ۾ واٽر ڪلوزٽ، لوڻ جي چمڪ واري نيڪال جي سامان، صفائي وارين پائيپن ۽ ٻين صفائي وارن اوزارن جي پيداوار جو ڪاروبار قائم ڪيو، جتان هن وچولي طبقي ۾ فلش ٽوائليٽ کي مشهور ڪيو. پهرين مئي کان 15 آڪٽوبر 1851ع تائين هائيڊ پارڪ ۾ ٿيل عظيم نمائش دوران جيننگز ڪرسٽل پيلس جي آرام وارن ڪمرن ۾ پنهنجا منڪي ڪلوزٽ لڳايا.[27] اهي پهريان عوامي فيس وارا ٽوائليٽ هئا؛ مفت عوامي ٽوائليٽ پوءِ ظاهر ٿيا. انهن وڏي دلچسپي پيدا ڪئي. نمائش دوران 827,280 ماڻهن انهن کي استعمال ڪرڻ لاءِ هڪ پيني ادا ڪئي؛ ان هڪ پيني جي عيوض کين صاف سيٽ، ٽوال، ڦڻي ۽ جوتن جي پالش جي سهولت پڻ ملندي هئي. انهيءَ مان ٽوائليٽ وڃڻ لاءِ انگريزي اصطلاح ”to spend a penny“ هڪ ڪنايي طور مشهور ٿيو.[30][31][32]
نمائش ختم ٿيڻ ۽ سڊنهم منتقل ٿيڻ کان پوءِ ٽوائليٽ بند ڪرڻا هئا، پر جيننگز منتظمن کي انهن کي کليل رکڻ لاءِ راضي ڪيو. پوءِ انهن مان هر سال £1,000 کان وڌيڪ آمدني ٿيڻ لڳي، جيڪا اڄ جي قدر ۾ لڳ ڀڳ ,2025ع جي £120700 اسٽرلنگ پائونڊن جي برابر آهي.[28] 1854ع ۾ هن رائل ايڪسچينج ۾ پهريون زمين هيٺ عوامي ٽوائليٽ کوليو. 1852ع ۾ هن واٽر ڪلوزٽ جي بهتر جوڙجڪ لاءِ پيٽنٽ حاصل ڪيو، جنهن ۾ پيالو ۽ ٽريپ هڪ ئي ٽڪري مان ٺهيل هئا، ۽ اهڙي نموني جوڙيل هئا جو ٽريپ ۾ پاڻيءَ جي بندش کان سواءِ پيالي ۾ به ٿورو پاڻي هميشه موجود رهي. هن والو، نيڪال ٽريپ، دٻاءَ وارن پمپن ۽ پمپ جي سلينڊرن جي جوڙجڪ ۾ پڻ سڌارا آندا. 1850ع واري ڏهاڪي جي آخر تائين عمارتن بابت ضابطن ۾ سفارش ٿيڻ لڳي ته برطانوي شهرن ۾ وچولي طبقي جي گهڻن نون گهرن ۾ واٽر ڪلوزٽ لڳل هجي.[33]
هڪ ٻيو اهم شروعاتي ٺاهيندڙ ٿامس وليم ٽوائيفورڊ هو، جنهن هڪ ٽڪري مان ٺهيل سيرامڪ فلش ٽوائليٽ ايجاد ڪيو.[34] 1870ع وارو ڏهاڪو صفائي واري صنعت ۽ واٽر ڪلوزٽ جي ترقيءَ لاءِ اهم دور ثابت ٿيو. ان وقت مڪمل طور مٽيءَ مان ٺهيل سادي ٽريپ واري پيالي ۽ وڌيڪ پيچيده، مهانگي ۽ ميڪانيڪي واٽر ڪلوزٽ جي وچ ۾ بحث عوامي جاچ ۽ ماهرن جي راءِ هيٺ آيو.[34]
1875ع ۾ ”واش آئوٽ“ ٽريپ وارو واٽر ڪلوزٽ پهريون ڀيرو وڪري لاءِ پيش ڪيو ويو، ۽ اهو پيالي واري واٽر ڪلوزٽ جي قسمن مان عوام جو پسنديده نمونو بڻيو. 1879ع تائين ٽوائيفورڊ پنهنجي ”واش آئوٽ“ ٽريپ واري واٽر ڪلوزٽ جو نمونو تيار ڪيو، جنهن کي هن ”نيشنل“ نالو ڏنو؛ اهو پوءِ سڀ کان وڌيڪ مشهور واش آئوٽ واٽر ڪلوزٽ بڻجي ويو.[34]

1880ع واري ڏهاڪي تائين الڳ بيهندڙ واٽر ڪلوزٽ وڪري لاءِ دستياب ٿيو ۽ جلدي مشهور ٿي ويو. ان کي وڌيڪ آسانيءَ سان صاف ڪري سگهجي پيو، تنهنڪري اهو وڌيڪ صفائي وارو سمجهيو ويو. ٽوائيفورڊ جو ”يونيٽاس“ نمونو مڪمل طور مٽيءَ مان ٺهيل ۽ الڳ بيهندڙ هو. 1880ع واري ڏهاڪي دوران هن فلشنگ رِم ۽ نيڪال واري منهن جي سڌارن لاءِ وڌيڪ پيٽنٽ داخل ڪيا. آخرڪار 1888ع ۾ هن پنهنجي ”آفٽر فلش“ خاني لاءِ پيٽنٽ جي حفاظت گهري؛ هن اوزار سان واٽر ڪلوزٽ جي فلش ٿيڻ کان پوءِ محفوظ ڪيل ٿوري مقدار ۾ صاف پاڻي سان پيالو ٻيهر ڀريو ويندو هو.[35] جديد پيڊيسٽل قسم جو ”فلش ڊائون“ ٽوائليٽ 1885ع ۾ انگلينڊ جي چيلسي ۾ بيوفورٽ ورڪس جي فريڊرڪ همفرسن پيش ڪيو.[36]
ان دور جي وڏين ڪمپنين فهرستون شايع ڪيون، وڏن دڪانن ۾ نمائشگاهون قائم ڪيون ۽ پنهنجو سامان سڄي دنيا ۾ وڪرو ڪيو. ٽوائيفورڊ جا واٽر ڪلوزٽ نمائشگاهه جرمنيءَ جي برلن، آسٽريليا جي سڊني ۽ ڏکڻ آفريڪا جي ڪيپ ٽائون ۾ موجود هئا. عوامي صحت ايڪٽ 1875 نيڪال، پاڻيءَ جي فراهمي ۽ ٽوائليٽن بابت سخت هدايتون مقرر ڪيون، جنهن سان ان دور جي وڏن واٽر ڪلوزٽ ٺاهيندڙن کي سرڪاري سطح تي اڻ سڌي پٺڀرائي ملي.
مشهور روايت جي ابتڙ، سر ٿامس ڪريپر فلش ٽوائليٽ ايجاد نه ڪيو هو. تنهن هوندي به، هو 19هين صديءَ جي آخر ۾ صنعت جي اڳواڻن مان هو ۽ هن وٽ نو پيٽنٽ هئا، جن مان ٽي واٽر ڪلوزٽ جي سڌارن، جهڙوڪ ترندڙ بال ڪاڪ، بابت هئا. 1880ع ۾ ٿامس ڪريپر U-شڪل وارو ٽريپ متعارف ڪرايو.[حوالو گهربل] سندس فلش ٽوائليٽن جي جوڙجڪ موجد البرٽ گبلن ڪئي، جنهن ”Silent Valveless Water Waste Preventer“ نالي سائيفون نيڪال واري نظام لاءِ برطانوي پيٽنٽ حاصل ڪيو.[37] ڪريپر ٽانڪي خالي ڪرڻ لاءِ سائيفون نظام کي مشهور ڪيو، جنهن اڳوڻي ترندڙ والو واري ليڪيج جو شڪار نظام جي جاءِ ورتي.[38][37][39]
پادري ايڊورڊ جانز 1876ع ۾ آمريڪا جي فلاڊيلفيا ۾ ٿيل آمريڪي صد ساله نمائش دوران پنهنجو ”ڊولفن ٽوائليٽ“ متعارف ڪرايو، جيڪو اسٽافورڊشائر جي آرميٽيج ۾ ايڊورڊ جانز اينڊ ڪمپني سان منسوب ڪيو وڃي ٿو.[40][41][42][43][44][45]
ٽوائليٽ لاءِ آمريڪي ٻوليءَ جو لفظ ”جان“ مبينا طور هارورڊ يونيورسٽي ۾ 1735ع ۾ لڳايل فلش واٽر ڪلوزٽن مان نڪتل آهي، جن تي ٺاهيندڙ پادري ايڊورڊ جانز جو نالو لکيل هو.[46]
ڦھلاء ۽ وڌيڪ واڌارو
[سنواريو]جيتوڻيڪ فلش ٽوائليٽ پهريون ڀيرو برطانيا ۾ ظاهر ٿيا، پر اهي جلد ئي برِاعظم يورپ تائين پکڙجي ويا. انهن جي شروعاتي مثالن مان ممڪن آهي ته ٽي ”واٽر ڪلوزٽ“ هئا، جيڪي بئنڪر نيڪولائي آگسٽ اينڊريسن جي ڪرسچينيا ۾ ڪرڪيگاٽن نمبر 6 تي واقع نئين شهري گهر ۾ لڳايا ويا ۽ جن جو جنوري 1859ع ۾ ويمو ڪرايو ويو. اهي ٽوائليٽ شايد برطانيا مان گهرايا ويا هئا، ڇاڪاڻتہ ويمي جي دفتر ۾ انهن لاءِ انگريزي اصطلاح ”واٽر ڪلوزٽ“ استعمال ٿيل هو.
يورپي برِاعظم تي هڪ ٻيو شروعاتي واٽر ڪلوزٽ 1860ع جو هو، جيڪو برطانيا مان گهرائي راڻي وڪٽوريا جي ڪمري ۾ اهرنبرگ محل، ڪوبرگ، جرمني ۾ لڳايو ويو. ان کي استعمال ڪرڻ جي اجازت رڳو راڻي وڪٽوريا کي هئي. 1872ع ۾ ڊچ اوڀر هندستان جي باتاويا ۾ پڻ فلش ٽوائليٽ وڪرو ٿيڻ لڳا.[47]
آمريڪا ۾ زنجير ڇڪي هلندڙ گهرن اندر ٽوائليٽ 1880ع واري ڏهاڪي ۾ انگلينڊ ۾ ايجاد ٿيڻ کان ٿوري ئي عرصي پوءِ امير ماڻهن جي گهرن ۽ هوٽلن ۾ متعارف ٿيا. 1890ع واري ڏهاڪي ۾ فلش ٽوائليٽن جو استعمال وڌيڪ عام ٿيڻ لڳو. وليم ايلوس سلون 1906ع ۾ فلشوميٽر ايجاد ڪيو، جيڪو هر فلش کان پوءِ ٻيهر تيار ٿيڻ جو وقت گهٽائڻ لاءِ پاڻيءَ جي فراهمي واري پائپ مان سڌو دٻاءَ وارو پاڻي استعمال ڪندو هو. فلشوميٽر اڄ به سڄي دنيا جي عوامي ٽوائليٽن ۾ استعمال ٿئي ٿو.
پاڻمرادو صفائي جهڙو اثر پيدا ڪندڙ گول وهڪري واري فلش پيالي جي ايجاد سينٽ جان، نيو برنزوڪ جي ٿامس ميڪ ايوٽي اسٽيورٽ 1907ع ۾ ڪئي.[48] ڊيٽن، اوهايو جي فلپ هاس پڻ ڪيتريون اهم اڳڀرايون ڪيون، جن ۾ ڪناري جي چوڌاري لڳل گهڻن پاڻيءَ جي جيٽن وارو فلش ٽوائليٽ ۽ اڄڪلهه استعمال ٿيندڙ نمونن جهڙو واٽر ڪلوزٽ فلش ۽ ٻيهر ڀرڻ وارو نظام شامل هئا.
آسٽريليا جي ڪمپني ڪاروما 1980ع ۾ پاڻي بچائڻ لاءِ ڊيوسيٽ سسٽرن تيار ڪئي، جنهن ۾ ٻه بٽڻ ۽ ٻه مختلف فلش مقدار هوندا هئا. ڊيوسيٽ جا جديد نمونا هاڻي سڄي دنيا ۾ موجود آهن ۽ سراسري گهريلو پاڻيءَ جي استعمال ۾ 67 سيڪڙو تائين بچت ڪن ٿا.[3]
ڪم ڪرڻ جو طريقو
[سنواريو]
عام فلش ٽوائليٽ هڪ مقرر ٿيل، شيشي جهڙي سيرامڪ جي پيالي (جنهن کي پين پڻ چيو ويندو آهي) تي ٻڌل هوندو آهي، جيڪو نيڪال واري نالي سان ڳنڍيل هوندو آهي. استعمال کان پوءِ پيالي ۾ تيزيءَ سان پاڻي داخل ڪيو ويندو آهي، جنهن سان پيالو خالي ٿي وڃي ٿو ۽ صاف ٿي وڃي ٿو. هي فلش هڪ الڳ پاڻيءَ جي ٽانڪي (سسٽرن)، تيز دٻاءَ واري پاڻيءَ جي پائپ سان لڳل فلش والو، يا هٿ سان پاڻي هاري به ڪري سگهجي ٿو.
پاڻيءَ جي ٽانڪي ۽ فلش والو کي عام طور استعمال ڪندڙ بٽڻ دٻائي، هينڊل هيٺ ڪري، ليور ڇڪي يا زنجير ڇڪي هلائيندو آهي. پاڻي پيالي جي مٿئين ڪناري تي ٺهيل فلشنگ رِم يا هڪ يا وڌيڪ سوراخن (Jets) ذريعي اندر وهندو آهي، جنهن سان پيالي جي سموري اندرين سطح ڌوپي صاف ٿي ويندي آهي.
سسٽرن ذريعي ميڪانيڪي فلش
[سنواريو]عام ٽوائليٽ ۾ پيالي جي مٿان هڪ پاڻيءَ جي ٽانڪي (سسٽرن) لڳل هوندي آهي، جنهن ۾ مقرر مقدار ۾ پاڻي محفوظ هوندو آهي. ان ۾ ٻه بنيادي اوزار هوندا آهن. پهريون اوزار استعمال ڪندڙ جي فلش ڪرڻ تي ٽانڪي مان عام طور 3–6 L يا 3⁄4–1+1⁄2 آمريڪي گيلنs پاڻي تيزيءَ سان پيالي ۾ ڇڏيندو آهي، جنهن سان پيالي جو مواد نيڪال واري نالي ۾ وهي يا ڇڪجي ويندو آهي.
ٻيو اوزار پاڻمرادو ٽانڪي ۾ پاڻي ڀريندو رهندو آهي، جيستائين ايندڙ فلش لاءِ مناسب پاڻي گڏ نه ٿي وڃي.
پاڻي عام طور ٽوائليٽ فليپر والو (جنهن کي چيڪ والو سان نه ملائڻ گهرجي) يا سائيفون ذريعي خارج ٿيندو آهي. پاڻيءَ جي سطح کي سنڀالڻ لاءِ عام طور هڪ فلوٽ استعمال ڪيو ويندو آهي.
تيز دٻاءَ واري پاڻيءَ جي فراهمي سان ميڪانيڪي فلش
[سنواريو]جن ٽوائليٽن ۾ سسٽرن نه هوندي آهي، انهن کي عام طور پاڻيءَ جي فراهمي سان سڌو ڳنڍيل هڪ سادي فلش والو يا فلشوميٽر ذريعي فلش ڪيو ويندو آهي. اهي اهڙي نموني ٺاهيا ويندا آهن جو ليور يا بٽڻ دٻائڻ ۽ ڇڏڻ سان محدود مقدار ۾ پاڻي تيزيءَ سان خارج ڪن.
هٿ سان فلش ڪرڻ (پاڻي هاري فلش)
[سنواريو]هر ٽوائليٽ لاءِ مستقل پاڻيءَ جي فراهمي ضروري ناهي، ڇاڪاڻتہ ڪجهه ٽوائليٽ هٿ سان پاڻي هاري به فلش ڪري سگهجن ٿا.[49] اهڙي قسم جي فلش ٽوائليٽ ۾ نه سسٽرن هوندي آهي ۽ نه ئي مستقل پاڻيءَ جو ڳانڍاپو. ان کي رڳو هڪ ٿانوَ مان ڪجهه ليٽر پاڻي هاري فلش ڪيو ويندو آهي.
اهڙي فلش لاءِ ڪڏهن ڪڏهن رڳو 2–3 L (1⁄2–3⁄4 آمريڪي گيلن) پاڻي ئي ڪافي هوندو آهي.[49] هي قسم ڪيترن ئي ايشيائي ملڪن ۾ عام آهي. اهڙو ٽوائليٽ هڪ يا ٻن کڏن سان ڳنڍيل ٿي سگهي ٿو، جنهن کي پاڻي هاري کڏي ٽوائليٽ يا ٻٽي کڏ وارو پاڻي هاري ٽوائليٽ چيو ويندو آهي. اهو سيپٽڪ ٽينڪ سان پڻ ڳنڍي سگهجي ٿو.
ويڪيوم ٽوائليٽ
[سنواريو]
ويڪيوم ٽوائليٽ هڪ فلش ٽوائليٽ آهي، جيڪو ويڪيوم نيڪال جو نظام سان ڳنڍيل هوندو آهي ۽ فضلي کي چُوسڻ (Suction) ذريعي ٻاهر ڪڍندو آهي. اهي تمام ٿورو پاڻي (هر فلش ۾ one-quarter ليٽر يا 1⁄16 آمريڪي گيلن کان به گهٽ) يا ڪڏهن بلڪل به پاڻي استعمال ناهن ڪندا.[50] ڪجهه ويڪيوم ٽوائليٽ پاڻيءَ بدران رنگين جراثيم ڪش محلول سان فلش ڪندا آهن.[حوالو گهربل]
انهن کي ڪارو پاڻي (Blackwater) ۽ ڀورو پاڻي (Greywater) کي الڳ رکڻ ۽ الڳ نموني سان سنڀالڻ لاءِ پڻ استعمال ڪري سگهجي ٿو. مثال طور، نسبتاً خشڪ ڪارو پاڻي حياتياتي گيس (Biogas) جي پيداوار يا ڪمپوسٽنگ ٽوائليٽ ۾ استعمال ڪري سگهجي ٿو.[حوالو گهربل]
ريل گاڏين، هوائي جهازن، بسن ۽ جهازن ۾ اڪثر ويڪيوم ٽوائليٽ استعمال ڪيا ويندا آهن. پاڻيءَ جو گهٽ استعمال وزن ۾ گهٽتائي آڻي ٿو ۽ هلندڙ گاڏي ۾ پيالي مان پاڻي ٻاهر ڇلڪجڻ کان بچائي ٿو.[51] گاڏين ۾ فضلي کي گڏ ڪرڻ لاءِ هڪ پورٽيبل گڏ ڪرڻ وارو خانو استعمال ڪيو ويندو آهي، جيڪو وچولي ويڪيوم خاني جي مثبت دٻاءَ سان ڀرجي سگهي ٿو، تنهنڪري ان کي مسلسل ويڪيوم هيٺ رکڻ ضروري نه هوندو آهي.[حوالو گهربل]
فلش ڪرڻ جا نظام
[سنواريو]فلش ڪرڻ وارو نظام ٽوائليٽ جي پيالي ۾ وڏي مقدار ۾ پاڻي داخل ڪري ٿو، جنهن سان فضلو نيڪال ٿي وڃي ٿو. عام طور تي اهي نظام پاڻيءَ جي ٽانڪي (سسٽرن) يا فلش والو تي ٻڌل هوندا آهن.
فلش ٽانڪيون
[سنواريو]فلش ٽانڪي يا سسٽرن ۾ عام طور هڪ اهڙو نظام هوندو آهي، جيڪو ٽانڪي مان پاڻي خارج ڪندو آهي، ۽ هڪ خودڪار والو، جيڪو استعمال کان پوءِ ٽانڪي کي ٻيهر پاڻمرادو ڀريندو آهي.
اهڙو نظام انهن هنڌن لاءِ مناسب هوندو آهي، جتي 12.7 يا 9.5 mm (1⁄2 يا 3⁄8 انچ) قطر وارا پاڻيءَ جا پائپ لڳل هوندا آهن، جيڪي ٽوائليٽ فلش ڪرڻ لاءِ گهربل پاڻي تيزيءَ سان فراهم نٿا ڪري سگهن. ان ڪري ٽانڪي ٿوري ٿوري وقت ۾ پاڻي گڏ ڪري، فلش وقت وڏي مقدار ۾ خارج ڪندي آهي. ٽانڪي عام طور 6 ۽ 17 L (1.6 ۽ 4.5 آمريڪي گيلنs) پاڻي ذخيرو ڪندي آهي. جديد ٽوائليٽن ۾ اها ٽانڪي اڪثر پيالي جي سڌي مٿان يا پٺيان لڳل هوندي آهي.
پراڻن نمونن، جن کي هاءِ سوئيٽ ڪمبينشن چيو ويندو هو، ۾ ٽانڪي مٿي، لڳ ڀڳ مٿي جي اوچائي کان مٿي لڳل هوندي هئي، جنهن کي ڇڪڻ واري زنجير ذريعي هلائبو هو. بعد ۾ لو سوئيٽ ڪمبينشن متعارف ڪرايا ويا، جن ۾ ٽانڪي هيٺ هوندي هئي ۽ ان تي سڌو ليور لڳل هوندو هو. اڄڪلهه سڀ کان عام نظام ڪلوز-ڪپلڊ ٽوائليٽ آهي، جنهن ۾ ٽانڪي سڌي طرح پيالي سان ڳنڍيل هوندي آهي. سيرامڪ انجنيئرن ثابت ڪيو آهي ته پاڻيءَ جي وهڪري جي بهتر ڊزائن، ٽانڪي کي مٿي لڳائڻ کان وڌيڪ اثرائتي فلش مهيا ڪري ٿي.
ٽانڪي ڀرڻ وارو والو
[سنواريو]
ٽانڪي ڀرڻ وارا والو سڀني ٽانڪي وارن ٽوائليٽن ۾ موجود هوندا آهن. انهن جا ٻه بنيادي قسم آهن:
- پاسي وارو فلوٽ (Side-float)
- مرڪزي فلوٽ (Concentric-float)
پاسي واري فلوٽ وارو نظام سؤ سالن کان به وڌيڪ عرصي کان استعمال ۾ آهي، جڏهنتہ مرڪزي فلوٽ وارو نظام 1957ع کان استعمال ٿيڻ شروع ٿيو ۽ هاڻي آهستي آهستي وڌيڪ مقبول ٿي رهيو آهي.
پاسي واري فلوٽ واري نظام ۾ هڪ فلوٽ ليور جي پڇاڙيءَ تي لڳل هوندو آهي، جيڪو پاڻيءَ جي سطح وڌڻ سان مٿي چڙهندو آهي ۽ آخرڪار ڀرڻ واري والو کي بند ڪري ڇڏيندو آهي، جنهن سان پاڻيءَ جي فراهمي بند ٿي ويندي آهي.

مرڪزي فلوٽ واري نظام ۾ هڪ عمودي والو جي چوڌاري پلاسٽڪ جو فلوٽ لڳل هوندو آهي. ان جو ڪم پڻ ساڳيو هوندو آهي، پر ان جي ترتيب وڌيڪ ٺهيل هوندي آهي، جنهن سبب ٻين حصن سان ٽڪرائجڻ جا امڪان گهٽ ٿيندا آهن ۽ نظام وڌيڪ قابل اعتماد بڻجي ويندو آهي. اهڙو والو ٽانڪي ۾ ليڪيج ٿيڻ جي صورت ۾ وڌيڪ آواز پيدا ڪري استعمال ڪندڙ کي خبردار پڻ ڪندو آهي.
ڪيترن ئي جديد ڀرڻ وارن والوز ۾ دير سان ڪم شروع ڪرڻ وارو نظام هوندو آهي، جيڪو فلش والو بند ٿيڻ کان پوءِ ئي ٽانڪي ڀرڻ شروع ڪندو آهي، جنهن سان ڪجهه پاڻي بچندو آهي.
فليپر فلش والو يا ڊراپ والو
[سنواريو]ٽانڪي جي هيٺئين حصي ۾ پاڻيءَ جي نيڪال واري سوراخ کي هڪ هلڪو پلاسٽڪ يا رٻڙ جو ڍڪ (فليپر) بند ڪري رکندو آهي، جيڪو پاڻيءَ جي دٻاءَ سبب پنهنجي جاءِ تي رهندو آهي.
استعمال ڪندڙ جڏهن فلش جو ليور يا بٽڻ دٻائيندو آهي، ته فليپر مٿي کڄي ويندو آهي ۽ پاڻي تيزيءَ سان پيالي ۾ وهي ويندو آهي. پاڻيءَ جي سطح گهٽجڻ سان فليپر ٻيهر هيٺ اچي سوراخ بند ڪري ڇڏيندو آهي.
اهو نظام اتر آمريڪا ۽ يورپ جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ عام آهي. 2001ع کان پوءِ برطانيا ۾ به قانوني تبديلي کان پوءِ هن قسم جا فلش نظام استعمال ٿيڻ لڳا.[52][53]
ٻٽي فلش وارا نمونا وڏي پيماني تي موجود آهن، جن ۾ هڪ بٽڻ پيشاب جهڙي هلڪي گندي پاڻي لاءِ ۽ ٻيو بٽڻ ڳري فضلي لاءِ وڌيڪ پاڻي خارج ڪندو آهي.
اتر آمريڪا ۾ جديد ٽوائليٽن ۾ 3 in (76 mm) فليپر والو لڳندو آهي، جڏهنتہ پراڻن ٽوائليٽن ۾ 2 in (51 mm) فليپر استعمال ٿيندو هو.[54]
فليپر يا ڊراپ والو جو هڪ نقصان اهو آهي ته ڪجهه سالن جي استعمال کان پوءِ رٻڙ جي گهسجڻ يا مٽيءَ جي ذرڙن سبب ان ۾ ليڪيج پيدا ٿي سگهي ٿي، جنهن سان آهستي آهستي وڏي مقدار ۾ پاڻي ضايع ٿيندو آهي.[55]
سائيفون فلش نظام
[سنواريو]
هي نظام البرٽ گبلن ايجاد ڪيو هو ۽ خاص طور برطانيه ۾ گهڻو استعمال ٿيندو آهي.[56] هن نظام ۾ عام والو نه هوندو آهي، تنهنڪري ان کي ڪڏهن ڪڏهن والو کان سواءِ فلش نظام پڻ چيو ويندو آهي.
ليور دٻائڻ سان پاڻي سائيفون واري نلي ۾ داخل ٿئي ٿو ۽ سائيفون جو عمل شروع ٿي وڃي ٿو. ٽانڪي خالي ٿيڻ تي هوا سائيفون ۾ داخل ٿئي ٿي ۽ فلش پاڻمرادو بند ٿي وڃي ٿو.
سائيفون جو وڏو فائدو اهو آهي ته ان ۾ اهڙا سيلنگ واشر نه هوندا آهن، جيڪي گهسجي ليڪيج جو سبب بڻجن. البته سائيفون جي جھلي (Membrane) کي وقت بوقت تبديل ڪرڻ جي ضرورت پئجي سگهي ٿي.
برطانيا ۾ پهرين جنوري 2001ع تائين اهڙي قسم جا سسٽرن لازمي هئا، پر ان کان پوءِ ٻين فلش نظامن جي به اجازت ڏني وئي.[53]
تيز دٻاءَ وارا يا پريشر اسسٽڊ ٽانڪ
[سنواريو]

پريشر اسسٽڊ ٽوائليٽ رهائشي ۽ تجارتي ٻنهي قسمن جي عمارتن ۾ استعمال ٿيندا آهن. اهي هر فلش لاءِ لڳ ڀڳ 5.5 کان 4 L (1.4 کان 1.0 آمريڪي گيلن) پاڻي استعمال ڪندا آهن.
هن نظام ۾ سيرامڪ ٽانڪي جي اندر هڪ پلاسٽڪ جو دٻاءُ وارو برتن هوندو آهي. پاڻي ڀرڻ سان اندر موجود هوا دٻجي ويندي آهي، ۽ جڏهن استعمال ڪندڙ فلش ڪندو آهي ته اهو دٻاءُ وارو پاڻي وڏي رفتار سان پيالي ۾ داخل ٿيندو آهي.[57]
هن نظام جا فائدا هي آهن ته گهٽ پاڻي استعمال ٿيندو آهي، فلش وڌيڪ طاقتور هوندو آهي ۽ رڪاوٽون گهٽ پيدا ٿينديون آهن. پر اهي ٽوائليٽ وڌيڪ مهانگا، وڌيڪ شور وارا ۽ وقت بوقت پريشر ٽانڪي جي تبديلي جا محتاج هوندا آهن. ماضي ۾ ڪجهه پريشر ٽانڪين جي ڦاٽڻ جا واقعا پڻ پيش آيا، جنهن سبب لکين ٽوائليٽ واپس گهرايا ويا هئا.[58]
ٽِپنگ بَڪيٽ قسم جو والو
[سنواريو]ڪجهه سسٽرن ۾ ٽِپنگ بَڪيٽ (اونڌو ٿيندڙ بالٽي) وارو نظام استعمال ڪيو ويندو آهي.[59] هن ۾ هڪ بالٽي محور تي لڳل هوندي آهي، جيڪا ڦرڻ سان پاڻي خارج ڪندي آهي. هن نظام ۾ پاڻيءَ جي مختلف مقدار، جهڙوڪ 3⁄6 L (0.13 US gal) يا 1⁄2 L (0.13 US gal)، خارج ڪري ٻٽو فلش پڻ مهيا ڪري سگهجي ٿو.
ٽانڪي کان سواءِ تيز دٻاءَ وارو (فلشوميٽر) نظام
[سنواريو]- اصل مضمون جي لاءِ ڏسو فلش ميٽر
1906ع ۾ وليم ايلوس سلون پنهنجي ايجاد ڪيل فلشوميٽر فلش والو کي متعارف ڪرايو.[60] اهو نظام اڄ تائين تجارتي عمارتن، عوامي غسل خانن ۽ پيشاب خانن ۾ وڏي پيماني تي استعمال ٿئي ٿو.
فلشوميٽر ۾ ٽانڪي نه هوندي آهي؛ پاڻي سڌو پاڻيءَ جي مکيه فراهمي مان تيز دٻاءَ سان پيالي ۾ داخل ٿيندو آهي. ان کي ليور، بٽڻ يا برقي انفراريڊ سينسر ذريعي هلائي سگهجي ٿو.
هي نظام تمام مختصر وقت لاءِ وڏي مقدار ۾ پاڻي وهائيندو آهي، تنهنڪري گهٽ ۾ گهٽ 3⁄4 انچ (22 ملي ميٽر) يا وڌيڪ بهتر هڪ انچ (29 ملي ميٽر) قطر واري پائپ جي ضرورت هوندي آهي. پاڻيءَ جو دٻاءُ پڻ 2,100 hPa (2.1 bar; 30 psi) کان وڌيڪ هجڻ گهرجي. فلشوميٽر وارو نظام تقريباً ايترو ئي پاڻي استعمال ڪندو آهي جيترو روايتي ڪششِ ثقل تي هلندڙ ٽوائليٽ، پر ان جو فلش وڌيڪ طاقتور هوندو آهي ۽ رڪاوٽون نسبتاً گهٽ پيدا ٿينديون آهن.
پيالي جي جوڙجڪ
[سنواريو]
ٽوائليٽ جو ”پيالو“ يا ”پين“ اهو حصو آهي، جيڪو جسماني فضلو وصول ڪري ٿو. ٽوائليٽ جو پيالو گهڻو ڪري سيرامڪ مان ٺهيل هوندو آهي، پر ڪڏهن ڪڏهن زنگ نه لڳندڙ فولاد يا گڏيل پلاسٽڪ مان پڻ ٺاهيو ويندو آهي. ٽوائليٽ جا پيالا ٽن بنيادي طريقن مان ڪنهن هڪ نموني لڳايا ويندا آهن: فرش کان مٿي لڳل (پيڊيسٽل)، ڀت سان لڳل (ڪينٽيليور)، يا فرش جي اندر لڳل (اوڪڙون ويهي استعمال ٿيندڙ ٽوائليٽ).
پيالي جي اندر پاڻيءَ جي وهڪري جي جوڙجڪ جا ٽي بنيادي نظام هوندا آهن: سائيفون سان ٽريپ ٿيل نظام، جيڪو خاص طور اتر آمريڪا جي گهرن ۽ ننڍين واپاري عمارتن ۾ ملي ٿو؛ سائيفون کان سواءِ ٽريپ ٿيل نظام، جيڪو اڪثر ٻين هنڌن تي استعمال ٿئي ٿو؛ ۽ والو ڪلوزٽ نظام، جيڪو ريل گاڏين، مسافر هوائي جهازن، بسن ۽ ٻين اهڙين گاڏين ۾ استعمال ٿيندو آهي. پراڻي طرز جا ”واش آئوٽ“ ٽوائليٽ هاڻي رڳو ڪجهه هنڌن تي ملن ٿا.
سائيفوني پيالا
[سنواريو]هڪ ٽريپ وارو سائيفوني ٽوائليٽ
[سنواريو]
سائيفوني ٽوائليٽ، جنهن کي ”سائيفون جيٽ“ ۽ ”سائيفون واش“ پڻ چيو ويندو آهي، اتر آمريڪا ۾ گهرن ۽ ننڍين واپاري عمارتن لاءِ سڀ کان وڌيڪ مقبول جوڙجڪ مان هڪ آهي. سڀني سائيفوني ٽوائليٽن ۾ S-شڪل وارو پاڻيءَ جو رستو هوندو آهي.
پيالي ۾ بيٺل پاڻي نيڪال واري نالي مان نڪرندڙ گندي نالي جي گيس کي روڪڻ لاءِ پردي طور ڪم ڪري ٿو ۽ ساڳئي وقت فضلو گڏ ڪري ٿو. نالي جي گيس کي نيڪال واري پائپ سان ڳنڍيل هڪ الڳ هوا ڪڍڻ واري پائپ ذريعي ٻاهر ڪڍيو ويندو آهي. پيالي جو پاڻي ڊگهي S-شڪل واري پائپ وسيلي نيڪال سان ڳنڍيل هوندو آهي، جيڪا پيالي جي پٺيان مٿي ۽ پوءِ هيٺ نيڪال ڏانهن وڪڙ کائيندي آهي. پيالي جي پٺيان موجود رستي جو حصو سائيفون جي نلي وانگر ترتيب ڏنل هوندو آهي، جنهن جي ڊيگهه پيالي ۾ موجود پاڻيءَ جي کوٽائي کان وڌيڪ هوندي آهي. وڪريل نلي جو مٿيون حصو پيالي ۾ پاڻيءَ جي وڌ کان وڌ سطح مقرر ڪري ٿو. هنن ٽوائليٽن جا پاڻيءَ جا رستا غير سائيفوني ٽوائليٽن جي ڀيٽ ۾ ٿورڙا سوڙها رکيا ويندا آهن، جيئن هر فلش دوران پاڻي رستي کي ڀري سائيفون وارو عمل پيدا ڪري.
ٽوائليٽ جي پيالي جي مٿئين ڪناري تي ڪيترائي ترڇا سوراخ هوندا آهن، جن ڏانهن ٽانڪي مان پاڻي ايندو آهي. اهي سوراخ پيالي کي ڀريندا، ڌوئيندا ۽ پاڻيءَ ۾ ڦيرو پيدا ڪندا آهن. ڪجهه جوڙجڪن ۾ پيالي جي اڳئين پاسي هڪ وڏو سوراخ هوندو آهي، جيئن پيالو وڌيڪ تيزيءَ سان ڀرجي سگهي. پيالي جي هيٺئين ٽريپ ۾ لڳ ڀڳ 25 mm (1 انچ) قطر وارو سائيفون جيٽ سوراخ پڻ ٿي سگهي ٿو.
جيڪڏهن ٽوائليٽ ٽانڪي مان فلش ٿئي، ته ان جي مٿان وڏي سسٽرن لڳل هوندي آهي، جنهن ۾ جديد نمونن ۾ لڳ ڀڳ 4.5 کان 6 L (1.2 کان 1.6 آمريڪي گيلنs) پاڻي هوندو آهي. ٽانڪي جي تري ۾ 50 کان 75 mm (2 کان 3 انچ) قطر وارو وڏو نيڪال سوراخ هوندو آهي، جيڪو فليپر والو سان بند ٿيل هوندو آهي. فلش ڪرڻ تي اهو والو کلي ٿو ۽ پاڻي تيزيءَ سان ٽانڪي مان پيالي ۾ وهي ٿو. متبادل طور، پاڻي سڌو فلش والو يا ”فلشوميٽر“ مان اچي سگهي ٿو.
پاڻيءَ جي تيز وهڪري سبب پيالي ۾ بيٺل پاڻي مٿي چڙهي S-شڪل واري سائيفون نلي کي ڀري ٿو، جنهن سان سائيفوني عمل شروع ٿئي ٿو. سائيفون لڳ ڀڳ 4 کان 7 سيڪنڊن اندر پيالي جي گهڻي پاڻي ۽ فضلي کي نيڪال ڏانهن ڇڪي ٿو. جڏهن پيالي مان گهڻو پاڻي نڪري وڃي ٿو، ته سائيفون ۾ هوا داخل ٿيڻ سان پاڻيءَ جو لڳاتار ٿنڀو ٽٽي پوي ٿو. پوءِ ٽوائليٽ مان مخصوص ڳڙڳڙاهٽ وارو آواز نڪري ٿو ۽ سائيفون وارو عمل بند ٿي وڃي ٿو.
”حقيقي سائيفوني ٽوائليٽ“ کي ان جي آواز مان سڃاڻي سگهجي ٿو. جيڪڏهن فلش جي پڇاڙيءَ ۾ هوا نيڪال ڏانهن چوسجڻ جو آواز ٻڌڻ ۾ اچي، ته اهو حقيقي سائيفوني ٽوائليٽ هوندو آهي. ٻي صورت ۾ اهو يا ته ٻٽي ٽريپ وارو سائيفوني يا غير سائيفوني ٽوائليٽ هوندو آهي.
جيڪڏهن پاڻي آهستي آهستي پيالي ۾ هاريو وڃي، ته اهو پاڻيءَ جي رستي جي ڪناري کان مٿي وهي آهستي نيڪال ڏانهن هليو ويندو؛ ان ڪري ٽوائليٽ صحيح نموني فلش نه ٿيندو.
فلش ٿيڻ کان پوءِ پاڻيءَ جي ٽانڪي ۾ فليپر والو يا فلش والو بند ٿي ويندو آهي، ۽ پاڻيءَ جي فراهمي سان ڳنڍيل نليون ۽ والو ٽانڪي ۽ پيالي کي ٻيهر ڀريندا آهن. ان کان پوءِ ٽوائليٽ ٻيهر استعمال لاءِ تيار ٿي ويندو آهي.
جيڪڏهن ٽوائليٽ جي مٿئين داخلي رستي سان ڳنڍيل اڳيون فلش جيٽ بند ٿي وڃي، ته فلش ڪمزور ٿي سگهي ٿو يا مڪمل طور ڪم ڪرڻ ڇڏي ڏئي سگهي ٿو.[61]
ٻٽي ٽريپ وارو سائيفوني ٽوائليٽ
[سنواريو]
ٻٽي ٽريپ وارو سائيفوني ٽوائليٽ نسبتاً گهٽ عام قسم آهي، جيڪو فلش ڪرڻ وقت گهڻو خاموش هوندو آهي.سانچو:Promotion inline ”اسپائريٽر“ نالي اوزار فلش جي پاڻيءَ جي وهڪري کي ٻن ٽريپن جي وچ واري خاني مان هوا ڇڪڻ لاءِ استعمال ڪري ٿو. ان سان اندروني هوائي دٻاءُ گهٽجي ٿو ۽ سائيفون پيدا ٿئي ٿو، جيڪو پيالي مان پاڻي ۽ فضلو ڇڪي ٻاهر ڪڍي ٿو. فلش جي پڇاڙيءَ ۾ اسپائريٽر پاڻيءَ ۾ ٻڏل رهڻ بند ڪري ٿو، جنهن سان ٻن ٽريپن جي وچ واري خاني ۾ هوا داخل ٿي سائيفون ٽٽي پوي ٿو. اهو عمل ڳڙڳڙاهٽ کان سواءِ ٿئي ٿو، جڏهن ته آخري فلش وارو پاڻي پيالي کي ٻيهر ڀري ٿو.[62][حوالو گهربل]
غير سائيفوني پيالا
[سنواريو]واش ڊائون ٽوائليٽ
[سنواريو]واش ڊائون ٽوائليٽ آمريڪي کنڊ کان ٻاهر پيڊيسٽل ۽ ڀت سان لڳل ٽوائليٽن جو سڀ کان عام قسم آهي.[حوالو گهربل] پيالي جي مٿئين حصي ۾ وڏو کليل منهن هوندو آهي، جيڪو هيٺ وڃي بنيادي پاڻيءَ واري ٽريپ تائين سوڙهو ٿيندو آهي. پيالي کي مٿان کان ڪناري يا جيٽن مان نڪرندڙ پاڻي فلش ڪندو آهي. پيالي ۾ داخل ٿيندڙ پاڻيءَ جي زور سان فضلو ٽريپ مان گذري نيڪال ۾ هليو ويندو آهي.
واش ڊائون پيالا پراڻن ”هاپر“ ڪلوزٽن مان ترقي ڪري وجود ۾ آيا، جيڪي نيڪال سان ڳنڍيل سادا مخروطي پيالا هئا. جيئن ته فضلو عام طور پيالي جي صحيح وچ بدران پٺئين حصي ڏانهن خارج ٿئي ٿو، تنهن ڪري پراڻن هاپرن جا پٺيان حصا آسانيءَ سان گندا ٿي ويندا هئا. جديد واش ڊائون پيالي جو پٺيون حصو تيز ڍلان وارو ۽ اڳيون حصو نرم ڍلان يا وڪڙ وارو هوندو آهي، جنهن سبب پاڻيءَ جو ٽريپ پيالي جي وچ بدران ٿورو پٺيان هوندو آهي. هن ”غير مرڪزي مخروط“ واري جوڙجڪ ۾ گهڻو فضلو پيالي جي سطح تي ڪرڻ بدران هيٺ موجود پاڻيءَ ۾ ڪري ٿو.
شروعاتي واش ڊائون ٽوائليٽن جي هيٺئين حصي ۾ پاڻيءَ جو وڏو علائقو هوندو هو، جيئن پيالو گهٽ گندو ٿئي، پر ان کي صاف ڪرڻ لاءِ وڏي مقدار ۾ پاڻي گهربل هوندو هو. جديد پيالن ۾ پاڻيءَ جو علائقو ننڍو هوندو آهي، جنهن سان فلش لاءِ گهٽ پاڻي گهرجي. تنهن هوندي به، اهو علائقو عام اتر آمريڪي سائيفوني پيالي جي ڀيٽ ۾ گهڻو ننڍو هوندو آهي، جنهن ڪري واش ڊائون پيالو نسبتاً وڌيڪ گندو ٿي سگهي ٿو.
واش آئوٽ ٽوائليٽ
[سنواريو]واش آئوٽ يا فلاخشپولر، يعني ”هلڪو فلش“، ٽوائليٽن ۾ هڪ سنئين چبوتري جهڙي سطح ۽ پاڻيءَ جو اٿلو تلاءُ هوندو آهي. پٺئين پاسي کان ايندڙ پاڻيءَ جو جيٽ فضلي کي هيٺين ٽريپ ڏانهن ڌڪيندو آهي، جتان پاڻيءَ جو وهڪرو ان کي نيڪال واري نظام ۾ کڻي ويندو آهي. هن جو هڪ فائدو اهو آهي ته استعمال ڪندڙ تي هيٺان کان پاڻيءَ جا ڇنڊا نه پوندا آهن. پاخاني جي نموني وٺڻ پڻ آسان هوندو آهي.
واش آئوٽ ٽوائليٽ ۾ پاڻيءَ جو اٿلو تلاءُ هوندو آهي، جنهن جي پٺيان ٽريپ وارو نيڪال هوندو آهي. فضلو پاڻيءَ جي وهڪري سان ٽريپ، عام طور P-ٽريپ يا S-ٽريپ، ۾ وڃي پوءِ نيڪال واري نالي ڏانهن هليو ويندو آهي. واش آئوٽ پيالا سيرامڪ ٽوائليٽن جي شروعاتي قسمن مان هئا، پر 1970ع واري ڏهاڪي کان پوءِ يورپ ۾ انهن جو استعمال لڳاتار گهٽجي ويو آهي.[حوالو گهربل]
واش آئوٽ ٽوائليٽ اڳ خاص طور جرمني، آسٽريا ۽ فرانس ۾ استعمال ٿيندو هو. برطانيا ۾ جارج جيننگز 1852ع ۾ ان جو پيٽنٽ حاصل ڪيو، ۽ اهو 19هين صديءَ دوران برطانيا ۾ معياري ٽوائليٽ رهيو.[حوالو گهربل]
هن قسم جا ٽوائليٽ اڄ به آسٽريا، چيڪ جمهوريه، جرمني، هنگري، نيدرلينڊز ۽ پولينڊ جي ڪجهه علائقن ۾ ملي سگهن ٿا، جيتوڻيڪ انهن جو استعمال گهٽجي رهيو آهي.
هن جو هڪ نقصان اهو آهي ته چبوتري تي رهجي ويل فضلي جا نشان هٽائڻ لاءِ ٽوائليٽ برش وڌيڪ استعمال ڪرڻو پوي ٿو.[حوالو گهربل] فضلو فوراً پاڻيءَ ۾ نه ٻڏڻ سبب تيز ۽ گهڻي دير رهندڙ بدبو پڻ پيدا ٿي سگهي ٿي.
اوڪڙون ويهي استعمال ٿيندڙ ٽوائليٽ
[سنواريو]- اصل مضمون جي لاءِ ڏسو اوڪڙون ويهي استعمال ٿيندڙ ٽوائليٽ

ايشيا جي ڪيترن ئي حصن ۾ ماڻهو روايتي طور اوڪڙون ويهي ٽوائليٽ استعمال ڪن ٿا. اهو مردن ۽ عورتن ٻنهي جي پيشاب ۽ پاخاني ڪرڻ تي لاڳو ٿئي ٿو. ان ڪري گهرن ۽ عوامي غسل خانن ۾ پيالو فرش اندر لڳل اوڪڙون ويهي استعمال ٿيندڙ ٽوائليٽ هوندا آهن. انهن جو هڪ فائدو اهو آهي ته الڳ ٽوائليٽ سيٽ جي ضرورت نٿي پوي. اهي انهن ثقافتن لاءِ پڻ وڌيڪ مناسب آهن، جتي ماڻهو ٽوائليٽ پيپر بدران پاڻيءَ سان صفائي ڪن ٿا.
ان جي باوجود، ويهڻ جي اوچائي تي لڳل ۽ پلاسٽڪ جي سيٽ وارا مغربي طرز جا ٽوائليٽ پڻ مقبول ٿي ويا آهن. ڪيترن ئي عوامي غسل خانن ۾ اوڪڙون ويهڻ ۽ سيٽ تي ويهڻ وارا ٻئي قسم موجود هوندا آهن.
مغربي ملڪن جي ڪجهه عوامي ٽوائليٽن ۾، اوڪڙون ويهي استعمال ڪرڻ جي عادي ماڻهن لاءِ، ويهڻ واري ٽوائليٽ جي صحيح استعمال بابت هدايتون لڳايون ويون آهن. ان جو مقصد ٽوائليٽ يا سيٽ کي ٽٽڻ کان بچائڻ آهي، جيڪڏهن ڪو ماڻهو ان جي ڪنارن تي اوڪڙون ويهڻ جي ڪوشش ڪري.[63]
ڀارت ۾ استعمال ٿيندڙ ”اينگلو-انڊين“ جوڙجڪ هڪ ئي ٽوائليٽ کي ويهي يا اوڪڙون ويهي استعمال ڪرڻ جي سهولت ڏئي ٿي.
والو ڪلوزٽ
[سنواريو]والو ڪلوزٽ جي پيالي جي نيڪال واري هنڌ تي هڪ والو يا ڍڪ هوندو آهي، جيڪو گهڻو ڪري پاڻي نه ٽپڻ وارو سيل رکي ٿو، جيئن پيالي ۾ پاڻيءَ جو تلاءُ قائم رهي. فلش ڪرڻ وقت والو کلي ٿو ۽ پيالي ۾ موجود پاڻي تيزيءَ سان نيڪال ڏانهن وهي ٿو، ۽ فضلو پاڻ سان گڏ کڻي وڃي ٿو.
والو ڪلوزٽ ٽوائليٽن جي سڀ کان پراڻن قسمن مان آهي، پر هاڻي پاڻيءَ سان فلش ٿيندڙ نظامن ۾ تمام گهٽ استعمال ٿئي ٿو. ٻين ٽوائليٽن جي ڀيٽ ۾ ان جي جوڙجڪ وڌيڪ پيچيده، ڀروسي جوڳي گهٽ ۽ مرمت ڪرڻ وڌيڪ ڏکيو آهي. اڄڪلهه والو ڪلوزٽ خاص طور قافلن، ڪيمپنگ، ريل گاڏين ۽ هوائي جهازن جي پورٽيبل ٽوائليٽن ۾ استعمال ٿيندو آهي، جتي فلش وارو سيال ٻيهر استعمال ڪيو ويندو آهي.
اهڙي جوڙجڪ ڪجهه ريل گاڏين ۾ انهن علائقن لاءِ پڻ استعمال ڪئي ويندي آهي، جتي فضلو سڌو ريل جي پٽڙيءَ جي وچ ۾ ڪيرايو ويندو آهي. اهڙن ٽوائليٽن کي عام طور اسٽيشن تي استعمال ڪرڻ منع هوندو آهي.
اوڀر جرمني جي آمينڊورف ڪارخاني ۾ ٺهيل پراڻين روسي ريل گاڏين ۾ سادا والو ڪلوزٽ استعمال ٿيندا هئا. انهن ۾ پيالي جي تري تي ٿالهي جهڙو بند والو هوندو هو، جيڪو فضلو سڌو هيٺ پٽڙيءَ تي ڇڏيندو هو. اهڙي ٽوائليٽ جو استعمال صرف هلندڙ ريل ۾ ۽ وڏن شهرن کان ٻاهر جائز هوندو هو. پراڻين گاڏين سان گڏ اهي جوڙجڪ پڻ آهستي آهستي ختم ڪيون پيون وڃن ۽ انهن جي جاءِ جديد ويڪيوم نظام وٺي رهيا آهن.
برطانوي ڳائڻي ايئن والس مزاحيه گيت ”نيور ڊو اٽ ايٽ دي اسٽيشن“ لکيو ۽ ڳايو، جنهن ۾ برطانيا ۾ 20هين صديءَ جي وچ تائين استعمال ٿيندڙ پٽڙيءَ تي فضلو ڇڏيندڙ پراڻن ٽوائليٽن جو ذڪر هو. گيت ۾ پهرين سستي سفر ڪندڙن کي اسٽيشن جي فيس وارن ٽوائليٽن کان بچي پئسا بچائڻ جي صلاح ڏني وئي، پر ساڳئي وقت کين ياد ڏياريو ويو ته ريل اسٽيشن تي بيٺل هجي ته گاڏيءَ اندر موجود ٽوائليٽ استعمال نه ڪيو وڃي.[64]
گهٽ پاڻي استعمال ڪندڙ ۽ اعليٰ ڪارڪردگي وارا فلش ٽوائليٽ
[سنواريو]1994ع کان پوءِ ٽوائليٽ فلش ڪرڻ لاءِ گهٽ پاڻي استعمال ڪرڻ ڏانهن نمايان لاڙو وڌيو آهي. ان جي نتيجي ۾ گهٽ فلش وارن ٽوائليٽن جون نيون جوڙجڪون ۽ فلش دوران پاڻيءَ جي استعمال بابت مقامي توڙي قومي معيار وجود ۾ آيا. ڪجهه ماڻهو موجوده وڌيڪ پاڻي استعمال ڪندڙ ٽوائليٽ جي ٽانڪي ۾ سر يا پاڻيءَ جي بوتل رکي ان جي پاڻي رکڻ جي گنجائش گهٽائيندا آهن.[65] وڌيڪ ڪارائتي نموني پاڻي استعمال ڪرڻ لاءِ پاڻيءَ جي نظام ۾ پڻ تبديليون ڪيون وينديون آهن، جهڙوڪ ڀورو پاڻي استعمال ڪرڻ، يا اهڙا نظام اختيار ڪرڻ جيڪي پاڻيءَ کي گهٽ آلوده ڪن.
سويڊن ۾ تيار ڪيل پيشاب الڳ ڪندڙ فلش ٽوائليٽ پيشاب لاءِ گهٽ يا بلڪل پاڻي استعمال نه ڪري پاڻي بچائيندا آهن، جڏهن ته پاخاني جي فلش لاءِ لڳ ڀڳ six ليٽرs (1.6 US gal) پاڻي استعمال ٿيندو آهي.
نون ٽوائليٽن لاءِ آمريڪي معيار
[سنواريو]- اصل مضمون جي لاءِ ڏسو ميپ جاچ
آمريڪا ۾ 1994ع کان اڳ رهائشي ۽ 1997ع کان اڳ واپاري عمارتن ۾ استعمال ٿيندڙ فلش ٽوائليٽ عام طور هر فلش ۾ 3.4 آمريڪي گيلنs (13 L) پاڻي استعمال ڪندا هئا. آمريڪي ڪانگريس توانائي پاليسي ايڪٽ 1992 منظور ڪيو، جنهن تحت 1994ع کان عام فلش ٽوائليٽن لاءِ هر فلش ۾ وڌ ۾ وڌ 1.6 آمريڪي گيلنs (6.1 L) پاڻي استعمال ڪرڻ لازمي ڪيو ويو.[66]
قانون جي جواب ۾ ٺاهيندڙن گهٽ وهڪري وارا ٽوائليٽ تيار ڪيا، پر ڪيترن استعمال ڪندڙن کي اهي پسند نه آيا، ڇاڪاڻتہ ٺوس فضلو نيڪال ڪرڻ لاءِ اڪثر هڪ کان وڌيڪ ڀيرا فلش ڪرڻو پوندو هو. ڪجهه ماڻهو انهن جي ڪمزور ڪارڪردگيءَ کان بيزار ٿي پراڻا ٽوائليٽ خريد ڪرڻ لاءِ ڪينيڊا يا ميڪسيڪو وڃڻ لڳا، يا پراڻين عمارتن مان ڪڍيل ٻيهر استعمال لائق ٽوائليٽ وٺڻ لڳا.[67]
انهن شڪايتن کان پوءِ ٺاهيندڙن ٽوائليٽن جي جوڙجڪ بهتر ڪئي. بهتر ٿيل نمونن کي عام طور اعليٰ ڪارڪردگي وارا ٽوائليٽ (HETs) چيو ويندو آهي. انهن جو اثرائتو فلش مقدار 1.3 آمريڪي گيلنs (4.9 L) يا ان کان گهٽ هوندو آهي.[68] اهي هڪ فلش يا ٻٽي فلش وارا ٿي سگهن ٿا. ٻٽي فلش وارو ٽوائليٽ پيشاب ۽ ٺوس فضلي لاءِ پاڻيءَ جي مختلف مقدار چونڊڻ جي سهولت ڏئي ٿو.[69] ڪجهه اعليٰ ڪارڪردگي وارا ٽوائليٽ دٻاءَ جي مدد سان، پمپ، طاقت يا ويڪيوم ذريعي فلش ٿيندا آهن.
فلش ٽوائليٽ جي ڪارڪردگي کي وڌ ۾ وڌ ڪارڪردگي يا MaP اسڪور سان پرکيو ويندو آهي. MaP اسڪور جي گهٽ ۾ گهٽ سطح 250 هوندي آهي، جيڪا 250 گرام مصنوعي پاخاني جي نيڪال جي صلاحيت ڏيکاري ٿي، جڏهن ته وڌ ۾ وڌ اسڪور 1,000 آهي. 1,000 اسڪور وارو ٽوائليٽ اصولي طور هڪ ئي فلش ۾ سمورو فضلو ڪڍي، بند نه ٿئي، بدبو گڏ نه ڪري ۽ آسانيءَ سان صاف رهي. آمريڪي ماحولياتي تحفظ واري ايجنسي اعليٰ ڪارڪردگي وارن ٽوائليٽن لاءِ 350 MaP اسڪور کي گهٽ ۾ گهٽ ڪارڪردگي وارو معيار مقرر ڪري ٿي.[68] هر فلش ۾ 1.6 آمريڪي گيلن پاڻي استعمال ڪندڙ ٽوائليٽن کي ڪڏهن ڪڏهن انتهائي گهٽ وهڪري وارا ٽوائليٽ (ULF) پڻ چيو ويندو آهي.
گهٽ وهڪري وارن ٽوائليٽن جي ڪمزورين کي پورو ڪرڻ لاءِ استعمال ٿيندڙ طريقن ۾ سنهو ٽوائليٽ پيپر استعمال ڪرڻ،[70] پلنجر استعمال ڪرڻ ۽ هٿ سان پيالي ۾ اضافي پاڻي هارڻ شامل آهن.[71]
سار سنڀال ۽ صفائي
[سنواريو]پاڻي ۽ نيڪال جون ڪيتريون ئي خدمتون مهيا ڪندڙ ڪمپنيون هدايتون جاري ڪن ٿيون ته ڪهڙيون شيون ٽوائليٽ ۾ فلش ڪرڻ گهرجن ۽ ڪهڙيون نه.[72][73]
بندش
[سنواريو]ٽوائليٽ ۾ بندش عام طور اهڙين شين کي فلش ڪرڻ سبب پيدا ٿيندي آهي، جيڪي نيڪال لاءِ مناسب نه هجن. ان کان سواءِ، عمر سان گڏ پاخاني جي ماپ وڌڻ يا تمام گهڻو ٽوائليٽ پيپر استعمال ڪرڻ پڻ بندش جو سبب بڻجي سگهي ٿو.[74]
هوا ۾ پکڙجندڙ ننڍڙا ذرڙا
[سنواريو]- اصل مضمون جي لاءِ ڏسو ٽوائليٽ پلوم
”ٽوائليٽ پلوم“ مان مراد فلش ڪرڻ دوران تمام ننڍڙن ذرڙن جو هوا ۾ پکڙجڻ آهي. صحتمند ماڻهن طرفان ٽوائليٽ جي عام استعمال کي عام طور وڏي صحت خطري جو سبب نٿو سمجهيو وڃي.[75]
اڻ سڌن ثبوتن مان ظاهر ٿيو آهي ته ڪجهه مخصوص جراثيم، جهڙوڪ نورووائرس[76][77] يا سارس ڪورونا وائرس،[78] ٽوائليٽ مان پيدا ٿيندڙ ايروسول ذريعي پکڙجي سگهن ٿا. تنهن هوندي به، 2015ع تائين اهڙي ڪا سڌي تجرباتي تحقيق موجود نه هئي، جيڪا ٽوائليٽ ايروسول ذريعي بيماريءَ جي حقيقي منتقلي کي واضح طور ثابت يا رد ڪري سگهي.[79][80]
اهو خيال پيش ڪيو ويو آهي ته فلش ڪرڻ کان اڳ ٽوائليٽ جو ڍڪ بند ڪرڻ ۽ گهٽ طاقت واري فلش وارا ٽوائليٽ استعمال ڪرڻ سان جراثيمن جي هوا ۾ پکڙجڻ کي گهٽائي سگهجي ٿو.[79][81]
مينيوفيڪچرنگ
[سنواريو]
سيرامڪ صفائي جي سامان، جن ۾ فلش ٽوائليٽ پڻ شامل آهن، جي تياري شيشي جهڙي چيني مٽي (vitreous china) يا فائر ڪلي (fireclay) جي خاص آمیزش سان شروع ٿيندي آهي. هن آمیزش ۾ عام طور تي پلاسٽڪ مٽين، جهڙوڪ بال ڪلي ۽ ڪائولن، سان گڏ غير پلاسٽڪ مواد جهڙوڪ ڪوارٽز ۽ فيلڊسپار شامل هوندا آهن. بال ڪلي شڪل ڏيڻ لاءِ گهربل لچڪ فراهم ڪندي آهي، جڏهن ته ڪائولن ساڙڻ کان پوءِ اڇو رنگ ۽ ڍانچي جي مضبوطي برقرار رکندو آهي.[82] فيلڊسپار ڳارڻ واري مادّي (flux) طور ڪم ڪندو آهي، جيڪو ساڙڻ دوران شيشي جهڙي بناوت پيدا ڪرڻ لاءِ گهربل گرمي پد گهٽائي، غير مسامي سطح ٺاهي ٿو.[83]
اهي خام مال پاڻي ۽ ڪيميائي ڊيفلوڪولينٽن سان وڏن ٽانڪن ۾ ملايا ويندا آهن، جنهن سان هڪ روان معلق محلول (slip) تيار ٿيندو آهي. تيار ٿيل سلپ جي گاڙهاڻ ۽ کثافت تي سخت نظر رکي ويندي آهي ته جيئن تيار ٿيندڙ شئي جي معيار ۾ يڪسانيت برقرار رهي.
صفائي جي سامان کي شڪل ڏيڻ لاءِ سڀ کان وڌيڪ استعمال ٿيندڙ طريقو سلپ ڪاسٽنگ آهي، جنهن ۾ هي محلول پيرس جي پلستر يا ريزن سان ٺهيل مسامي سانچن ۾ وڌو ويندو آهي. جيئن سانچو پاڻي جذب ڪندو آهي، تيئن مٽيءَ جي هڪ مضبوط پرت اندروني ڀتين تي ٺهندي ويندي آهي. گهربل ٿولهه حاصل ٿيڻ کان پوءِ اضافي محلول ڪڍي ڇڏيو ويندو آهي ۽ هڪ کوکلي، اڻ سڪي ٺهيل شئي (greenware) باقي رهندي آهي.[84] وڌيڪ پيچيده شڪلين يا وڏي پيماني تي پيداوار لاءِ پريشر ڪاسٽنگ استعمال ڪئي ويندي آهي، جنهن ۾ مصنوعي سانچا ۽ هائيڊرولڪ دٻاءُ استعمال ڪري پاڻيءَ جي نيڪال جو عمل تيز ڪيو ويندو آهي.[85]
سانچي مان ڪڍڻ کان پوءِ ٺهيل شئي کي احتياط سان سڪايو ويندو آهي. هي مرحلو انتهائي اهم هوندو آهي، ڇاڪاڻتہ نمي کي ڪنٽرول ٿيل طريقي سان ڪڍڻ سان اڻبرابر سُڪڻ سبب پيدا ٿيندڙ وڪڙ يا ڏار کان بچاءُ ٿيندو آهي.[86]
جڏهن شئي چمڙي جهڙي سختي يا مڪمل خشڪي واري حالت تي پهچي وڃي ٿي، تڏهن ان کي هموار ڪري گليز لاءِ تيار ڪيو ويندو آهي. گليز، جيڪا سليڪا، فيلڊسپار ۽ زرڪون جهڙن بارڪ پيسيل معدنيات تي ٻڌل هوندي آهي، عام طور تي روبوٽڪ اسپري نظام ذريعي لڳائي ويندي آهي ته جيئن سڄي سطح تي هڪجهڙو تهه چڙهي وڃي.[87] هي تهه رڳو ظاهري خوبصورتي لاءِ نه، پر صفائي، پاڻي نه جذب ڪندڙ خاصيت ۽ ڪيميائي مزاحمت فراهم ڪرڻ لاءِ پڻ ضروري هوندو آهي، جيڪو تيار ٿيل سامان جي ڊگهي عمر ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو آهي.[88]
تياري جو آخري مرحلو ساڙڻ (firing) آهي، جيڪو وڏين سرنگ نما يا شٽل ڀٺين ۾ تقريباً 1,200 ڊگري سينٽي گريڊ گرمي پد تي ڪيو ويندو آهي. هن عمل دوران مٽي شيشي جهڙي مضبوط بناوت اختيار ڪندي آهي ۽ گليز ڳري بنيادي جسم سان مڪمل طور ڳنڍجي هڪ مضبوط ۽ پائيدار شئي ٺاهي ٿي.[89] هن تيز گرمي واري تبديلي کان پوءِ تيار ٿيل سيرامڪ ۾ پاڻي جذب ڪرڻ جي شرح 0.5 سيڪڙو کان گهٽ رهندي آهي، جيڪا گهريلو ۽ تجارتي صفائي جي سامان لاءِ مقرر معيارن تي پوري لهندي آهي.[90]
پاڻيءَ جو استعمال
[سنواريو]
روايتي فلش ٽوائليٽن ۾ استعمال ٿيندڙ پاڻي عام طور تي هڪ شخص جي روزاني پاڻيءَ جي استعمال جو وڏو حصو هوندو آهي. مثال طور، جيڪڏهن هڪ ماڻهو روزانو پنج ڀيرا 10 L (2.6 آمريڪي گيلنs) پاڻي وارو فلش استعمال ڪري، ته هو تقريباً 50 L (13 آمريڪي گيلنs) پاڻي صرف فلش ڪرڻ لاءِ خرچ ڪندو.
جديد گهٽ پاڻي استعمال ڪندڙ فلش ٽوائليٽ (Low-flush toilets) هر فلش لاءِ رڳو 4.5 کان 6 L (1.2 کان 1.6 آمريڪي گيلنs) پاڻي استعمال ڪن ٿا، جنهن سان پاڻيءَ جي استعمال ۾ نمايان گهٽتائي اچي ٿي.[حوالو گهربل]
ٻٽي فلش وارا ٽوائليٽ استعمال ڪندڙ کي پيشاب ۽ پخاني لاءِ الڳ مقدار جو فلش چونڊڻ جي سهولت ڏين ٿا، جنهن سان روايتي ٽوائليٽن جي ڀيٽ ۾ ڪافي پاڻي بچائي سگهجي ٿو. اهڙو نظام ڪڏهن فلش جي هٿي کي مٿي يا هيٺ ڪرڻ سان ڪم ڪندو آهي،[91] ته ڪڏهن ٻن حصن واري بٽڻ ذريعي، جتي ننڍو بٽڻ گهٽ پاڻي ۽ وڏو بٽڻ وڌيڪ پاڻي خارج ڪندو آهي.
غير پيئڻ لائق پاڻي سان فلش
[سنواريو]خام پاڻي، خاص طور سامونڊي پاڻي، استعمال ڪري فلش ڪرڻ پاڻي بچائڻ جو هڪ طريقو آهي، جنهن کي خام پاڻي فلش نظام چيو وڃي ٿو. اهڙا نظام هانگ ڪانگ جي اڪثر شهرن ۽ ڳوٺن (ڏسو: هانگ ڪانگ ۾ پاڻي جي فراهمي ۽ صفائي)،[92] جبرالٽر ۽ آمريڪا جي اويلان، ڪيليفورنيا ۾ استعمال ڪيا وڃن ٿا. ٻيڙين تي لڳل ٽوائليٽ (Heads) به عام طور سامونڊي پاڻي سان فلش ڪيا ويندا آهن.
جيڪڏهن مناسب پلمبنگ موجود هجي، ته فلش ٽوائليٽن ۾ ڀورو پاڻي (greywater) پڻ استعمال ڪري سگهجي ٿو، جيڪو اڳ ۾ ٿانوَ ڌوئڻ، ڪپڙا ڌوئڻ يا وهنجڻ لاءِ استعمال ٿيل پاڻي هوندو آهي. اهڙي ريت پيئڻ لائق صاف پاڻي (potable water) جي استعمال ۾ گهٽتائي آڻي سگهجي ٿي.
سماج ۽ ثقافت
[سنواريو]=== پاڻيءَ جي ڦيري جي رخ بابت غلط فهمي === هڪ عام غلط فهمي اها آهي ته فلش ڪرڻ وقت ٽوائليٽ جي پيالي ۾ پاڻي خط استوا جي اتر ۾ هڪ رخ ۽ ڏکڻ ۾ ٻئي رخ سان ڦرندو آهي، جنهن جو سبب ڪوريولس اثر (Coriolis effect) ٻڌايو ويندو آهي. عام طور دعويٰ ڪئي ويندي آهي ته اتر اڌ گولي ۾ پاڻي گهڙيال جي سوئين جي ابتڙ ۽ ڏکڻ اڌ گولي ۾ گهڙيال جي سوئين جي رخ ۾ ڦرندو آهي.
حقيقت ۾ پاڻيءَ جي وهڪري جو رخ بنيادي طور تي ان ڳالهه تي دارومدار رکي ٿو ته ٽوائليٽ جي پيالي جي ڪناري هيٺان موجود پاڻيءَ جا سوراخ (rim jets) ڪهڙي رخ ۾ ٺهيل آهن. ٺاهڻ دوران انهن سوراخن جو رخ تبديل ڪري، ڪنهن به اڌ گولي ۾ پاڻيءَ کي ڪنهن به رخ سان ڦيرائي سگهجي ٿو.
ڪوريولس قوت جي اهميت کي روسبي عدد (Rossby number) ذريعي ماپيو ويندو آهي. جڏهن هي عدد 1 کان تمام گهڻو وڏو هجي، تڏهن ڪوريولس قوت پاڻيءَ جي حرڪت تي عملي طور بي اثر هوندي آهي. غسل خانن ۽ ٽوائليٽن جي ماپ تي روسبي عدد اربين جي لڳ ڀڳ هوندو آهي،[93] تنهنڪري عام حالتن ۾ ڪوريولس اثر مشاهدي لائق نه هوندو آهي ۽ رڳو انتهائي ڪنٽرول ٿيل سائنسي تجربن ۾ ئي ان جا اثر ڏسي سگهجن ٿا.[94]
=== شائستگي وارو فلش === 1990ع واري ڏهاڪي کان شائستگي وارو فلش (courtesy flush) هڪ عام اصطلاح بڻجي ويو، جنهن مان مراد پخاني دوران ئي هڪ ڀيرو فلش ڪرڻ آهي، جيئن ساڳئي غسل خاني جا ٻيا استعمال ڪندڙ يا جيل جي هڪ ئي ڪوٺڙي ۾ موجود ٻيا قيدي گهٽ تڪليف محسوس ڪن.[95]
شائستگي وارو فلش بدبو گهٽائڻ ۽ فلش جي آواز سان ٻين آوازن کي ڍڪڻ ۾ پڻ مددگار ثابت ٿي سگهي ٿو.[96]
پڻ ڏسو
[سنواريو]- جاپان ۾ ٽوائليٽ
- ٿامس ميڊاڪ، آمريڪا ۾ گهرن اندر استعمال ٿيندڙ ٽوائليٽ جي صنعت جو باني
حوالا
[سنواريو]- ↑ Kagan, Mya. "Where Does the Water Go When I Flush the Toilet?" Kids' Why Questions. Whyzz Publications LLC, 2011.
- ↑ Leamington Spa Courier, 2 April 1853
- 1 2 Norton, Mary Beth; Sheriff, Carol; Blight, David W.; Chudacoff, Howard (2011). [[[:سانچو:GBurl]] A People and a Nation: A History of the United States, Volume II: Since 1865] (انگريزي ۾). Cengage Learning. ص. 504. ISBN 978-1-133-17188-1 – Google Books وسيلي.
{{cite book}}: Check|url=value (مدد) - ↑ Coteanu, Ion; ۽ ٻيا (1988). "veceu". Supliment la Dicționarul explicativ al limbii române (روماني ۾). Bucharest: Academia Română. 2025-10-25 تي حاصل ڪيل.
- ↑ "vessa". Suomen etymologinen sanakirja. Kotimaisten kielten keskuksen julkaisuja 72 (فنش ۾). Helsinki: Kotimaisten kielten keskus. 2025-10-16. سانچو:URN. اصل نسخو مان 2025-11-24 تي محفوظ ڪيل. 2025-10-25 تي حاصل ڪيل.
- ↑ Burke, Joseph (24 April 2017). [[[:سانچو:GBurl]] Fluoridated Water Controversy]. Lulu Press, Incorporated. ISBN 978-1-365-91287-0. 4 August 2017 تي حاصل ڪيل – Google Books وسيلي.
{{cite book}}: Check|url=value (مدد) - ↑ Mitchell, Piers D. (3 March 2016). [[[:سانچو:GBurl]] Sanitation, Latrines and Intestinal Parasites in Past Populations] (انگريزي ۾). Routledge. ص. 22. ISBN 978-1-317-05953-0 – Google Books وسيلي.
{{cite book}}: Check|url=value (مدد) - ↑ Wald, Chelsea (26 May 2016). "The secret history of ancient toilets" (en ۾). Nature News 533 (7604): 456–458. doi:. PMID 27225101. Bibcode: 2016Natur.533..456W. https://www.nature.com/news/the-secret-history-of-ancient-toilets-1.19960.
- ↑ Burney, Charles (19 April 2004). [[[:سانچو:GBurl]] Historical Dictionary of the Hittites] (انگريزي ۾). Scarecrow Press. ISBN 0-8108-6564-5 – Google Books وسيلي.
{{cite book}}: Check|url=value (مدد) - ↑ Yannopoulos, Stavros; Yapijakis, Christos; Kaiafa-Saropoulou, Asimina; Antoniou, George; Angelakis, Andreas N. (2017-02-14). "History of sanitation and hygiene technologies in the Hellenic world". Journal of Water, Sanitation and Hygiene for Development (IWA Publishing) 7 (2): 163–180. doi:. ISSN 2043-9083. Bibcode: 2017JWSHD...7..163Y.
- ↑ Sarah Smith, Virginia (2007), [[[:سانچو:GBurl]] Clean: a history of personal hygiene and purity], OUP Oxford, ص. 28, ISBN 978-0-19-929779-5, 30 July 2010 تي حاصل ڪيل – Google Books وسيلي
{{citation}}: Check|url=value (مدد) - ↑ Childe, V.; Paterson, J.; Thomas, Bryce (30 November 1929). "Provisional Report on the Excavations at Skara Brae, and on Finds from the 1927 and 1928 Campaigns. With a Report on Bones". Proceedings of the Society of Antiquaries of Scotland 63: 225–280. doi:. https://journals.socantscot.org/index.php/psas/article/view/7758/7726. Retrieved 6 May 2020.
- ↑ Suddath, Claire (19 November 2009). "A Brief History of Toilets". Time. Time. اصل نسخو مان 19 February 2020 تي محفوظ ڪيل. 6 May 2020 تي حاصل ڪيل.
- ↑ Mark, Joshua J. (18 October 2012). "Skara Brae". World History Encyclopedia. 6 May 2020 تي حاصل ڪيل.
- ↑ Grant, Walter G.; Childe, V. G. (1938). "A Stone-Age Settlement at the Braes of Rinyo, Rousay, Orkney. (First Report.)". Proceedings of the Society of Antiquaries of Scotland 72. http://soas.is.ed.ac.uk/index.php/psas/article/download/8098/8066. Retrieved 6 May 2020. آرڪائيو ڪيا ويا 3 October 2020 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين.
- ↑ Childe, Vere Gordon; Clarke, D. V. (1983) [1931]. [[[:سانچو:GBurl]] Skara Brae] (انگريزي ۾). UK: H.M.S.O., previously: Kegan Paul, Trench, Trubner & Company, Limited. ص. 12, 20, 28. ISBN 0-11-491755-8 – Google Books وسيلي.
{{cite book}}: Check|url=value (مدد) - ↑ Yannopoulos, Stavros; Yapijakis, Christos; Kaiafa-Saropoulou, Asimina; Antoniou, George; Angelakis, Andreas N. (2017). "History of sanitation and hygiene technologies in the Hellenic World" (en ۾). Journal of Water Sanitation and Hygiene for Development 7 (2): 163–180. doi:. ISSN 2043-9083. Bibcode: 2017JWSHD...7..163Y. https://www.academia.edu/35253971.
- ↑ "2,400-year-old flush toilet discovered in China could be one of the oldest ever". CNN (انگريزي ۾). 22 February 2023.
- ↑ "1,300-Year-Old Medieval Flush Toilet discovered in South Korea". The Archaeologist. 4 June 2026 تي حاصل ڪيل.
- ↑ "Ruins of 'advanced' public toilet uncovered at Joseon Dynasty palace in Seoul - The Korea Times". www.koreatimes.co.kr (انگريزي ۾). 8 July 2021.
- ↑ Morgan, Amber (24 February 2025). "Archaeologists Discover A 1,300-Year-Old Flush Toilet Used By A Prince In A Korean Palace". All That's Interesting. 4 June 2026 تي حاصل ڪيل.
- ↑ Kinghorn, Jonathan (1986), "A Privvie in Perfection: Sir John Harrington's Water Closet", Bath History, جلد 1, ص. 173–88, ISBN 0-86299-294-X.. Kinghorn supervised a modern reconstruction in 1981, based on the illustrated description by Harington's assistant Thomas Coombe in the New Discourse.
- 1 2 "From Charles Mackintosh's waterproof to Dolly the sheep: 43 innovations Scotland has given the world". The independent. 30 December 2016.
- ↑ Skempton, Alec; ۽ ٻيا (2002). A Biographical Dictionary of Civil Engineers in Great Britain and Ireland: Vol 1: 1500 to 1830. Thomas Telford. ISBN 0-7277-2939-X.
- ↑ Edgerton, Robert B. (2010). [[[:سانچو:GBurl]] The Fall of the Asante Empire: The Hundred-Year War For Africa's Gold Coast]. Simon and Schuster. ص. 26. ISBN 978-1-4516-0373-6 – Google Books وسيلي.
{{cite book}}: Check|url=value (مدد) - ↑ Maier, D. (1979). "Nineteenth-Century Asante Medical Practices". Comparative Studies in Society and History 21 (1): 63–81. doi:. PMID 11614369. https://archive.org/details/sim_comparative-studies-in-society-and-history_1979-01_21_1/page/63.
- 1 2 "The History of Women's Public Toilets in Britain". Historic UK. 3 April 2025 تي حاصل ڪيل.
The story in Britain starts in 1851, as the Great Exhibition show-cased the first public flushing toilet, created by George Jennings, who was a plumber from Brighton. The popularity of this invention was such that the first public lavatories opened the following year and were known as 'Public Waiting Rooms'. The vast majority of these were men's conveniences.
- 1 2 "London's long-term lav affair: A history of public toilets in the capital". BBC. 18 April 2025 تي حاصل ڪيل.
London is home to many fine and famous firsts: the first one-way street; the first commercially made jigsaw puzzle; the first sale of a banana in Britain - and the first public flush toilets
- ↑ "Story of cities #14: London's Great Stink heralds a wonder of the industrial world". The Guardian. 18 April 2025 تي حاصل ڪيل.
- ↑ "Toilet remains from 'spend a penny' exhibition uncovered in Hyde Park". The Royal Parks. 7 June 2016. اصل نسخو مان 2 February 2017 تي محفوظ ڪيل. 16 November 2016 تي حاصل ڪيل.
- ↑ Krinsky, William L. (2 March 1999), "Of Facts and Artifacts", New York Times, 2 March 2009 تي حاصل ڪيل
- ↑ Wilson, Blake (16 December 2008), "Tom the Plumber", New York Times, 2 March 2009 تي حاصل ڪيل
- ↑ "Evolution of Building Elements". اصل نسخو مان 2014-03-07 تي محفوظ ڪيل.
- 1 2 3 David J. Eveleigh, 'Twyford, Thomas William (1849–1921)', Oxford Dictionary of National Biography, Oxford University Press, May 2009; online edn, May 2011
- ↑ Matthew, H. C. G.; Harrison, Brian (2004). [[[:سانچو:GBurl]] Oxford Dictionary of National Biography: In Association with the British Academy] (انگريزي ۾). OUP Oxford. ISBN 0-19-861411-X – Google Books وسيلي.
{{cite book}}: Check|url=value (مدد) - ↑ Eveleigh, David J. (2008), Privies and Water Closets, Oxford: Shire Publications, ISBN 978-0-7478-0702-5
- 1 2 سانچو:Cite patent
- ↑ Hart-Davis, Adam, Thomas Crapper – Fact and Fiction, ExNet, 13 May 2010 تي حاصل ڪيل
{{citation}}: no-break space اکر in|title=at position 15 (مدد) - ↑ سانچو:Cite patent
- ↑ "The Dolphin toilet. Normally attributed to Edward Johns & Co of Armitage, Staffordshire, 1885-1889". Leeds City Museum (انگريزي ۾). Leeds City Council. 21 October 2023 تي حاصل ڪيل.
- ↑ Schmidt, William E. (1992-01-23). "English Bathrooms: Out of the Closet". نيو يارڪ ٽائمز. 21 October 2023 تي حاصل ڪيل.
- ↑ [[[:سانچو:GBurl]] The Pottery & Glass Trades' Journal; Volume 1, Issue 2]. J. Everett. 1878. ص. 345 – Google Books وسيلي.
{{cite book}}: Check|url=value (مدد) - ↑ "Antique Loo's from the Thomas Crapper Company Collection". jldr.com. 21 October 2023 تي حاصل ڪيل.
- ↑ Edward Johns & Co Ltd (1939-03-14). "GB528110A - Improvements in water closet basins". Google Patents (انگريزي ۾). 21 October 2023 تي حاصل ڪيل.
23 October 1940
- ↑ "A Brief History of The Flush Toilet". برٽش ايسوسيئيشن آف يورولوجيڪل سرجنز. 21 October 2023 تي حاصل ڪيل.
- ↑ "HISTORY OF MODERN FLUSH TOILETS!". surfacesreporter.com. 5 April 2017. 21 October 2023 تي حاصل ڪيل.
- ↑ "Bataviaasch Handelsblad, 15 November 1872". Bataviaasch Handelsblad. 15 November 1872. 28 December 2022 تي حاصل ڪيل.
- ↑ Mario Theriault, Great Maritime Inventions 1833–1950, Goose Lane Editions, 2001, p. 34.
- 1 2 Tilley, Elizabeth; Ulrich, Lukas; Lüthi, Christoph; Reymond, Philippe; Zurbrügg, Chris (2014). Compendium of Sanitation Systems and Technologies (2nd ڇاپو). Duebendorf, Switzerland: Swiss Federal Institute of Aquatic Science and Technology (Eawag). ISBN 978-3-906484-57-0.
- ↑ McMahon, Mary (2024-05-17). "What are Vacuum Toilets?". About Mechanics. اصل نسخو مان 2025-09-24 تي محفوظ ڪيل. 2025-09-24 تي حاصل ڪيل.
- ↑ "How does the toilet in a commercial airliner work?". HowStuffWorks (انگريزي ۾). 1 April 2000.
- ↑ "Is the British loo down the pan?". BBC News. 27 May 2018 تي حاصل ڪيل.
- 1 2 "The Water Supply (Water Fittings) Regulations 1999". legislation.gov.uk (انگريزي ۾). 29 September 2020 تي حاصل ڪيل.
- ↑ "What Toilet Flapper Size Do I Need?". www.korky.com.
- ↑ Waterwise Team (2020-10-06). "Waterwise Leaky Loo Position Statement (October 2020)". Waterwise.
- ↑ Whewell, Rob (2016). [[[:سانچو:GBurl]] Supply Chain in the Pharmaceutical Industry: Strategic Influences and Supply Chain Responses]. CRC Press. ISBN 978-1-317-04833-6.
{{cite book}}: Check|url=value (مدد) - ↑ "Pressure-Assist Technology: How It Works, Where It's Used". www.pmengineer.com.
- ↑ "Exploding Toilet Warning".
- ↑ "EcoNeves Waterflush cistern (Tip Bucket)". www.waterflush.fr/en/.
- ↑ سانچو:Cite patent
- ↑ "Plumbing Repair Lexington and Columbia SC". Freedom Plumbing, Inc. (انگريزي ۾). 2026-05-17 تي حاصل ڪيل.
- ↑ Hyden, Stacey M. (17 August 2018), American Standard H2Option Siphonic Toilet Review, Toilet Reviews, 27 May 2019 تي حاصل ڪيل
- ↑ "Swansea University puts up toilet instruction posters". BBC News.
- ↑ ""Never Do It At The Station" by Ian Wallace". Playlists.net. 19 May 2015 تي حاصل ڪيل.
- ↑ "Use of brick or water bottle for water conservation". Thedailygreen.com. 1 May 2008. اصل نسخو مان 5 February 2014 تي محفوظ ڪيل. 18 November 2011 تي حاصل ڪيل.
- ↑ "42 U.S.C. sec 6295(k)(1)(A)". Codes.lp.findlaw.com. 18 November 2011 تي حاصل ڪيل.
- ↑ Perman, Stacy (3 April 2000), "Psst! Wanna Buy An Illegal Toilet?", Time, Windsor, Ontario, اصل نسخو مان 1 December 2008 تي محفوظ ڪيل
- 1 2 "Testing of Popular Toilet Models by Veritec Consulting". Veritec.ca. 18 November 2011 تي حاصل ڪيل.
- ↑ "Low-flow revolution: As water concerns rise, toilet makers meeting the challenge", Lacrosse Tribune, 26 November 2007; accessed 3 January 2009
- ↑ Fleishman, Sandy (5 September 1999). "Mich. Congressman offers measure to flush low-flow toilet laws". Sunday Gazette. Washington Post. ص. D3.
- ↑ "Low-Flow Toilets All Wet, Some Lawmakers Say". Los Angeles Times. Washington. Associated Press. 28 July 1999.
- ↑ ٿيمز واٽر، بندشن کان بچڻ لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ، رسائي 5 فيبروري 2026ع.
- ↑ يارڪشائر واٽر، What's blocking your pipes نالي پمفليٽ.
- ↑ Sandbeck, Ellen (2007). [[[:سانچو:GBurl]] Organic Housekeeping: In Which the Non-Toxic Avenger Shows You How to Improve Your Health and That of Your Family, While You Save Time, Money, and, Perhaps, Your Sanity] (انگريزي ۾). Simon and Schuster. ISBN 978-1-4165-9570-0 – Google Books وسيلي.
{{cite book}}: Check|url=value (مدد) - ↑ Barker, J.; Jones, M.V. (2005). "The potential spread of infection caused by aerosol contamination of surfaces after flushing a domestic toilet". Journal of Applied Microbiology 99 (2): 339–47. doi:. ISSN 1364-5072. PMID 16033465. https://archive.org/details/sim_journal-of-applied-microbiology_2005_99_2/page/339.
- ↑ Widdowson, Marc-Alain; Glass, Roger; Monroe, Steve; Beard, R. Suzanne; Bateman, John W.; Lurie, Perrianne; Johnson, Caroline (20 April 2005). "Probable transmission of norovirus on an airplane". JAMA 293 (15): 1859–60. doi:. ISSN 1538-3598. PMID 15840859. https://archive.org/details/sim_jama_2005-04-20_293_15/page/1859.
- ↑ Ho, Mei-Shang; Monroe, Stephan S.; Stine, Sarah; Cubitt, David; Glass, Roger I.; Madore, H. Paul; Pinsky, Paul F.; Ashley, Charles et al. (21 October 1989). "Viral Gastroenteritis Aboard a Cruise Ship" (en ۾). The Lancet 334 (8669): 961–65. doi:. ISSN 0140-6736. PMID 2571872.
- ↑ "Outbreak of Severe Acute Respiratory Syndrome (SARS) at Amoy Gardens, Kowloon Bay, Hong Kong: Main Findings of the Investigation" (PDF). Hong Kong Special Administrative Region Department of Health. 29 March 2011. محفوظ ڪيل (PDF) مان اصل نسخي کان 20 April 2017 تي محفوظ ڪيل.
- 1 2 Johnson, David L.; Mead, Kenneth R.; Lynch, Robert A.; Hirst, Deborah V.L. (March 2013). "Lifting the lid on toilet plume aerosol: A literature review with suggestions for future research". American Journal of Infection Control 41 (3): 254–58. doi:. PMID 23040490. PMC 4692156. https://archive.org/details/sim_american-journal-of-infection-control_2013-03_41_3/page/254.
- ↑ Jones, R. M.; Brosseau, L. M. (May 2015). "Aerosol transmission of infectious disease". Journal of Occupational and Environmental Medicine 57 (5): 501–08. doi:. PMID 25816216. Bibcode: 2015JOEM...57..501J.
- ↑ Best, E.L.; Sandoe, J.a.T.; Wilcox, M.H. (1 January 2012). "Potential for aerosolization of Clostridium difficile after flushing toilets: the role of toilet lids in reducing environmental contamination risk". The Journal of Hospital Infection 80 (1): 1–5. doi:. ISSN 1532-2939. PMID 22137761.
- ↑ Harrison, T. P. (1982). Industrial Ceramics: Materials and Formulations. London: Academic Press.
- ↑ Bennett, R. & Green, J. (1995). Silicate Raw Materials in the Potteries. Stoke-on-Trent: Ceramic Publishing House.
- ↑ Walsh, D. M. (2004). The Mechanics of Slip Casting. Oxford: Engineering Materials Press.
- ↑ Lynch, S. (2011). Modern Sanitaryware Production Techniques. Manchester: Industrial Arts Journal.
- ↑ Dixon, H. (1998). Thermal Dynamics in Ceramic Drying. Birmingham: Technical Science Publications.
- ↑ Peterson, L. G. (2007). Surface Coatings and Glaze Chemistry. Edinburgh: Applied Science Monographs.
- ↑ Carter, B. & Smith, P. (2015). Sanitation and the Ceramic Industry. London: Hygiene Press.
- ↑ Roberts, F. (1990). Tunnel Kiln Operations and Vitrification. Sheffield: Glass and Ceramic Society.
- ↑ Thorne, K. (2019). The Physics of Firing Ceramics. Cambridge: Material Science Press.
- ↑ "Tucson lawmaker wants tax credits for water-conserving toilet". Cronkite News Service. 18 January 2008. 12 March 2008 تي حاصل ڪيل.
- ↑ Seawater flushing to be extended to more Hong Kong toilets next year, South China Morning Post, 3 April 2014.
- ↑ "Phenomena Coriolis". The Oikofuge, 2015–2022. 25 January 2017. 2022-12-15 تي حاصل ڪيل.
- ↑ "Do bathtubs drain counterclockwise in the Northern Hemisphere?", The Straight Dope, 15 April 1983.
- ↑ Anmol, Salim Khan (2020-12-03). [[[:سانچو:GBurl]] Slangs Dictionary of Unconventional English] (انگريزي ۾). Sakha Global Books (Sakha Books). ص. 166 – Google Books وسيلي.
{{cite book}}: Check|url=value (مدد) - ↑ Praeger, Dave (2009-05-01). [[[:سانچو:GBurl]] Poop Culture: How America Is Shaped by Its Grossest National Product] (انگريزي ۾). Feral House. ص. 78. ISBN 978-1-932595-62-8 – Google Books وسيلي.
{{cite book}}: Check|url=value (مدد)
ٻاهريان ڳنڍڻا
[سنواريو]
وڪيميڊيا العام تي Flush toilets بابت زمرا
- مضمون with short description
- Short description is different from Wikidata
- اڻ تصديق ٿيل دعوائن وارا مضمون
- اڻ تصديق ٿيل دعوائن وارا مضمون from August 2021
- Articles with invalid date parameter in template
- CS1 روماني-language sources (ro)
- CS1 فنش-language sources (fi)
- CS1 errors: URL
- CS1 انگريزي-language sources (en)
- اڻ تصديق ٿيل دعوائن وارا مضمون from October 2023
- CS1 errors: invisible characters
- اڻ تصديق ٿيل دعوائن وارا مضمون from November 2019
- مضمون جن ۾ ذريعن جي کوٽ آھي from October 2015
- اڻ تصديق ٿيل دعوائن وارا مضمون from January 2020
- اڻ تصديق ٿيل دعوائن وارا مضمون from March 2015
- اڻ تصديق ٿيل دعوائن وارا مضمون from August 2019
- اڻ تصديق ٿيل دعوائن وارا مضمون from December 2018
- اڻ تصديق ٿيل دعوائن وارا مضمون from October 2016
- غسل خانا
- برطانوي ايجادون
- سورهين صدي جون ايجادون