فقير الھڏنو ماڇي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

الهڏنو فقير ماڇي، سگهڙ، شاعر ۽ ڳائڻو ٿي گذريو آهي. الهڏنو فقير جيئندي ماڇيءَ جو پٽ هو ۽ موجوده سنجهوري تعلقي جي ڳوٺ جعفر خان لغاريءَ ۾ 1880ع ڌاري ڄائو هو. کيس ننڍي هوندي کان ئي ڳائڻ جو شوق هو. -ان- وقت -پير حسن- بخش شاهه ڊٺڙي واري بزرگ ۽ شاعر سان هن جي ڏيٺ ويٺ ٿي، جنهن کيس پنهنجي مريدن ۾ شامل ڪيو. -ان- وقت کان وٺي الهڏنو فقير يڪتاري تي پير حسن بخش شاهه ۽ ٻين صوفي شاعرن جون ڪافيون چوڻ لڳو، -پير حسن- بخش شاهه جي وفات کان پوءِ کاڻي راڄڙ جي رهاڪو عوامي شاعر منٺار فقير راڄڙ جي صحبت ۽ شاگردي اختيار ڪيائين. -ان- وقت الهڏنو فقير پنهنجون ڪافيون ٺاهي پڻ ڳائڻ لڳو. 1925ع ڌاري الهڏني فقير پنهنجي ٻالڪن جي ٻاري يا ٽولي ٺاهي، کين جاما پارايا ۽ يڪتاري، دلي ۽ ڏنڊي جي وڄت تي ڳائڻ لڳا. ڊاڪٽر -بلوچ- صاحب پنهنجي ڪتاب ”-اسان جو ڳوٺ- جعفر لغاري“ ۾ لکي ٿو ته الهڏنو فقير لسيون ڪافيون چوندو هو، پر سر -تار- سان ڳائيندو هو، شروع ۾ راڳڻي ڪري، تارَ چِڪائي، ڀريي مان مصرع کڻندو هو ۽ وچ ۾ -بيت- هميشه مصراعن جي موضوعن مواقف ڏيندو هو. انهيءَ رمز ۾ هو ٻين کان وڌيڪ هو. الهڏنو فقير هر هاري هو، پر لکڻ پڙهڻ سکي ڪافيون ڪلام سهڻي صورتخطيءَ ۾ لکندو هو. هن 1940ع کان وٺي ڪافيون جوڙڻ شروع ڪيائين، 1000 کان وڌيڪ ڪافيون ٺاهيائين. الهڏني فقير 7 مئي 1962ع ۾ ڳوٺ جعفر خان لغاريءَ ۾ وفات ڪئي، تعلقي کپري جي ڳوٺ کاڻي راڄڙ ۾ پنهنجي دوست منٺار فقير راڄڙ جي مقام ۾ مدفون ٿيو.[1]

حوالا[سنواريو]