فقير الھڏنو خاصخيلي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

فقير -الهڏنو خاصخيلي- ولد محمد علي خاصخيلي 1952ع ڌاري، ڳوٺ ڌڻي بخش خاصخيلي، لڳ -پاڪ سنگهار-، تعلقي ٽنڊي الهيار ۾ ڄائو. پرائمري تائين -تعليم- حاصل ڪري، ننڍي هوندي کان ئي ڳائڻ شروع ڪيائين. 1965ع ۾ فقير طالب حسين جسڪاڻيءَ جي شاگرديءَ ۾ اچي راڳ سکڻ لڳو. 1994ع ڌاري ريڊيو -پاڪستان- حيدرآباد -تان- ڳائڻ جي شروعات ڪيائين. راڳ تي مهارت سبب، ريڊيو -پاڪستان- پاران، 1995ع ۾ کيس فضل فقير سان سُنگ جي صورت ۾ ڳائڻ لاءِ -برطانيا- جي دؤري تي موڪليو ويو، -جتي- کيس سٺي مڃتا ملي. -ٽيليويزن- تي به سنگ جي صورت ۾ ڪيترائي پروگرام ڪري چڪو آهي. سنڌ جي وڏن وڏن ميلن ۾ ڳائي چڪو آهي. سندس پٽ ذوالفقار علي خاصخيليءَ جو هڪ آڊيو البم پڻ مارڪيٽ ۾ اچي چڪو آهي. سندس ٻيو پٽ ديدار علي خاصخيلي، نئين ٽهيءَ جي شاعرن ۾ شمار ٿئي ٿو.[1]

حوالا[سنواريو]