فقير آلو سائين

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

آلو فقير: آلو فقير نالي بزرگ ذات جو چانڊيو هو ۽ مشهور بزرگ عبدالله شاه گودڙئي جو پوئلڳ ۽ پنهنجي وقت جو سخي ۽ سپهه سالار ٿي گذريو آهي. سلطان غياث الدين بلبن جي وفات کان پوءِ جڏهن سندس پوٽو 689ھ/ 1290ع ۾ تخت تي ويٺو ۽ سندس حڪومتي دور ۾ ملڪ اندر افراتفريءَ جو ماحول وڌي ويو ۽ لاقانونيت کي هٿي ملي، تڏهن مرزاڻي قبيلي جي ماڻهن حمل خان مرزاڻي چانڊئي جو مال اچي ڦريو، ڦريل مال واپس ڪرائڻ لاءِ ٻين چانڊين سان گڏ هي درويش به ساڻن ويو. ٻنهي قبيلن وچ ۾ جنگ لڳي، جنهن ۾ ٻين ڪيترن ماڻهن سان گڏ هيءُ به قتل ٿي ويو. آلو فقير کي 7 رجب 691ھ مطابق 1292ع تي اتي ئي جنگ جي ميدان ۾ دفن ڪيو ويو.[1]

حوالا[سنواريو]

  1. "آلو فقير : (Sindhianaسنڌيانا)". www.encyclopediasindhiana.org (ٻولي ۾ Sindhi). حاصل ڪيل 2023-04-05.